Wednesday, April 2, 2014

مندرن تي حملا روڪڻ لاءِ هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٿيڻو پوندو: اسدالله ڀٽو

حيدرآباد: جماعت اسلامي اڳواڻ اسدالله ڀٽو  پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي
حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽي سنڌ اندرمذهبي عبادت گاهن تي ٿيندڙ حملن جي واقعن جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ  جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي  چيو آهي ته سنڌ صوفين، اوليائن، پيرن، فقير ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتي آهي، سنڌ ۾ رهندڙ تمام مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙماڻهو  سڀ ڀائر آهن، حيدرآباد جي ڪالي ماتا مندر تي حملو هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي، جيڪي ملڪ ۽اسلام جا دشمن آهن، اهي عناصر  مذهبي فساد ڪرائڻ چاهين ٿا اهڙن عناصرن کي سخت سزا ڏني وڃي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪالي ماتا مندر تي ٿيل حملي واري هنڌ  جو دورو ڪرڻ بعد  جي او آر ڪالوني ۾ هندن جي معززشخصيت جئي ڪمار جي گهر تي پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مولانا عبدالوحيد قريشي، شيخ شوڪت علي سميت جماعت اسلامي حيدرآباد جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته مسجدن،گرجا گهرن، مندرن ۽ ٻين عبادت گاهن جي حفاظت ڪرڻ  حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته گذريل هڪ مهيني کان هندن جي مندرن تي حملا ٿي رهيا آهن، پر حڪمران واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ناڪام ٿي ويا آهن. هن چيو ته لطيف جي نگري ۾ رهندڙهندو، مسلم ۽ ٻين قومن کي انهن فساد ڪندڙن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ آواز ٿيڻو پوندو، سنڌ ۾ امن تباهه ڪندڙن خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هندو برادري جي اڳواڻ جئي ڪمار چيو ته سنڌ ۾ هندن جي عبادت گاهن تي حملن سان هندو برادري ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا نه ڏني وئي ته احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.
ورقن جي بيحرمتي الزام تي ڌرم شالا ساڙي وئي: ڪمشنر لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج لاڙڪاڻو جي جوڊيشل انڪوائري ۾ ڪالهه ڌرم شالا واقعي ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پيش ٿي پنهنجا الڳ الڳ بيان رڪارڊ ڪرايا آهن.  ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو بيان ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ مان چانڊڪا ڪاليج جي فيسٽيول ۾ واقعي واري رات جو موجود هئاسين جتي ا طلاع مليو ته مراد واهڻ محلي ۾ هڪ هندو پاران مقدس ورقن جي مبينا بي حرمتي ڪئي وئي آهي ۽ شهر ۾ وڳوڙ ٿي ويو آهي ۽ مان ڊپٽي ڪمشنر کي ساڻ ڪري شهر ۾ نڪتاسين ۽ رائل روڊ ڌرم شالا وٽ پهچي ڏٺوسين ته ڌرم شالا کي باهه ڏنل هئي. فائر برگيڊ  طلب ڪري پنهنجي نگراني ۾ ڌرم شالا جي باهه وسرائي. ان وقت رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا پڻ موجود هئا. حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي هاءِ الرٽ رکيو ويو ۽ شهر جو سڄي رات گشت پڻ ڪيوسين. جوڊيشل انڪوائري آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو خادم حسين رند چيو ته  جئين ئي واقعي جي خبر پئي ته مراد واهڻ جي ڪرما باغ واري علائقي ۾ پهتس ته اڳواٽ اي ايس پي حيدري توقير پوليس اٽالن سان موجود هو ۽ ماڻهو ان وقت مڇريل هئا. هن ٻڌايو ته مقدس ورقن ساڙڻ جي الزام هيٺ آيل هندو کي پوليس سخت سڪيورٽي ڏئي گهر مان حراست ۾ ورتو، ڌرم شالا جي باهه واري واقعي بعد سڄي رات پوليس ۽ رينجرز اٽالن سان گڏ شهر ۾ گشت ڪندو رهيس ۽ جيئن ئي ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي صبح جو موڪل ختم ڪري پهتو ته سيڪيورٽي جا انتظام ان حوالي ڪيا ۽ پوليس عملدارن کي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سختي سان هدايتون ڏنيون. هن ٻڌايو ته مقدس ورقن جي ساڙڻ ۽ ڌرم شالا کي باهه ڏيڻ واري واقعي جي انڪوائري هلي رهي آهي.
دمبالي واقعي ۾ گرفتار هندن جي ملاقات تي پابندي، والدين جو سماجي بائيڪاٽ، سامان جو وڪرو بند
بدين (رپورٽ: رزاق ڏنو کوسو) نئين دمبالي واقعي ۾ گرفتار ٽن هندو نوجوانن جي ملاقات بند ڪئي وئي. ڪيس جي فريادي مولوي ڳوٺ ۾ سندن وارثن کي کاڌ خوراڪ جي فراهمي بند ڪرائي ڇڏي. ڪالهه نئين دمبالي واقعي ۾ گرفتار هندو نوجوانن جا وارث اشوڪ جو والد چيتن ميگهواڙ ۽ نريش جو والد منگهو ميگهواڙ سينٽرل جيل حيدرآباد پنهنجي پٽن سان ملڻ لاءِ پهتا ته جيل انتظاميا سندن ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ٻنهي جا والد مايوس ٿي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندا واپس ڳوٺ موٽي آيا. هوڏانهن نئين دمبالي جي ڳوٺ پير سخي عثمان جي ان معاملي کانپوءِ واپارين گرفتار ٽنهي نوجوان جي وارثن کي سيڌو سامان ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فريادي ڌر جي خوف سبب هو ڳوٺ کان ٻاهر وڃي نه ٿا سگهن. هندو برادري انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته اسان پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. انتظاميا خوراڪ اسان جي گهرن تائين پهچائي. اسان جا ٻچا فاقاڪشي ۾ مبتلا آهن. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته ٽنهي نوجوانن کي گرفتار ڪرائيندڙ انتهاپسندن نئين دمبالي ۾ دڪاندارن ۽ واپارين کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪنهن به هندن کي کاڌ خوراڪ جو سامان ڏنو ته ان کي هندن جو ساٿي سمجهيو ويندو. انهن ڌمڪين بعد سامان ڏيڻ بند ڪيو ويو آهي. 022
پير پٿوري جي ميلي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو، پوليس چوڪس
ڪنري (رپورٽ: وسرام مڪواڻا) فقير پار برهم جي آستاني سميت سنڌ جي مختلف علائقي مندرن ۽ هندن جي عبادتگاهن تي حملن ۽ بي حرمتي جي واقعن خلاف ڪنري ۾ ڪولهي اتحاد طرفان ڊاڪٽر چيتن، لکجي رام، کئنپال داس ڪولهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت اهڙا واقعا ڪيا پيا وڃن پر اسان ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري مندرن ۽ آستانن جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو وڃي. هوڏانهن تعلقي ڪنري سميت ضلعي عمرڪوٽ ۾ مندرن آستانن ۽ گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. انهن علائقن ۾ گشت به تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ پير پٿورو جي ميلي ۾ به سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment