Saturday, March 29, 2014

لاڙڪاڻي بعد حيدرآباد ۾ مندر کي باهه، هندو برادري جو ڌرڻو، ايس ايڇ او معطل

لاڙڪاڻي بعد حيدرآباد ۾ مندر کي باهه، هندو برادري جو ڌرڻو، ايس ايڇ او معطل


حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي حد فتح چوڪ وٽ 6 سئوکان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ميگهواڙ برادري جي ڪالي ماتا ڪالوني ۾ قائم تاريخي هنومان جي مندر وٽ ڪالهه صبح جو 6 کان 7 وڳي دوران هڪ سلور رنگ جي ڪرولا بنا نمبر پليٽ جي ڪار ۾ سوار 4 نامعلوم انتهاپسند هٿيار ساڻ  ڪري پهتا، جن مندر ۾ داخل ٿي مندر ۾موجود مورتي کي ڊاهي ٽوڙ ڦوڙ ڪري گاسليٽ هاري مندر کي باهه ڏني ۽ فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هندو برادري جا سوين ماڻهو پنهنجي مقدس عبادتگاهه وٽ جمع ٿي ويا، جن حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهري ۾ شامل هندو برادري جي سوين ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن پنهنجي عبادتگاهه جي بيحرمتي ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان حوالي سان هندو برداري جي ماڻهن ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڄاڻايل مندر صبح 5 وڳي کان کلندو آهي، جنهن ۾هندو برداري جا ماڻهو صبح جو عبادت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن گهرن کان پورهيو ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آهن. هنن چيو ته صبح 6 کان 7 وڳي دوران ڪار ۾ سوار ماڻهو مندر ۾ داخل ٿيا ۽ مندر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري هنومان جي مورتي کي ڪيرائي گاسليٽ هاري مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا. هنن چيو ته مندر کي باهه ڏيندڙ ماڻهن کي ڏسندڙ نينگر درشن کي هٿياربند انتهاپسندن رڙيون ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ هو آساني سان فرار ٿي ويا. هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، مقدس جاين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، مقدس جاءِ کي ساڙڻ وارا انسان ناهن، ڌرم سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري ڪريل حرڪت ڪئي وئي آهي، اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پڻ واقعي واري هنڌ مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد جي ڊي سي محمد نواز سوهو پهچي هندو برداري جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرايو. پوليس واقعي جو ڪيس 36-2014، ايف آءِ آر نمبر 298، 436 پي پي سي تحت ڪرشن ڪمار جي فرياد تي ٽن نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سائيٽ عبدالله ڀٽو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ۽ پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر  لعل چند اڪراڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پ پ اڳواڻ علي محمد سهتو، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري ۽ ايس اين پي چيئرمين اشرف نوناري سميت ايس ٽي پي ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پڻ واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي مذمت ڪندي هندو برداري جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
ڪالوني جي ڪالي ماتا مندر جي ميلي کان 15 ڏينهن اڳ حملو
حيدرآباد: ڪالي ماتا مندر تي ساليانو هڪ ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ مان وڏي پئماني تي هندو برادري جا ماڻهو ايندا آهن. هن سال اهو ميلو 13 اپريل تي رٿيل آهي. ميلي کان 15 ڏينهن اڳ شرپسندن پاران هنومان مندر تي حملو ڪرڻ ۽ هنومان جي مورتي جي بيحرمتي ڪري ٽوڙڻ ۽ مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي بعد هندو برادري ۾ خوف ۽ حراس سميت سخت تاءُ پڻ پکڙيل آهي.
