ڪراچي: سگا پاران اعجاز قريشي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ فضل الله قريشي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، علي احمد بروهي۽ ٻيا شريڪ آهن |
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي ناليواري اديبن، دانشورن ۽
مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن چيو آهي ته ون يونٽ مڙهي سنڌ جي
تعليمي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ ان جا ڪڪر اڄ به سنڌ ڌر تي تي ڇانيل آهن، ذوالفقار علي
ڀٽو اقتدار جي اشاري ملڻ تي اينٽي ون يونٽ تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. هنن وڌيڪ چيو ته
1947کان 57ع تائين آئين جو نه ٺهڻ بدنيتي هئي، ملڪ جا وارث بنگالين کي پسند نه
ڪندا هئا ۽ بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪو نئون پاڪستان وجود ۾ آيو اهو قائداعظم
وارو پاڪستان نه هيو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪراچي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
پاران آرٽس ڪائونسل ۾ ناليواري اديب پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب” ون يونٽ ۽ سنڌ“
جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي اقتصادي ماهر فضل
الله قريشي چيو ته ون يونٽ ۾ سنڌ سان وڏا ظلم ڪيا ويا، ان وقت پنجاب جي شهر
بهالپور ۾ سنڌ جي صحت جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو ۽ اي جي آفيس وري لاهور ۾ هوندي
هئي. هن وڌيڪ چيو ته اوڀر پاڪستان جي سيڪريٽريٽ ۾ 14سالن جي عرصي ۾ ٻه سنڌي ملازم
هئا، رٿابندي ۽ ترقي وارن کاتن ۾ 70مان رڳو هڪ سنڌي آفيسر هيو. هن چيو ته سنڌ جي
تاريخ ۾ پهريون 11سالن ۾ هڪ گورنر ۽ 6سالن کان هڪ وڏو وزير هلندو پيو اچي، 70جي
ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ جي اهم پوسٽن چيف سيڪريٽري ۽ فنانس سيڪريٽري سنڌي ناهي ته اهي
سنڌ جو ڪهڙو ڪيس وڙهندا. هن چيو ته 1947کان 57ع تائين آئين جو نه ٺهڻ بدنيتي هئي،
ملڪ جا وارث بنگالين کي پسند نه ڪندا هئا، بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪو نئون
پاڪستان ٺهيو اهو قائداعظم وارو پاڪستان نه هيو ۽ ان ۾ صوبن کان مرضي نه پڇي وئي،
اهڙو نظام رائج ڪيو ويو جو 3صوبا هڪ صوبي جو محتاج بڻايو ويو. هن چيو ته هن چيو ته
اعجاز قريشي جو ڪتاب لاجواب ۽ تاريخي ڪمپائليشن آهي جنهن ۾ هن سوين ريفرنس جو
جائرو ورتو آهي. سگا سربراهه سليمان شيخ چيو ته ون يونٽ سبب سنڌ کي سڀ کان وڏو
جيڪو نقصان پهتو اهو تعليم جي شعبي ۾ پيو، پهريان سنڌ جي تعليمي ادارن جي ايتري
اهميت هوندي هئي جو انهي ڊگري تي سنڌين کي وڏيون وڏيون نوڪريون ملنديون هيون پر ون
يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي تعليمي حيثيت ختم ڪري ان نظام کي تباهه ڪيو ويو جنهن جو
اڄ تائين ازالو ناهيون ڪري سگهيا ۽ تعليم جي حوالي سان سنڌ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿي
رهي آهي.ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ون يونٽ سبب سنڌ اقتصادي، معاشي
۽ سماجي طور وڏو لوڙيو، ڪتاب ون يونٽ ۽ سنڌ ۾ تاريخ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن
ڪري نوجوانن کي اهو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ون يونٽ ذريعي سنڌ سان جيڪي
ڪلور ٿيا اهي اکين سان ڏٺاسين جيل پڻ ڀوڳيو. ناليواري ليکڪ امان الله شيخ چيو ته
شام غريبان پڙهڻ بدران اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ اڄ ڪٿي بيٺي آهي، تنقيد غير
جائز ڪرڻ سان تاريخ اسان کي وساري ڇڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هن وقت ون يونٽ واري
دوري کان به بدتر پوزيشن تي بيٺل آهي ۽ انهي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي سخت کان سخت
ضرورت آهي. هن چيو ته ماتما گانڌي جي پوٽي راج موهن گانڌي پنهنجي ڪتاب ۾
لکيو آهي ته پنجاب جي سوچ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ علم ۽ ادب جي ضرورت آهي، تنهن ڪري
اسان کي پنهنجي مستقبل طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.مدد علي سنڌي چيو ته سنڌ جي هزارين سالن
جي تاريخ ڏکن ۽ سورن سان ڀري پئي آهي. هن چيو ته هڪ طرف ون يونٽ سبب سنڌ سان ظلم
ٿي رهيو هو ته ٻي طرف اتان جا چونڊيل نمائنده مزا ماڻي رهيا آهن.مسلم شميم چيو ته
ون يونٽ جا ڪڪر اڄ به سنڌ مٿان ڇانيل آهن ۽ ان جو روح اڄ به زنده آهي. هن وڌيڪ چيو
ته پاڪستان ٺهڻ جي شروعات کان پنجاب جي بيوروڪريسي ۽ چوڌري محمد علي اردو کي
قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح کي غلط مشورو ڏيندا رهيا،
جڏهن ته چوڌري محمد علي ون يونٽ جو ليکڪ هيو. هن چيو ته اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾
ڪجهه حصو اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جو به آهي.خادم سومري چيو ته پير الاهي بخش ڪراچي
ڏئي ڇڏي پر هو ون يونٽ جو مخالف هيو. هن اهو انڪشاف ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اينٽي
ون يونٽ تحريڪ جو ميمبر هيو ۽ جڏهن کيس اقتدار ملڻ جو اشارو مليو ته هو تحريڪ کان
الڳ ٿي ويو جنهن جو ذڪر تاريخ ۾ ٿين گهرجي ۽ جيڪڏهن اسان غلطين کان ڪم وٺنداسين ته
تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.سينئير صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته اسان سنڌي ڪو
به ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهيون، شاهه لطيف تي به پهريان ٻين لکيو پوءِ ان تي اسان لکڻ
شروع ڪيو ۽ ون يونٽ سانحي تي به ان ساڳي سستي کان ڪم ورتو ويو.
No comments:
Post a Comment