مٺي/عمرڪوٽ (رپورٽ:
اعجاز بجير+الياس ٿري) مٺي جي سول اسپتال ۾ 10 ڏينهن جي ڪويتا ۽ هڪ سال جي گوري،
12 ورهين جو شهمير ميهاري ڳوٺ واسي 15 ورهين جو اياز بجير حيدرآباد جي خانگي
اسپتال ۾ فوت ۽ سول اسپتال مٺي کان ريفر ڪيل 25 سالن جو حاڪم اسپتال نيندي فوت ٿي
ويو. جڏهن ڪيترائي مريض ضلعي جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتال ۾ داخل آهن. هوڏانهن ڳوٺ
آسراڙيو ۾ هڪ سال جو ٻارڙو رفيق پٽ دائود نهڙي ۽ محمد حسن ولد موچار سميجو فوت ٿي
ويا، جڏهن ته ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون بيماري ۾ ورتل آهن، جڏهن
ته هيل تائين ڄاڻايل ڳوٺ تائين نه ڪا ڊاڪٽرن جي ٽيم پهتي آهي ۽ نه وري کاڌ خوراڪ ۽
امدادي سامان پهتو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺاڻا ڏڪار ۽ بک سبب ڳوٺ مان لڏ پلاڻ پڻ
ڪري بئراجي علائقن ڏانهن هليا ويا آهن.
No comments:
Post a Comment