ڪالي ماتا ڪالوني ۾ 5 تاريخي مندر، 600 گهر
حيدرآباد: حيدرآباد جي فتح چوڪ وٽ 600 گهرن کان وڌيڪ ميگهواڙ برداري جي ماڻهن جي آبادي ۾ 5 تاريخي مندر قائم ٿيل آهن، جن ۾ ڪالي ماتا، شو شنڪر، بجرنگ بلي، ڀيروناٿ ۽ هنومان جو مندر شامل آهن، جن مان سڀ کان وڏو ڪالي ماتا جومندر آهي، واضح رهي ته هنومان جي مندر کانسواءِ باقي سمورا مندر وچ آبادي ۾ آهن، انهن مندرن تائين شرپسندن جي رسائي ممڪن نه هئي، تنهن ڪري آبادي جي ٻاهرئين پاسي واري رستي تي موجود هنومان جي مندر کي ٽارگيٽ بڻايو ويو.
مندر کوليندڙ نينگر کي حملو ڪندڙن پستول تاڻي خاموش ڪرايو
حيدرآباد: مندر صبح 5 وڳي کان کلندو آهي، مندر کي کوليندڙ ۽ بند ڪندڙ 14 ورهين جو نينگر درشن آهي، جيڪو پنهنجي پيءُ سان گڏ مندر جي ڀرسان هڪ پرچون جو دڪان پڻ هلائيندو آهي، جنهن شرپسندن کي اهڙي ڪارروائي ڪندي ڏٺو، جنهن کانپوءِ شرپسندن سندس لوندڙي تي پسٽل رکي کيس خاموش ڪرايو.
ڀٽائي به ڪالي ماتا مندر تي حاضري ڀري چڪو
حيدرآباد: ڪالي ماتا جو مندر فتح چوڪ ويجهو ڪالي ماتا جي نالي سان قائم ٿيل ڪالوني ۾ واقع آهي، هي قديمي مندر سوين سالن جي تاريخ رکي ٿو. ڪالي ماتا ڪالوني جي جهونن رهواسين چواڻي ته سنڌ جو عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به سفر دوران ڪالي ماتا جي مندر تي حاضري ڀري هئي.
حملي خلاف حيدرآباد ۽ چمبڙ ۾ مظاهرا
حيدرآباد/چمبڙ (رپورٽر+ن ع آ) حيدرآباد ۾ مندر تي حملي، ڀڃ ڊاھه ۽ مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي خلاف سنڌ مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ هندو برداري جي ماڻهن پاران ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي دوران مظاهرين مندر تي حملي، ڀڄ ڊاھه، مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي سميت مذهبي انتها پسندي خلاف سخت نعري بازي ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مندر تي حملي ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي ڪرمچند، پريتم داس ۽ ٻين چيو ته گذريل گهڻي عرصي کان سنڌ سميت ملڪ ۾ رهندڙ هندو ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن، عبادت گاهن ۽ روزگار جي وسيلن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت پاران واقعن جي مذمت ڪرڻ کان وڌيڪ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن.. هوڏانهن چمبڙ شهر ۾ جسقم ۽ هندو پنچائت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سوين هندو برادري جي ماڻهن ۽ جسقم ڪارڪنن احمد مڱڻهار، هادي بخش مڱڻهار، هيرالال، گيانچند سنڌي، چتن ڪمار، گلاب ڀيل ۽ ٻين شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.
حملي جي پاڻ جاچ پيو ڪريان: ڪمشنر
ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: ڊي آءِ جي
حيدرآباد: ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪمشنر حيدرآباد سيد جمال مصطفيٰ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ٿيو آهي، ڊي سي حيدرآباد محمد نواز سوهي کي معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته حملي جي پاڻ جاچ ڪري رهيو آهيان، واقعي واري هنڌ وڃي متاثر ٿيل مندر جو معائنو ڪيو آهي ۽ هندو برادري کي يقين ڏياريو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو جلد پتو لڳائي انهن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُالله عباسي چيو ته مندر جي تحفظ لاءِ پوليس چوڪي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حيدرآباد  ۾ سمورن مندرن جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ، عوام جي جان، مال ۽ مذهبي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن کي به ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.
