Wednesday, April 2, 2014

شهرين کي گرفتار ڪرڻ جا اختيار فوج حوالي، ن ليگ ۽ متحدا ۾ چڪريون

اسلام آباد (آن لائن) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي تحفظ پاڪستان ترميمي بل جي اڪثريت جي زور تي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ (ف) بل جي مخالفت ڪئي. ان موقعي تي ن ليگ ۽ متحدا ميمبرن ۾ چڪريون به ٿيون، جي يو آءِ ف موقف اختيار ڪيو ته جيستائين وزيراعظم بل حوالي سان مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ نه وٺندو، ان جي مخالفت جاري رکي ويندي، جڏهن ته تحريڪ انصاف شهرين کي گرفتار ڪرڻ جا اختيار فوج کي ڏيڻ ۽ هڪ عدالت ۾ هلندڙ ڪيس بند ڪري ان کي خاص عدالت ۾ موڪلڻ ۽ ٻين شقن تي اختلاف ڪيو، جڏهن ته گهرو معاملن جي مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته آئين ۾ هر شهريءَ کي مڪمل تحفظ ڏنو ويو آهي. هي بل دهشتگردي خلاف ڪارروائي لاءِ آندو پيو وڃي، هر شهريءَ کي آرٽيڪل 10 تحت تحفظ مليل آهي. آئين ۾ ڳجهن ادارن طرفان ڪنهن شهريءَ کي کڻڻ بابت مڪمل طريقو ڏنل آهي. اڱاري ڏينهن ڪميٽي جي بند ڪمري ۾ اجلاس چيئرمين راڻي شميم جي صدارت ۾ ٿيو. ذريعن مطابق اجلاس دوران جڏهن ايم ڪيو ايم ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي ته ن ليگ جي تهمينه دولتانه متحدا ميمبرن سان منهن ماري ڪندي چيو ته جڏهن به تحفظ پاڪستان جو بل سامهون آندو وڃي ٿو، متحدا ان جي مخالفت شروع ڪري ٿي ڇڏي، جنهن تي متحدا ميمبرن چيو ته: جڏهن به اهڙو ڪارو قانون آندو ويو آهي، اهو ايم ڪيو ايم خلاف ئي استعمال ٿيو آهي. ان بل ۾ شهرين کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها رعايت ڏني پئي وڃي ته، اهي جڏهن چاهين عام شهرين کي غائب ڪري ڇڏين. اجلاس بعد تحريڪ انصاف چيو ته، اسان کي ترميمي بل جي ڪيترين ئي شقن تي اعتراض آهي، ان ڪري اسان ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي. جڏهن اهو بل قومي اسيمبليءَ ۾ آندو ويندو، تڏهن تحريڪ انصاف ان ۾ ڪيتريون ئي ترميمون تجويز ڪندي هٿياربند فورسن کي شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار نه ڏيڻ گهرجي ۽ ان کانسواءِ جڏهن ڪنهن جو به ڪيس ڪنهن عدالت ۾ هلندڙ هجي ته اها ڪارروائي روڪي ڪيس خاص عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ڪو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو هوندو ۽ ثابت ٿيندو ته اهو ڪيس دهشتگردي جو آهي ته ان کي خاص عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment