Saturday, April 5, 2014

ڪراچي: سينيئر صحافي امتياز عالم کي ڌمڪين خلاف سيفما ۽ اي او وي جي جو احتجاج


ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي امتياز عالم کي ڌمڪيون ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسئيشن ڪراچي ۽ ايسوسئيشن آف وومن جرنلسٽ طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ اخباري مالڪن. سينيئر صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ قلم ڌڻين شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي بابر اياز، ڊاڪٽر فوزيه، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، عامر محمود ۽ ڪراچي پريس جي صدر امتياز فاران ڪئي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ضمير جي اظهار لاءِ ڪم ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي ۽ اهڙي طرح باخبر رهڻ عوام جو حق آهي. هن چيو ته جيڪي عوام جي حقن جي نفي ڪن ٿا اهي دهشتگردي ذريعي پنهنجا نظريا مٿن مڙهڻ گهرن ٿا.هن چيو ته اسلام جي نالي تي جابر دهشتگردن جي نظريي جي جيڪو مخالفت ڪري ٿو انهن کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته قلم ڌڻين جي ڌمڪيون ملڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر ان شرپسندن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته صحافي حق سچ لکڻ کان مور نه مڙندا. عامر محمود چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙن تي واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته حق سچ لکڻ تان هٿ نه کڻنداسين. هن چيو ته سيڪيورٽي فراهمي جي مطالبي باوجود حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا ۽ انهن جي ڪنن تي جون به نه ٿي چري. هن وڌيڪ چيو ته طالبان ۽ ٻين دهشتگردن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ صحافي هڪ آواز ۽ متحد آهن، امتياز عالم کي ڌمڪيون ملڻ جي جاچ ڪرائي وڃي. امتياز فاران چيو ته پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ آهي جتي صحافين کي تمام گهڻا خطرناڪ لاحق آهن. هن چيو ته قلم ڌڻي جان خطري ۾ وجهي ذميواريون نڀائين پيا پر کين پوءِ به کين سيڪورٽي فراهم نه ڪرڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن حڪومت سيڪيورٽي نه ڏني ته سندن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.