بلاول ۽ وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، مندرن ۽ گرجا گهرن تي نفري وڌائڻ جو فيصلو
ڪراچي: پيپلز پارٽي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ۾ مندر جي بيحرمتي جو سخت نوٽيس وٺندي حيدرآباد جي ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي جاين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪن ۽ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير تعلقي انتظاميا کان 24 ڪلاڪن اندر مڪمل ۽ تفصيلي رپورٽ به طلب ڪئي آهي. وڏي وزير سڀني ضلعن جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي  آهي ته اهي چوڪس رهن ۽ پنهنجي انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي وڌيڪ فعال ڪن ۽ هن سنگين ڏوهه ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ڪن، جيڪي صوبي ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ امن آشتي جي ڌرتي آهي. نفرتون پکيڙيندڙ انسانيت جا دشمن آهن. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد مندر واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن جو تحفظ هر ممڪن يقيني بڻائيندي ۽ انهن سان ڪا به زيادتي برداشت نه ڪئي  ويندي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ته فوري طور تي حيدرآباد مندر واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ مندر تي ٿيل شرپسندن جي حملي کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد محمد نواز سوهو جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هندو پنچائت جي چيئرمين ايم پرڪاش ميتاڻي، ڊي ايس پي سائيٽ سڪندر علي ڪورائي، اي ڊي سي ون غلام مرتضيٰ ميمڻ، اي سي لطيف آباد عطاا لله نهڙيو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي محمد نواز سوهو چيو ته انتظاميا، پوليس ۽ عوام جو اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رهندو، هندو برادري جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر فرد کي اڳيان اچي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امن امان ۽ ڀائيچاري واري فضا کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڪجهه دهشتگرد امن امان کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن جي اهڙن منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين. هن چيو ته حيدرآباد ۾ مندرن، گرجا گهرن ۽ اقليتن جي عبادتگاهن ٻاهران اڃا به وڌيڪ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي وردي ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.
انتهاپسندي جي لهر سنڌ جي قومي جدوجهد کي نقصان پئي پهچائي: سنڌ پروگريسو ڪميٽي
ڪراچي (پ ر) : سنڌ پروگريسو ڪميٽي ءَ جي هڪ اهم گڏجاڻي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي آفس سنڌ سينٽر تي سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري ـ گڏجاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان عبدالخالق جوڻيجو ، علي محمد مستوئي ۽ اياز هڪڙو، عوامي ورڪرس پارٽي پاران يوسف مستي خان ، بخشل ٿلهو ۽ شاهه نور جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي طرفان امداد قاضي ۽ ڪامريڊ رشيد شريڪ ٿيا.گڏجاڻي سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ طرفان گذريل ڇهن مهينن کا مذهبي بنياد پرستيءَ خلاف هلايل مهم ۽ “ مذهبي رواداري ۽ سنڌ “  جي عنوان تحت ٿيندڙ ڪانفرنسن جو جائزو وٺندي چيو ويو ته مذهبي انتها پسندي جي وڌندڙ لهر نه رڳو سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي نقصان پهچائي رهي آهي پر اها سنڌ جي سيڪيولر سماج ۽ تاريخي شناخت لاءِ پڻ خطرو بڻجندي پئي وڃي ان ڪري فيصلو ڪيو ويو ته ان مهم کي وڌيڪ اثرائتي نموني اڳتي وڌائجي ۽ سول سوسائٽي سان گڏ ٻين سيڪيولر سياسي پارٽين کي پڻ وڌيڪ ملوث ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺجن.
سنڌ حڪومت مندرن تي حملن ۾ ملوث جوابدار ن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري: کيئلداس
ڪراچي: پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي اڳواڻ کيئلداس ڪوهستانيءَ حيدرآباد ۾ مندر تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه عرصي کان هڪ سازش هيٺ لڳاتار مندرن تي حملا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت حملن ۾ ملوث جوابدار ن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري. هن چيو ته هن ان معاملي کان وفاقي سرڪار کي به آگاهي ڏني آهي، هن چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ سازشي ٽولو اهڙو شازشون ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جا هندو پنهنجي اتحاد وسيلي ماتر ڀوميءَ خلاف سازشن کي ناڪام بڻائيندا.

