Saturday, April 5, 2014

موهن جي دڙي جي وڌيڪ آثارن جي ڳولا جو ڪم شروع، بلاول افتتاح ڪيو

 
لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن جي نئين سر کوٽائي جو فيصلو ڪري ورتو. اڌ صدي کان پوءِ وڏي پيماني تي آثارن جي ڳولها لاءِ “ڊراءِ ڪور ڊرلنگ ” جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو، منصوبي جو افتتاح پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ جي قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي نئين سر کوٽائي جو فيصلو ڪندي سنڌ جي ثقافت واري کاتي قديم آثارن جي ڳولها ۽ موهن جو دڙو جي مڪمل پکيڙ معلوم ڪرڻ لاءِ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه موهن جو دڙو پهتو جتي هن ميوزم واري عمارت ۾ منصوبي جو افتتاح ڪيو. شرميلا فاروقي موهن جو دڙو ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي سينٽر سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ بلاول ڀٽو موهن جي دڙي جي مک گيٽ ٻاهران ايئرپورٽ روڊ ۽ ڊرين جي وچ واري حصي وٽ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ لاءِ لڳايل مشين جو بٽڻ دٻائي باضابطه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيوته موهن جو دڙو تي اڌ صدي اڳ 1965ع ۾ شروعاتي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ ڪئي وئي هئي پر هاڻي وسيع پيماني تي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان منصوبي دوران ملندڙ مٽيءَ جي سيمپلز جي ثقافتي طور تحقيق ڪرائي ويندي. جنهن لاءِ نامور ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. شروعاتي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ وارو منصوبو ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو جنهن کان پوءِ تحقيق شروع ٿيندي ۽ ايندڙ 6 مهينن تائين سمورو ڪم تڪميل کي پهچندو. هن چيوته ممڪن آهي ته موهن جي دڙي جي آثارن جي پکيڙ مڪمل ڪرڻ بعد سڄي دنيا اندر هن تهذيبي ۽ تاريخي ماڳ کي سڀ کان وڏو ماڳ قرار ڏنو وڃي. هي تاريخي لمحو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي چيوته جيڏي وڏي انساني آبادي موهن جو دڙو تي موجود هئي ان موجب موجوده آثار تمام گهٽ آهن، موهن جو دڙو جي مجموعي ايراضي 555 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن مان هن وقت تائين صرف 10 سيڪڙو ايراضي جي کوٽائي ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 90 سيڪڙو ايراضي اڃا اڻ کوٽيل آهي. هن ٻڌايو ته ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي تي 8.7 ملين روپيا خرچ ايندو، جيڪو 2 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان مان 26 سئو مٽيءَ جا نمونا حاصل ڪيا ويندا. جنهن بعد مٽيءَ جي هٿ آيل نمونن تي تحقيق ڪرائي ويندي. تحقيقي ڪم لاءِ 200 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڊراءِ ڪور ڊرلنگ وارو ڪم موهن جي دڙي جي 40 هنڌن تي ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري جي پهچڻ کان اڳ موهن جو دڙو ۾ عام ماڻهن جي اچ وڃ مڪمل طور بند ڪري علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوليس نفري بيهاري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

No comments:

Post a Comment