Wednesday, April 2, 2014

پوليس ۾ ڊيٿ اسڪواڊ آهن، ماريندڙ ياد رکن ته سندن به ٻچا آهن: الطاف حسين

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ٻن ڪارڪنن جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ ڊيٿ اسڪواڊ جوڙي ورتو آهي، گذريل ڏينهن ڌاٻيجي مان هٿ آيل ٻن لاشن جي سڃاڻپ ايم ڪيو ايم ڪارڪن ثناءُ الله ۽ منصور احمد طور ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي نائن زيرو تي هنگامي پريس ڪانفرنس گهرائي جنهن کي خطاب ڪندي حيدر عباس رضوي چيو ته گذريل ڏينهن سادن ڪپرن ۾ اهلڪار ٻنهي ڪارڪنن ثناءُ الله ۽ منصور کي گلستان جوهر مان کنڀي ويا ۽ بعد ۾ انهن جا لاش ڌاٻيجي مان نيشنل هاءِ وي تان مليا، هن چيو اسپتال انتظاميا مطابق ٻنهي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کي ويجهي کان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ان کان اڳ به 3 ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو بعد ۾ انهن جا لاش نوري آباد وٽان مليا هئا، آپريشن جي آڙ ۾ ئي متحده جي ڪارڪنن ۽ مهاجرن کي چونڊي چونڊي ماريو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ ڊيٿ اسڪواد قائم ڪيو آهي جيڪو صرف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏي ٿو.حڪومت کان سوال آهي ته ڇا هي آپريشن امن ڪرائڻ لاءِ آهي يا ان ڊيٿ اسڪواد هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن چونڊي چونڊي قتل ڪرائڻ لاءِ آهي، هنن حڪومت کان  مطالبو ڪيو ته ان ڊيٿ اسڪواڊ جي سربراهه جو پتو لڳايو وڃي ۽ انساني حقن جو تنظيمون ڪارڪنن جي قتل تي آواز اٿارين، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان به مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي قتل جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياري.  ٻئي طرف ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته عدالتن کان مٿانهن قتلن تي پوري قوم فڪرمند آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي چوندي چونڊي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، لنڊن مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن ثناءُ الله ۽ همدرد منصور احمد جي عدالت کان مٿانهين قتل جو فوري طور تي نوٽيس ورتو وڃي. ميڊيا موجب الطاف حسين اهو به چيو ته ڊيٿ اسڪواڊ وارا ياد رکن ته سندن به ٻچا آهن.

No comments:

Post a Comment