عوامي آواز جي ويب سائيٽ تان ورتل خبرون
---------------------------------------------------------------
حيدرآباد ۾ مندر تي حملو، ڀڃ ڊاهه، پيٽرول هاري باهه، بلاول نوٽيس ورتو، ڊيس ايس پي ۽ ايس ايڇ او معطل
حيدرآباد(ڪاوش نيوز) حيدرآباد ۾ مندر تي حملو، ڀڃ ڊاهه، پيٽرول هاري باهه، بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او معطل، ڊي سي ۽ ٻيا عملدار پهتا، اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري، انهي سلسلي ۾حيدرآباد جي سائيٽ ايريا واري علائقي فتح چوڪ ڀرسان هڪ ڪار ۾ سوار هٿياربند ڪالي ماتا ڪالوني ۾ پوڄا بهاني هنو مان مندر ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد مندر اندر پيٽرول هاري باهه ڏئي فرار ٿي ويا، ڀڃ ڊاهه سبب مندر ۾ رکيل مورتين ۽ مندر کي نقصان پهتو، واقعي بعد جوابدار ڪار ۾ فرار ٿي ويا، اطلاع تي علائقي واسي هندو برادري جي هڪ وڏي انگ واقعي خلاف احتجاج ڪندي ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا، اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، اي ڊي او جي حيدرآباد ۽ ٻيا اعليٰ انتظاميا جا عملدار موقعي تي پهچي ويا، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري کين تحفظ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ اقليتن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊي ايس پي سائيٽ سڪندر ڪورائي کي معطل، ايس ايڇ او سائيٽ عبدالله ڀٽو کي ريورٽ ۽ معطل ڪري ضلعي بدر ڪندي سندس بدلي سجاول ڪري ڇڏي آهي، ٻئي پاسي سائيٽ پوليس مندر ڪاميٽي جي عهديدار ڪرشن ڪمار ميگهواڙ جي رپورٽ تي واقعي بابت قلم 6/7 اي ٽي اي، 295 اي، 436 ۽ 34 پي پي سي هيٺ نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آءِ آر نمبر 36/14 داخل ڪري ورتي آهي، هوڏانهن پيپلز پارٽي جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد مندر واري واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، بلاول چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن جو تحفظ هر ممڪن يقيني بڻائيندي ۽ انهن سان ڪا به زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، هن وزير اعليٰ سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو ته فوري طور تي حيدرآباد مندر واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي طرف وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ڊي سي حيدرآباد کي ضلعي ۾ اقليتن جي مذهبي جاين جي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته تعلقي انتظاميا کان 24 ڪلاڪن اندر واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، سرڪاري پڌرائي ۾ وڏي وزير چيو آهي ته جيڪي صوبي ۾ مذهبي ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا انهن عنصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي، سنڌ امن واري ڌرتي آهي جيڪي عنصر نفرتون پکيڙڻ چاهين ٿا اُهي انسانيت جا دشمن آهن، ٻئي طرف اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي حيدرآباد ۾ مندر تي حملي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صوبائي وزير ڊي آءِ جي حيدرآباد سان فون تي رابطو ڪري مندر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ٻئي طرف ڊي سي حيدرآباد مندر تي حملي واري واقعي کانپوءِ هندو برادري جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ محمد نواز سوهو کين مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اقليتن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون، جنهن علائقي ۾ هي واقعو ٿيو آهي اتان جا رهواسي پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ پر امن شهري آهن، گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هندو پنچائت جو چيئرمين ايم پرڪاش ميتاڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني حيدرآباد ۾ مندر تي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام وئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ ٿوري عرصي اندر هندن جي عبادتگاهن تي هي ٽيون حملو آهي، پر حڪومت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، نه ئي سنڌ ۾ هندن جي عبادتگاهن تي سيڪيورٽي جا ڪي قدم کنيا ويا آهن، هوڏانهن واقعي خلاف چمبڙ ۾ هندو اتحاد ۽ جسقم پاران هير لال، گلاب ڀيل، احمد مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
---------------------------------------------------------------

حيدرآباد جي تاريخي مندر تي حملو، هنومان جي مورتي ٽوڙي وئي، ڪمري کي باهه، احتجاج