وڌيڪ 13 طالبان قيدي ڇڏڻ جو اعلان، گيلاني ۽ تاثير جا پٽ به آزاد ٿيڻ گهرجن: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 13 طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ طالبان ڪميٽين وچ ۾ اصولي فيصلو ٿي ويو آهي، ٻنهي پاسن کان غيرعسڪري قيدين جي آزادي جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. 13 قيدين ۾ ڪجهه ماڻهو اُهي آهن جيڪي طالبان جي فهرست ۾ شامل هئا. حڪومتي ڪميٽي موجب فهرستن ۾ موجود اهڙا قيدي آهن جن خلاف ثبوت ناهن، کين مرحليوار آزاد ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ڳالهين تي گهڻو ڳالهائڻ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي. جن ڏکيائين ۾ ملڪ گهيريل اهي اُن مان ڪڍڻ لاءِ صبر جي ضرورت آهي. هن چيو ته معاملا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، ڳالهين جي عمل سان پاڪستان ۾ امن ايندو، اسين چاهيون ٿا نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿين جڏهن ته ڳالهين تي تنقيد ڪندڙ گذريل ڏينهن ۾ ڏسن ته ڪيتريون جانيون بچيون آهن. هن چيو ته آئينده جي لائحه عمل تي طالبان ڪميٽي سان ڳالهيون ٿيون، اسين چاهيون ٿا ته طالبان پاران واضح نڪتا اچن ۽ حڪومت به واضح نڪتن سان گڏ ويهندي. حڪومت جو هڪ ئي نڪتو آهي ته آئين ۽ قانون موجب ملڪ ۾ امن ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته طالبان شوريٰ سان ملاقات جي وقت تقريبن 30 قيدين کي آزاد ڪري چڪا هونداسين، حڪومت خيرسگالي طور تي طالبان قيدين کي آزاد ڪيو آهي، هن چيو ته پروفيسر اجمل، يوسف رضا گيلاني ۽ سلمان تاثير جي پٽن کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. طالبان کي به بي گناهه ۽ غير عسڪري قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪنهن به ٻار جي بيان تي تبصرو ڪريان، سوال ڪندڙ کان پڇان ٿو ته گذريل 5 سالن تائين اُهي ماڻهو ستل هئا؟ هن چيو ته آستين چڙهائي تقريرون ڪندڙن بابت عوام جي راءِ مثبت نٿي ٿي سگهي، گذريل ڏينهن تماشو لڳايو ويو. هن چيو ته ڳالهين جي عمل ڪوبه اهڙو فيصلو نه هوندو جيڪو پاڪستان جي مفاد خلاف هجي، ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. پاڪستاني عوام جون دعائون ڳالهين سان گڏ آهن. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته طالبان شوريٰ اهڙي هنڌ جو مطالبو ڪيو هو جتي انهن لاءِ آسان هجي. هن چيو ته ننڍيون ننڍين ايجنڊائن تي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ گهرجي، پرتشدد ڪارروائيون مڪمل خاتمي لاءِ ڏانهن وڌي رهيون آهن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت ۾ حڪومت ۽ طالبان ڪميٽين جي گڏيل اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا سميع الحق جو چوڻ هو ته چوڌري نثار جي موجودگي ۾ ٻنهي ڪميٽين جو اجلاس ٿيو. جنگبندي ۾ واڌ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، حڪومت ۽ طالبان جي خيرسگالي قدم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته غير عسڪري طالبان جي آزادي تي حڪومت غور ڪري رهي آهي، وڏو مطالبو قيدين جي مٽا سٽا تي آهي. هن چيو ته ڳالهين لاءِ هنڌ جو تعين هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿي ويندو. طالبان شوريٰ سان ملاقات ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ڳالهين لاءِ فضا بڻجي وئي آهي. حڪومت خيرسگالي طور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ غير عسڪري قيدين جي آزادي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، اصل ڳالهيون هاڻي شروع ٿيڻ واريون آهن، ان سان اعتماد پيدا ڪيو پيو وڃي، ڳالهين ۾ جنگي قيدين جا معاملا سڀني کان آخر ۾ ايندا. انهيءَ موقعي تي حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر رستم شاهه مهمند جو چوڻ هو ته ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ طالبان شوريٰ سان سڌيون ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

موهن جي دڙي جي وڌيڪ آثارن جي ڳولا جو ڪم شروع، بلاول افتتاح ڪيو

 
لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن جي نئين سر کوٽائي جو فيصلو ڪري ورتو. اڌ صدي کان پوءِ وڏي پيماني تي آثارن جي ڳولها لاءِ “ڊراءِ ڪور ڊرلنگ ” جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو، منصوبي جو افتتاح پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ جي قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي نئين سر کوٽائي جو فيصلو ڪندي سنڌ جي ثقافت واري کاتي قديم آثارن جي ڳولها ۽ موهن جو دڙو جي مڪمل پکيڙ معلوم ڪرڻ لاءِ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي سرپرست اعليٰ بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه موهن جو دڙو پهتو جتي هن ميوزم واري عمارت ۾ منصوبي جو افتتاح ڪيو. شرميلا فاروقي موهن جو دڙو ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي سينٽر سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ بلاول ڀٽو موهن جي دڙي جي مک گيٽ ٻاهران ايئرپورٽ روڊ ۽ ڊرين جي وچ واري حصي وٽ ڊراءِ ڪور ڊرلنگ لاءِ لڳايل مشين جو بٽڻ دٻائي باضابطه افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيوته موهن جو دڙو تي اڌ صدي اڳ 1965ع ۾ شروعاتي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ ڪئي وئي هئي پر هاڻي وسيع پيماني تي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان منصوبي دوران ملندڙ مