Wednesday, April 2, 2014

خالد سومري تي حملي خلاف لاڙڪاڻي ۾ شٽر بند هڙتال، چڪريون، مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) گذريل اڱاري واري رات دير سان جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف جي يو آءِ جا سوين ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، شهر ۾ سخت احتجاج، شٽربند هڙتال، ڪارڪنن ۽ رينجرز اهلڪارن سان چڪريون، مبينا طور رينجرز جي يو آءِ جا 11 ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا، جي يو آءِ جا ڪارڪن رينجرز خلاف مارڪيٽ ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا پر پوليس فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي گذريل اڱاري واري رات دير سان لاڙڪاڻي شهر ٻاهگران وليد ٿاڻي جي حد ڪامرس ڪاليج لڳ جي يو آءِ جو صوبائي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مٿان هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ هو معجزانه طور تي پنهنجي پٽن سميت بچي ويو. جيئن ئي واقعي جي خبر جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي پئي ته سوين ڪارڪن ڏنڍا کڻي روڊن تي نڪري آيا، جنهن ڪري شهر جي ريشم گلي، بندر روڊ، گجڻ پور چوڪ، نئون ديرو چوڪ، رائل روڊ، پاڪستاني چوڪ، اسٽيشن روڊ، باقراڻي روڊ سميت شهر جا ڪاروباري مرڪز اک ڇنڀ ۾ بند ٿي ويا. شهر جا پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون پڻ بند ٿي ويون. جي يو آءِ جا ڪارڪن ڏنڍا کڻي سڄي شهر ۾ گشت ڪندا رهيا، جنهن بعد رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا پهچي ويا، رينجرز جي اهلڪارن جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي احتجاج کان روڪيو جنهن کانپوءِ چڪريون شروع ٿي ويون، ڪارڪنن تي جناح باغ چوڪ، پاڪستاني چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي لاٺي چارج ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اعجاز احمد چاچڙ، زبير احمد ڀٽو، صدام حسين لنجار، محمد ابراهيم ابڙو، عبدالوحيد جاگيراڻي زخمي ٿي پيا، رينجرز اهلڪارن مبينا طور جي يو آءِ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت کهڙو سميت 12 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، بعد ۾ محبت کهڙو کي آزاد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ وڏي تعداد ۾ جي يو آءِ جا ڪارڪن جناح باغ چوڪ تي گڏ ٿي ويا، جتي سخت تقريرون ڪيون ويون ۽ چيو ويو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽن سميت ڪارڪن مارڪيٽ ٿاڻي تي پهتا، جن مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي چيو ته اسان جي ڪارڪنن مٿان رينجرس اهلڪارن بدترين تشدد ڪيو آهي جن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، مارڪيٽ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو ته جن منهنجي مٿان حملو ڪيو، اهي ڦورو نه هئا جن مونکان پهريان ٻن گاڏي کي ڇڏي ڏنو ۽ جيئن ئي مان پهتس ته انهن چيو ته ڊاڪٽر ان گاڏيءَ ۾ آهي ته فائرنگ شروع ڪئي ۽ منهنجي به گن مين فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن کانپوءِ شديد فائرنگ شروع ٿي وئي، اسان تي حملا ٽارگيٽ ڪري ڪيا پيا وڃن، اسان جا ڪارڪن هڪ اداري طرفان کنڀيا ويا آهن، جن خلاف اسان سگهارو احتجاج ڪيو ۽ اسان جو حڪومت خلاف به احتجاج هلندڙ آهي جنهن ڪري اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن. رينجرز اسان جي پرامن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن مٿان بدترين تشدد ڪيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ٻئي طرف اڳواڻ تي حملي خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن حيدرآباد، سکر، ڄام شوري، گهوٽڪي، شڪارپور، مٽياري، قمبر، سڪرنڊ،فيض گنج، مدئجي، ڳڙهي خيرو، ڏهرڪي، گهوڙاٻاري، پني عاقل ۽ چڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن ته جماعت اسلامي جي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چني ڊاڪٽر خالد محمود سومري تي حملي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي حملي ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. 

No comments:

Post a Comment