Wednesday, April 2, 2014

سنڌ ۾ غيرقانوني مدرسا ٺاهڻ ۽ قبائلين جي آمد روڪڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس سنڌ ۾ هندن جي عبادتگاهن ۽ مقدس آستانن تي حملن ۾ ٽين ڌر کي ملوث قرار ڏنو آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته قبائلي علائقن مان سنڌ ايندڙ آءِ ڊي پيز بدامني جو اصل سبب آهن، اهڙن غيرقانوني ماڻهن  خلاف آپريشن ڪيو وڃي،  غيرقانوني مدرسن جي تعمير روڪي وڃي، ڪراچي ۾ آپريشن جي ڪري امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ مذهبي ڇڪتاڻ وارن واقعن بابت اجلاس سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ پويان ٽين طاقت جو هٿ آهي، انهن جو پيڇو ڪري رهيا آهيون جلد کين منطقي انجام تائين پهچائينداسين، ٽارگيٽڊ ڪارروائين جي ڪري ئي لياري جي گينگسٽرس وٽ پاڻ ۾ صلح ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو. پر پوءِ به لياري جا ڪيترائي ڏوهاري مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن يا وري گرفتار ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي شاهد حيات چيو ته ٽارگيٽڊ آپريشن دوران هيستائين 9421 ڪيسن ۾ 11806 جوابدارن کي مختلف عدالتن ۾ چالان ڪيو ويو آهي. رڳو اي ٽي سي ڪورٽن ۾ 535 ڪيس هلي رهيا آهن جن مان 60 کي سزا ملي چڪي آهي، 270 جوابدار قتل، 165 ٽارگيٽ ڪلنگ، 171 ڌماڪيدار مادو رکڻ، 80 ڀُنگ لاءِ اغوا، 212 ڀتي خوري، 1233 ڌاڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. لياري ۾ 25 پوليس چوڪيون قائم ڪيون آهن. وڌيڪ 150 اهلڪار مقرر ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي مڪاني ادارن ۽ سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. پر پوءِ به پاڻي جي چوري جاري آهي. انهن خلاف قدم نه کنيو ويو ته پاڻي جي مسئلي تي امن امان جو وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ڀُنگ لاءِ اغوا جي جوابدارن خلاف ڪارروائي سبب ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. وڏي وزير مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتهاپسندي جي پٺڀرائي ڪندڙ طاقتن جي نشاندهي ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته سنڌ ۾ آءِ ڊي پيز جي اثر ۽ غيرقانوني مدرسن جي تعمير روڪي وڃي. وڏي وزير چيو ته غيرقانوني سمن جي رنڊڪن باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري. سنگين ڏوهه گهٽجي ويا آهن ۽ ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سزائن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته غيرقانوني سمن تي پابندي بنا ادارا بهتر ڪارڪردگي نه ٿا ڏيکاري سگهن، چيف سيڪريٽري نيشنل سيڪيورٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي کي وفاقي حڪومت سامهون کڻي. وڏي وزير هندو برادري جي مذهبي جاين تي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪجهه عنصر مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي رهيا آهن جيڪي سنڌ ۾ امن امان، هم آهنگي ۽ ڀائيچاري واري فضا خراب ڪرڻ چاهين ٿا. انهن جو مقصد ناپاڪ سياسي مقصدن جي حاصلات آهي جنهن کي پ پ جي حڪومت عوام جي سهڪار سان ناڪام بڻائي ڇڏيندي. گهرو کاتو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان ملڪ دشمن عنصرن خلاف جامع رپورٽ جوڙي ته جيئن اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير قبائلي علائقن مان ايندڙ آءِ ڊي پيز جي وڌندڙ اثر جو سخت نوٽيس وٺندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي قبائلي علا.ئقن  مان آيلن ۽ غيرقانوني پرڏيهين جو وڏو انگ موجود آهي، 20 لک غيرقانوني پرڏيهي رڳو ڪراچي ۾ رهن پيا جيڪي ڏوهن جو اصل سبب آهن. هن آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن مان ايندڙ اهڙن غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ صوبي ۾ غيرقانوني مدرسن جي تعمير روڪي وڃي، خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي هر هڪ داخلي ۽ خارجي پوائنٽ تي چيڪنگ جو اثرائتو مڪينزم جوڙيو وڃي.

No comments:

Post a Comment