Saturday, April 5, 2014

ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي جو ڏڪار سنڌ حڪومت لاءِ ڀوائتو ٿي سگهي ٿو: هاري اسيمبلي

حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ڪوٺايل هاري اسيمبلي ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ساحلي علائقن ۾ وڌندڙ خوراڪ جي بحران واري خوف تي بحث ڪندي ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته اها صورتحال ويجھي مستقبل ۾ خود سنڌ حڪومت لاءِ به ڀوائتي ٿي سگھي ٿي، هاري اسيمبلي سنڌ ۾ موجود اڻ برابري ۽ غير يقيني واري هارپي جي نظام، پاڻي جي لڳاتار کوٽ، سرڪار جي غلط پاليسين جي ڪري شهري ترقي جي نالي ۾ زرخيز زمين تي ٿيندڙ اڏاوت جي مخالفت ڪندي چيو ويو ته تازو سنڌ ۾ وسڪاري تي پوکي راهي ۽ چوپائي مال تي گذر ڪندڙ ماڻهن جي زندگي جي ڀيانڪ تصوير، خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ٻارن ۽ عورتن ۾ بيماريون، موت ۽ چوپائي مال جو هيڏو نقصان اهو پيغام ڏين ٿا ته فوري طور مستقبل جي رٿابندي ڪري هن بحران کان بچي سگھجي ٿو، پنهنجي نوعيت ۾ مختلف هن ميڙ ۾ سانگھڙ، ڄامشوري، عمرڪوٽ، بدين ۽ حيدرآباد جي هارين، مهاڻن، پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ته هو وسيلن جي اڻ هوند جي ڪري اهڙي ڏکي صورتحال ۾ ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن، ان موقعي تي اسيمبلي کي فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه، آڪسفيم گرو ڪيمپين جي پروگرام مينيجر شهباز بخاري، ايڪشن ايڊ پاڪستان جي ريجنل مينيجر شاهجهان بلوچ، ايس پي او جي ريجنل مينيجر مصطفيٰ بلوچ، ذوالفقار هاليپوٽو، هاري اڳواڻن غلام علي لغاري، پنهل ساريو، فيض زرداري، يار محمد شيخ، اشفاق خاصخيلي، سعيد بلوچ، مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن ميڙاڪي ۾ گڏيل قومن جي موسمي تبديلين جي ماهرن پاران ان بيان جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سبز انقلاب زراعت کي موسمي  تبديلين جي خطري ۾ آڻي ڇڏيو آهي،  ان ڪري وقت جي تقاضا آهي ته نئين حڪمت عملي سان خوراڪ جي پيداوار جو متبادل نظام اختيار ڪيو وڃي، هن اسيمبلي خوراڪ جي وڌندڙ کوٽ کي آڏو رکندي اهو واضح ڪيو آهي ته سنڌ جون ڍنڍون پاڻي جي لڳاتار کوٽ جي ڪري يا ته سڪي ويون آهن يا زهريليون بڻجي ويون آهن ۽ اهي نه صرف انسانن کي مڇي، سبزيون، پيئڻ جو صاف پاڻي نٿيون مهيا ڪري سگھن، پر خود آبي ۽ جھنگلي جيوت لاءِ پڻ نقصانڪار ٿي ويون آهن، سمنڊ مان مڇي جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن، ٻيلن جي تباهي جي ڪري سڄو اقتصادي ڍانچو متاثر ٿيو آهي، چراگاهه ختم ٿيڻ ڪري چوپائي مال جي معيشيت خطري ۾ آهي، جيڪو خود اڳي ٻهراڙين جي علائقن جي ماڻهن لاءِ خوراڪ جو اهم وسيلو هو، هاري اسيمبلي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪو کيڙي سو کائي فلسفي تحت حقيقي زرعي سڌارا آڻي وڏيراشاهي ختم ڪري زمينون صدين کان کيڙيندڙ هارين ۾ تقسيم ڪيون وڃن، سبز انقلاب جي نالي ۾ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي استعمال سان زرعي زمينون سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ اچي ويون آهن، ان ڪري زرعي سڌارن جي نالي ۾ آيل تباهي جو ازالو ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment