Wednesday, April 2, 2014

نظرياتي سياست ذريعي انتهاپسنديءَ جي رستي روڪ، بنياد پرست سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا: خالق جوڻيجو

حيدرآباد: جسم سربراهه خالق جوڻيجو سيمينار کي خطاب ڪري رهيو آهي
ڪراچي/حيدرآباد/سکر (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي قومپرستن، کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته نظرياتي سياست کي وڌيڪ مضبوط ڪري سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي روڪي سگهجي ٿو، سنڌ پنهنجي اصل حيثيت جي بحاليءَ کان محروم آهي، سنڌ تاريخ جي خطرناڪ صورتحال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾سنڌ سان محبت ڪندڙ ڌرين کي نئين سري سان جائزو وٺي اڳتي وڌڻو پوندو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران پهرين اپريل سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي ” سنڌ ۽ قومي حق خوداراديت“ جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو ته سنڌ جي بمبئي کان علحيدگي واري جدوجهد وڃايل سنڌ جي واپسيءَ واري جدوجهد جي شروعات هئي، اسان اڃا تائين پنهنجي وطن جي اها حيثيت بحال نه ڪرائي سگهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي وڌائڻ جو مقصد سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ کي دنيا آڏو هڪ مذهب جو ملڪ ڪري ڏيکارڻ واري سازش آهي ته جيئن اهي سنڌ دشمن ڌريون دنيا کي اهو ڏيکاري سگهن ته سنڌ تي ڪنهن به روپلي يا هيمون جو ڪو به حق ناهي. هن چيو ته هميشه هن رياست ۾ پنجاب جي مفادن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هيءَ رياست 23 مارچ واري پنهنجي قرارداد کان پهرين ڏينهن ئي ڦري وئي هئي. هن چيو ته اسان کي هاڻ رڳو دعوائون نه ڪرڻ گهرجن، اسان کي پنهنجو پاڻ ۽ قومي تحريڪ جو به جائزو وٺڻ گهرجي، سنڌ هن وقت خطرناڪ صورتحال ۾ آهي، ان جي وجود کي خطرو آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي پنهنجون اندروني صفون درست ڪرڻيون پونديون، نظرياتي هٿيار کي هٿ ۾ کڻڻو پوندو. هن تجويز ڏيندي چيو ته سنڌي ماڻهن کان هن رياست بابت نئين سري سان راءِ ورتي وڃي ته ڇا هو هن غلامي واري صورتحال ۾ رهڻ گهرن ٿا يا نه. دانشور جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي جديد تاريخ ۾سنڌ جي بمبئي کان آزادي وارو ڏينهن خاص اهميت رکي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ سياسي شعور جي سڄاڳي واري شروعات به بمبئي کان سنڌ کي الڳ ڪرڻ واري تحريڪ کان ٿي، سنڌ اندر منظم سياسي سرگرميون به ان دور ۾ ٿيون. هن چيو ته سنڌ جي سياسي شعور ۾طاقت جو توازن وڌائڻو پوندو، اسان کي پنهنجي تاريخ جو نئين سري سان معائنو ڪري ٻيهر سوچڻو پوندو. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته جديد سنڌ کي سمجهڻ جي لاءِ عالمي صورتحال کي سمجهڻو پوندو، ماضيءَ جي مظلوم قومن جي سٺين روايتن کي وري ورجائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته غلاميءَ خلاف جدوجهد جو بنياد عوامي طاقت ۾ آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ کي جاگيرداريءَ خلاف ويڙهه ڪرڻي پوندي، قومي تحريڪ اندر عورتن، پورهيتن، مزدورن ۽ شاگردن جي شموليت کي وڌائڻو پوندو. ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال چيو ته سنڌ ۾ سعودي ارب جي سوچ کي هٿي ڏني پئي وڃي، پرامن ۽ سيڪيولر سنڌ تي داغ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وطن دوست انقلابي پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان احمداڻي چيو ته سنڌ بمبئي کان آزادي بعد ٻئي هنڌ ڦاسي پئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ مذهبي دهشتگرد ڪارروايون ڪري هٿيار کڻي هندن جي گهرن تي چڙهايون ڪري رهيا آهن. جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ هاشم کوسي چيو ته نظرياتي سياست کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، اشوز جي سياست ڪرڻ بدران مستقل مزاجي واري جدوجهد ڪرڻ کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو. ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي حيدرآباد، ميرپورخاص، موري، ٺري ميرواهه، اوٻاوڙي، قمبر ۽ شهرن ۾ ”قومي حق خوداراديت“ ريليون ڪڍيون. ريلين کي ظهور لغاري، گل محمد ڳورڙ، مجيد ٻگهيي، تاج بلومنظور خاصخيلي، انيس احمد، محمد خان چانڊيي، وزير فرهاد سولنگي، يونس راهو، حفيظ شيخ، آزاد گل چانڊيي، انور سولنگي، صالح لاشاري، قمرالدين، ثناءُ الله، راجا ڏاهرعلي نواز شر، ياسين سنڌي، حبيب ويسر، جاويد شر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

No comments:

Post a Comment