Saturday, April 5, 2014

متحده سان مفاهمت ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه ميموگيٽ بيان تي معافي گهري: آصف زرداري

لاڙڪاڻو: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري زيرو پوائنٽ جي دوري دوران ڪارڪنن کي هٿ لوڏي جواب ڏئي رهيو آهي
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم سان ڇو مفاهمت نه ڪريون، ساڻن رڳو ٽن نڪتن تي اختلاف آهي. جيو ٽي وي جي اينڪر سهيل وڙائچ اڳوڻي صدر سان ملاقات ڪئي جيڪا 3 ڪلاڪ جاري رهي. ملاقات جا تفصيل ٻڌائيندي سهيل وڙائچ پنهنجي پروگرام ميري مطابق ۾ چيو ته آصف زرداري جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ سان رڳو ٽن نڪتن تشدد واري پاليسي، عوامي نيشنل پارٽي جي مخالفت ۽ فوج کي اقتدار ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ تي اختلاف آهن. باقي ڪيترن ئي معاملن تي هڪٻئي سان سهمت آهيون ته پوءِ ايم ڪيو ايم سان مفاهمت ڇو نه ڪريون. آصف زرداري چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي انٽيليجنس اداري جي اڳوڻي سربراهه رابطو ڪري ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت معافي ورتي، کانئس پڇيم ته ڇو ائين ڪيّئي ته چيائين مون اهو سڀ ڪجهه باس جي چوڻ تي ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته هاڻ اسيمبلي ۾ اچڻ نه ٿو چاهيان، ٻاهر ويهي پارٽي جا معاملا ڏسندس.
ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجي ۾ سرڪاري زمينون هارين کي ڏيڻ جي هدايت
شهدادڪوٽ/نواب شاهه/قمبر (نمائندن وٽان) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ پيپلز پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي هميشه پاڻ پتوريو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي غيبي ديرو واري علائقي ۾ ايف پي بچاءَ بند، غيبي ديرو مائينر، سلطان مائينر ۽ جمڙو مائينر جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي ۽ ڪڏهن به عوام کان جدا رهي نه ٿو سگهجي، اڳوڻي صدر دوري دوران زيرو ڪامپليڪس جو به دورو ڪيو، جتي ساڻن آبپاشي جو سيڪريٽري بابر آفندي، ايم اين اي عمران ظفر لغاري، ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جا پيپلز پارٽي اڳواڻ گڏ هئا. آصف زرداري چيو ته قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجو ۾ سرڪاري زمينون غريب بي زمين هارياڻين کي ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ اهڙيون هدايتون سنڌ جي وڏي وزير کي ڪيون آهن، هوڏانهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خصوصي جهاز ذريعي لاڙڪاڻي کان نواب شاهه پهتو، جتان روڊ رستي بالو جا قبا قبرستان پهچي پنهنجي والد ۽ والده مرحومه جي قبرن تي دعا گهري ۽ چادر چاڙي فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري جو پيپلز پارٽي ايم اين اي فريال ٽالپر، ڪوآرڊينيٽر ضياالحسن لنجار استقبال ڪيو.
بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو، غزل پيو ٻڌان: اڳوڻو صدر
ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو. آئون غزل ٻڌان پيو ۽ پڙهي رهيو آهيان. سهيل وڙائچ سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو، جيڪڏهن ٻاهران ڪا عورت وٺي آيو ته به پرواهه ناهي. ذوالفقار علي ڀٽو به ته نصرت ڀٽو سان شادي ڪئي، جنهن کي به اردو نه ايندي هئي. هن چيو ته آئون سياست کان پري آهيان، ڪراچي يا دبئي ۾ فيض کي پڙهان پيو، غزل ٻڌندو آهيان ۽ پهريون ڀيرو روز 10 ڪلاڪ سمهندو آهيان، جيڪا مون لاءِ عياشي آهي. بلاول کي ايم اين اي بڻائڻ جي صلاح تي آصف زرداري کلندي چيو ته توهان منهنجي پٽ کي منهنجي خلاف ڀڙڪائي رهيا آهيو.
آصف پيپلز پارٽي کي کاٻي ڌر جي پارٽي بڻائڻ نه ٿو ڏئي: سهيل وڙائچ

ڪراچي: آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي موجوده پاليسين تي تبصرو ڪندي سيئير صحافي سهيل وڙائچ چيو ته بلاول آصف علي زرداري جي والد طور احترام ڪري ٿو پر هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ خودمختيار آهي. سهيل وڙائچ چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پارٽي کي وري کاٻي ڌر ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا پر آصف زرداري ايئن ڪرڻ نه ٿو چاهي. اڃا سنڌ حڪومت تي آصف زرداري جو ئي ڪنٽرول آهي. هنن ماڻهن جا ڪم ڪيا ته ايندڙ چونڊن ۾ کين ووٽ به ملندا نه ته وري ڪامياب نه ٿي سگهندا. بلاول کي فوري طور چونڊ وڙهي اسيمبلي ۾ پهچڻ گهرجي، کيس ايم اين اي ٿيڻ کپي.

No comments:

Post a Comment