حيدرآباد (عبرت اخبار) شر پسند انتهاپسندن حيدرآباد جي  تاريخي مندر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ بعد مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، هندو برداري جي سوين ماڻهن ۽ ايس اين پي پاران انتهاپسندن پاران ڪيل اهڙي ڪريل حرڪت خلاف حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ فتح چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس سائيٽ ٿاڻي تي ٽن نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل.24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايس اين پي پاران هندو برادريءَ سان گڏجي فتح چوڪ تي ڌرڻو هڻي حيدرآباد ٽنڊو محمد خان ۽ ميرپور خاص روڊ بند ڪرڻ جو چتاءُ. حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي حد فتح چوڪ وٽ 6 سئوکان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ميگهواڙ برادري جي ڪالي ماتا ڪالوني ۾ قائم تاريخي هنومان جي مندر وٽ ڪالهه صبح جو 7 وڳي هڪ بنا نمبر پليٽ جي  سلور رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ سوار 4 نامعلوم انتهاپسند اردو ڳالهائيندڙ عبادت جي بهاني سان مندر ۾ داخل ٿي پهرين اگر بتيون کڻي عبادت جو ڍونگ ڪيو، جنهن بعد مندر ۾موجود هنومان جي  مورتي جي بيحرمتي ڪرڻ بعد ان کي ڊاهڻ سميت مندر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري هنومان جي مورتيءَ تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن ڪري مندر جو اندريون حصو پڻ سڙي ويو. شرپسند اهڙي ڪار روائيءَ بعد فرار ٿي ويا، اهڙي خبر پوڻ جنهن کانپوءِ هندو برادري جا سوين ماڻهو پنهنجي مقدس عبادتگاهه وٽ جمع ٿي ويا، جن حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايس اين پي جا ڪارڪن پڻ وڏي تعداد ۾ اشرف نوناري جي اڳواڻيءَ ۾ هندو براديءَ جي مظاهري ۾ يڪجهتي طور شامل ٿيا، مظاهري ۾ هندو برادري جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن پنهنجي عبادتگاهه جي بيحرمتي ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان حوالي سان هندو برداري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڄاڻايل مندر صبح 5 وڳي کان کلندو آهي، جنهن ۾هندو برداري جا ماڻهو صبح جو عبادت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن گهرن کان پورهيو ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آهن. هنن چيو ته صبح تقريبن 7 وڳي ڌاري هڪ بنان نمبر پليٽ جي سلور رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ سوار 4  ماڻهو آيا جن مان 3 ماڻهو لهي  مندر ۾ داخل ٿيا ۽ مندر پهرين عبادت جو بهانو ڪري اگر بتيون باريون ۽ بعد ۾  ٽوڙ ڦوڙ ڪري هنومان جي مورتي جي بيحرمتي ڪري گاسليٽ هاري مورتي ۽ مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا. هنن چيو ته مندر کي باهه ڏيندڙ ماڻهن کي ڏسندڙ نينگر درشن کي شرپسندن لوندڙيءَ تي پستول رکي خاموش ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. هنن چيو ته ساڻن وڏو ظلم ٿيو آهي، سندن مقدس جاين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سندن مقدس جاءِ کي ساڙڻ وارا انسان ناهن، سندن ڌرم سان چيڙ ڇاڙ ڪري ڪريل حرڪت ڪئي وئي آهي، اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ رينجرس جا وڏا اٽالا پڻ واقعي واري هنڌ مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد جي ڊي سي محمد نواز سوهو پهچي هندو برداري جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرايو. پوليس واقعي جو ڪيس 36-2014، ايف آءِ آر نمبر 298، 436 پي پي سي تحت رهواسي ڪرشن ڪمار جي فرياد تي ٽن نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سائيٽ عبدالله ڀٽو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ علي محمد سهتو، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، هندو پنچائت جي ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي  سميت ايس ٽي پي ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پڻ واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي مذمت ڪندي هندو برداري جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ايس اين پي چيئرمين اشرف نوناري چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ۽ اتي مستقل چوڪي قائم نه ڪئي وئي ته هندو برادريءَ سان گڏجي فتح چوڪ تي وڏو ڌرڻو هڻي حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان ۽ ميرپور خاص روڊ بلاڪ ڪيو  ويندو.
