Wednesday, April 2, 2014

مشرف جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو، آئين تي عمل ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وفاقي حڪومت غداري ڪيس جي جوابدار اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته نواز ليگ مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو اختيار وزيراعظم نواز شريف حوالي ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزارت قانوني ماهرن سان مشورا ڪرڻ کانپوءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ عدالت جي حڪم تي شامل ڪيو ويو هو ۽ عدالتي حڪم کانسواءِ نه هٽايو ويندو. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ نواز ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دفاع وارو وزير خواجه آصف، گهرو وزير چوڌري نثار علي، سڌ سماءَ وارو وزير پرويز رشيد، شاهد خاقان عباسي، اسحاق ڊار، احسن اقبال، سردار مهتاب، عرفان صديقي ۽ خواجه ظهير شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ طالبان جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. چوڌري نثار طالبان سان ڳالهين جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته طالبان سان ڳالهيون جاري رکيون وڃن ۽ مطالبن تي غور ويچار ڪيو وڃي، ان سان گڏ حڪومت جو موقف به طالبان آڏو رکيو وڃي. ذريعن موجب مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي چوڌري نثار علي، خواجه آصف، پرويز رشيد، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي ۽ سردار مهتاب مخالفت ڪئي ۽ موقف پيش ڪيو ته پرويز مشرف کي سزا ڏئي قانون جي ڀڃڪڙي جو باب بند ڪري سگهجي ٿو. هنن چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف پرڏيهه ويو ته ملڪ ۾ ڊيل جون ڳالهيون ٿينديون، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪجهه اڳواڻن موقف رکيو ته مشرف معافي وٺي ته پوءِ ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هينئر ملڪ پهرين ئي سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي پيو ان دوران وزيراعظم نوازشريف چيو ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ قانون جي حڪمراني هر صورت ۾ يقيني بڻائي ويندي ۽ آئين جي بالادستي کي برقرار رکيو ويندو. هن چيو ته ملڪ قانون جي حڪمراني تي هلي ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. ملڪ ۾ آزاد عدليه موجود آهي، عدالت جي هر فيصلي تي عمل ڪنداسين. هوڏانهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان سندس وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم اي ايف آءِ سي ۾ ملاقات ڪري غداري ڪيس ۽ پرڏيهه وڃڻ لاءِ درخواست تي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ڪالهه آرمڊ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي 7 رڪني ميڊيڪل بورڊ، ميجر جنرل عمران مجيد جي سربراهي ۾ پرويز مشرف جو معائنو ڪيو، ان دوران ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مشرف جي شگر ۽ ڪئلسٽرول ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڪري کيس فارم هائوس وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ان کان اڳ علاج دوران پرويز مشرف ميڊيڪل بورڊ تي زور ڀريو ته اسپتال ۾ سندس دم گهٽجي رهيو آهي، ان ڪري کيس چڪ شهزاد منتقل ڪيو وڃي. ڊاڪٽرن جي مشوري کانپوءِ پرويز مشرف کي سندس رشتيدارن حيات الله ۽ ٻين فارم هائوس منتقل نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو.آرمي چيف وزير اعظم وٽ پهچي ويو، مشرف جي معاملي تي مشورا
اسلام آباد: آرمي چيف جنرل راحيلا شريف وزير اعظم سان ملاقات ڪري امن امان ۽ ملڪي مجموعي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ملاقات ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه ظهير السلام به موجود هو. ميڊيا رپورٽ موجب ملاقات ۾ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ ٻين معاملن تي به مشورا ڪيا ويا.
وزير اعظم سان آصف زرداري جو رابطو، مشرف معاملي تي غور
اسلام آباد: وزير اعظم نواز شريف سان اڳوڻي صدر ۽ پ پ  سربراهه آصف زرداري ٽيليفون تي رابطو ڪري سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه  ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن مشرف معاملي تي غور ويچار ڪيو.
مشرف غداري ڪيس ۾ آمريڪا جو مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو
واشنگٽن (آن لائن) آمريڪا اڳوڻي پاڪستاني صدر جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف غداري جي ڪيس ۾ فرد جرم عائد ٿيڻ تي ڪنهن به قدم کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اهو اشو پاڪستاني آئين ۽ قانون تحت حل ٿيڻ گهرجي، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميري هارف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پرويز مشرف خلاف قانوني ڪارروائي جي باري ۾ ڪابه پوزيشن نه وٺنداسين، هن چيو ته اهو معاملو پاڪستان جي آئين ۽ وقانون تحت حل ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment