Saturday, April 5, 2014

ڪراچي: سينيئر صحافي امتياز عالم کي ڌمڪين خلاف سيفما ۽ اي او وي جي جو احتجاج


ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي امتياز عالم کي ڌمڪيون ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسئيشن ڪراچي ۽ ايسوسئيشن آف وومن جرنلسٽ طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ اخباري مالڪن. سينيئر صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ قلم ڌڻين شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي بابر اياز، ڊاڪٽر فوزيه، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، عامر محمود ۽ ڪراچي پريس جي صدر امتياز فاران ڪئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ضمير جي اظهار لاءِ ڪم ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي ۽ اهڙي طرح باخبر رهڻ عوام جو حق آهي. هن چيو ته جيڪي عوام جي حقن جي نفي ڪن ٿا اهي دهشتگردي ذريعي پنهنجا نظريا مٿن مڙهڻ گهرن ٿا.هن چيو ته اسلام جي نالي تي جابر دهشتگردن جي نظريي جي جيڪو مخالفت ڪري ٿو انهن کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته قلم ڌڻين جي ڌمڪيون ملڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر ان شرپسندن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته صحافي حق سچ لکڻ کان مور نه مڙندا. عامر محمود چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙن تي واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته حق سچ لکڻ تان هٿ نه کڻنداسين. هن چيو ته سيڪيورٽي فراهمي جي مطالبي باوجود حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا ۽ انهن جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري. هن وڌيڪ چيو ته طالبان ۽ ٻين دهشتگردن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ صحافي هڪ آواز ۽ متحد آهن، امتياز عالم کي ڌمڪيون ملڻ جي جاچ ڪرائي وڃي. امتياز فاران چيو ته پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي جتي صحافين کي تمام گهڻا خطرناڪ لاحق آهن. هن چيو ته قلم ڌڻي جان خطري ۾ وجهي ذميواريون نڀائين پيا پر کين پوءِ به کين سيڪورٽي فراهم نه ڪرڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن حڪومت سيڪيورٽي نه ڏني ته سندن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.




No comments:

Post a Comment