بلاول ڀٽو پاران مندر تي حملي جي فوري جاچ جو حڪم
حيدرآباد: مندر جي پوڄاري ساجن ڀڳت چيو ته ڪجهه شرپسند انتها پسندن مندر تي ڪيل حملو انتهائي شرمناڪ عمل آهي، هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڪنهن کي ڪا تڪليف نه ڏني آهي هتي سدائين مسلمان ۽ هندو پاڻ ۾ ڀائرن جيان رهن ٿا، هن چيو لاڙڪاڻي وارو واقعو اڃا تازوئي آهي ته مٿان هي واقعو ڪري هندو برادريءَ کي خوفزده ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان ڊي سي، ڊي آءِ جي ۽ ضلعي جي ٻئي انتظاميا کي چيو آهي ته تحقيقات ڪري جوابدار ڪرفتار ڪرڻ سميت هتي مستقل پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي ۽ 13 اپريل تي ٿيندڙ ميلي جي مڪمل سيڪيورٽي ڏني وڃي.

---------------------------------------------------------------
حيدرآباد ۾ قديمي مندر تي حملو، ڀڃ ڊاهه ۽ باهه، هندو برادري جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او معطل

حيدرآباد(سوڀ اخبار) سنڌ سرڪار جي سخت هدايتن باوجود انتظاميا حيدرآباد ۾ هندن جي مذهبي عبادتگاهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام، اڻڄاتل انتهاپسندن جو قديمي تاريخي ڪالي ماتا مندر تي حملو، هنومان جي مندر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، واقعي خلاف ايس اين پي ۽ هندو برادري جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ٽائرن کي باهيون، پوليس ۽ رينجرس جي اٽالن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڊي آءِ جي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺندي حد جي ايس ايڇ او کي هٽائي ڇڏيو، واقعي کانپوءِ ڪالي ماتا مندر جي تحفظ لاءِ پوليس پڪٽ قائم. تفصيل موجب حيدرآباد جي سائيٽ ٿاڻي جي حد فتح چوڪ ويجهو ڪالهه صبح جو سوير ساڍي ڇهين وڳي ڌاري ڪار ۾ سوار ٿي آيل نامعلوم شرپسندن علائقي ۾ قائم قديمي تاريخي ڪالي ماتا مندر تي حملو ڪري ڏنو، هٿياربند شرپسندن ڪالي ماتا مندر جي اندر واقعي هنومان جي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد هنومان جي مورتي کي ڪيرائي گاسليٽ هاري مندر کي باهه ڏئي ڇڏي. اهڙو واقعو ڪرڻ بعد شرپسند ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا. واقعي جي خبر حيدرآباد شهر ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، پ پ اڳواڻ علي محمد سهتو، سنڌ نيشنل پارٽي جو سربراهه اشرف نوناري سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن ۽ وڏي انگ ۾ هندو برادري جا ماڻهو متاثر مندر ۾ پهچي ويا، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُالله عباسي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد محمد نواز سوهو ۽ ٻيا عملدار پهتا، جن صورتحال جو جائزو ورتو، پوليس ۽ رينجرس جا وڏا اٽالا پڻ پهتا، جن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي مندر تي ٿيل حملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالله کي معطل ڪندي ڊي ايس پي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ کي سفارش ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڪالي ماتا مندر جي تحفظ لاءِ مندر جي ٻاهران پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي. مندر تي ٿيل حملي جو ڪيس سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڪرشن ڪمار ولد بابو جي فرياد تي گناهه نمبر 14/36، قلم نمبر298، سيڪشن 436، پي پي سي 7/6 اي ٽي اي دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪري ورتو آهي. هوڏانهن واقعي خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراهه اشرف نوناري جي اڳواڻي ۾ هندو برادري جي سوين ماڻهن پاران حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ تي واقعي خلاف 4 ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٽرئفڪ جو نظام معطل ٿي ويو. جنهن بعد حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شامل سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ هندو برادري جي ماڻهن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته مندر تي ٿيل حملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ملوث شرپسندن کي گرفتار ڪري کين عوام آڏو وائکو ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُالله عباسي، پ پ اڳواڻ علي محمد سهتي ۽ ٻين احتجاج ڪندڙ هندو برادري