Wednesday, April 2, 2014

ڪراچي ڪلفٽن جي رتنيشور مندر کي نقصان ڏيندڙ اڏاوتون نه ڪرڻ جو حڪم، انتظاميا طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪلفٽن ڪراچي ۾ شري رتنيشور مهاديو مندر کي نقصان پهچائيندڙ اڏاوتون نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سرڪاري عملدارن، بحريا ٽائون ۽ ڪلفٽن بورڊ کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عبدالمالڪ گدي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڊاڪٽر سنجو ڪمار ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار جي 1500 سال پراڻي شري رتنيشور مهاديو کي نقصان پهچائڻ خلاف داخل درخواست جي شنوائي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ڪلفٽن بن قاسم پارڪ ويجهو تجويز ڪيل انڊر پاس وٽ 1500 سال پراڻو مندر شري رتنيشور مهاديو مندر موجود آهي، جيڪو زمين اندر آهي، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ مورتيون آهن جن ۾ رام، سيتا، ڪالي ماتا ۽ هنو مان جون مورتيون شامل آهن، جتي روز هزارين ماڻهو پوڄا لاءِ اچن ٿا، بحريه ٽائون هن تاريخي مندر ويجهو اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري مندر کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، اڏاوتن لاءِ 30 کان 40 فوٽ اونها کڏا کوٽيا پيا وڃن، جنهن سان مندر جي ڀتين کي نقصان پهچي چڪو آهي. عدالت اڏاوتون روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت شنوائي ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، بحريا ٽائون جي چيئرمين ۽ ڪينٽونمنٽ بورڊ ڪلفٽن جي سربراهه کي 7 اپريل تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته اهڙي ڪا اڏاوت نه ڪئي وڃي، جنهن سان هن قديم مندر کي نقصان پهچي.

No comments:

Post a Comment