Saturday, April 5, 2014

وڌيڪ 13 طالبان قيدي ڇڏڻ جو اعلان، گيلاني ۽ تاثير جا پٽ به آزاد ٿيڻ گهرجن: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 13 طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ طالبان ڪميٽين وچ ۾ اصولي فيصلو ٿي ويو آهي، ٻنهي پاسن کان غيرعسڪري قيدين جي آزادي جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. 13 قيدين ۾ ڪجهه ماڻهو اُهي آهن جيڪي طالبان جي فهرست ۾ شامل هئا. حڪومتي ڪميٽي موجب فهرستن ۾ موجود اهڙا قيدي آهن جن خلاف ثبوت ناهن، کين مرحليوار آزاد ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ڳالهين تي گهڻو ڳالهائڻ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي. جن ڏکيائين ۾ ملڪ گهيريل اهي اُن مان ڪڍڻ لاءِ صبر جي ضرورت آهي. هن چيو ته معاملا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، ڳالهين جي عمل سان پاڪستان ۾ امن ايندو، اسين چاهيون ٿا نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿين جڏهن ته ڳالهين تي تنقيد ڪندڙ گذريل ڏينهن ۾ ڏسن ته ڪيتريون جانيون بچيون آهن. هن چيو ته آئينده جي لائحه عمل تي طالبان ڪميٽي سان ڳالهيون ٿيون، اسين چاهيون ٿا ته طالبان پاران واضح نڪتا اچن ۽ حڪومت به واضح نڪتن سان گڏ ويهندي. حڪومت جو هڪ ئي نڪتو آهي ته آئين ۽ قانون موجب ملڪ ۾ امن ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته طالبان شوريٰ سان ملاقات جي وقت تقريبن 30 قيدين کي آزاد ڪري چڪا هونداسين، حڪومت خيرسگالي طور تي طالبان قيدين کي آزاد ڪيو آهي، هن چيو ته پروفيسر اجمل، يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جي پٽن کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. طالبان کي به بي گناهه ۽ غير عسڪري قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪنهن به ٻار جي بيان تي تبصرو ڪريان، سوال ڪندڙ کان پڇان ٿو ته گذريل 5 سالن تائين اُهي ماڻهو ستل هئا؟ هن چيو ته آستين چڙهائي تقريرون ڪندڙن بابت عوام جي راءِ مثبت نٿي ٿي سگهي، گذريل ڏينهن تماشو لڳايو ويو. هن چيو ته ڳالهين جي عمل ڪوبه اهڙو فيصلو نه هوندو جيڪو پاڪستان جي مفاد خلاف هجي، ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. پاڪستاني عوام جون دعائون ڳالهين سان گڏ آهن. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته طالبان شوريٰ اهڙي هنڌ جو مطالبو ڪيو هو جتي انهن لاءِ آسان هجي. هن چيو ته ننڍيون ننڍين ايجنڊائن تي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ گهرجي، پرتشدد ڪارروائيون مڪمل خاتمي لاءِ ڏانهن وڌي رهيون آهن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت ۾ حڪومت ۽ طالبان ڪميٽين جي گڏيل اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا سميع الحق جو چوڻ هو ته چوڌري نثار جي موجودگي ۾ ٻنهي ڪميٽين جو اجلاس ٿيو. جنگبندي ۾ واڌ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، حڪومت ۽ طالبان جي خيرسگالي قدم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته غير عسڪري طالبان جي آزادي تي حڪومت غور ڪري رهي آهي، وڏو مطالبو قيدين جي مٽا سٽا تي آهي. هن چيو ته ڳالهين لاءِ هنڌ جو تعين هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿي ويندو. طالبان شوريٰ سان ملاقات ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ڳالهين لاءِ فضا بڻجي وئي آهي. حڪومت خيرسگالي طور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ غير عسڪري قيدين جي آزادي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، اصل ڳالهيون هاڻي شروع ٿيڻ واريون آهن، ان سان اعتماد پيدا ڪيو پيو وڃي، ڳالهين ۾ جنگي قيدين جا معاملا سڀني کان آخر ۾ ايندا. انهيءَ موقعي تي حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر رستم شاهه مهمند جو چوڻ هو ته ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ طالبان شوريٰ سان سڌيون ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

No comments:

Post a Comment