سان ڳالهيون ڪري واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي جلد پتو لڳائي گرفتار ڪري وائکو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. جڏهن ته اهڙي واقعي کانپوءِ مندر جي ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرس جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪمشنر حيدرآباد سيد جمال مصطفيٰ روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ٿيو آهي، ڊي سي حيدرآباد محمد نواز سوهو کي معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته مندر تي ٿيل حملي جي پاڻ جاچ ڪري رهيو آهيان، واقعي واري هنڌ وڃي متاثر ٿيل مندر جو معائنو ڪيو آهي ۽ هندو برادري کي يقين ڏياريو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو جلد پتو لڳائي انهن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُالله عباسي چيو ته واقعي کانپوءِ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي حد جي ايس ايڇ او کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ، عوام جي جان، مال ۽ مذهبي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن کي به ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اقليتي برادري جي وفد پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مندرن، گرجا گھرن ۽ اقليتن جي عبادتگاهن جي ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي ويندي، جھنگلي جيوت، ٻيلي کاتي ۽ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي حيدرآباد ۾ مندر تي حملي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي سان فون تي رابطو ڪري مندر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڊي آءِ جي حيدرآباد صوبائي وزير کي ٻڌايو ته غفلت ڪرڻ تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي حملا ڪندڙ عنصرن کي وائکو ڪيو ويندو، هن چيو ته حملن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي، صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اقليتي برادري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي، هوڏانهن مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ۽ ايم پي اي لعل چند اڪراڻي ۽ ايم پي اي پيسو مل پڻ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرپرستِ اعليٰ بلاول ڀُٽي زرداري حيدرآباد مندر واري واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀُٽي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن جو تحفظ هر صورت ممڪن بڻائيندي ۽ انهن سان ڪا به زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي. هن وزيراعليٰ سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو ته فوري طور تي حيدرآباد مندر واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ۾ مندر جي بي حرمتي واري واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڪمشنر، ڊي آءِ جي پوليس، ايس ايس پي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ مذهبي جاين کي سيڪيورٽي فراهم ڪن ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. وزير اعليٰ سنڌ تعلقي انتظاميا کان 24 ڪلاڪن اندر مڪمل ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، وڏي وزير سڀني ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته هو چوڪس رهن ۽ پنهنجي انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي وڌيڪ فعال ڪن ، ان سنگين ڏوهه ۾ ملوث ڌرين جي نشادهي ڪئي وڃي جيڪي مذهبي نفرت پکيڙڻ چاهن ٿا هن چيو ته سنڌ امن ۽ آشتي جي ڌرتي آهي نفرتون پکيڙيندڙ انسانيت جا دشمن آهن. هوڏانهن صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جو ڊي آءِ جي سان فون تي رابطو، پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي لالچند اڪراڻي، پيسو مل، سريندر ولاسائي ۽ کئيلداس ڪوهستاني پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو.
---------------------------------------------------------------

1 comment:

  1. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جو ڊي آءِ جي سان فون تي رابطو، پ پ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي لالچند اڪراڻي، پيسو مل، سريندر ولاسائي ۽ کئيلداس ڪوهستاني پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو.

    ReplyDelete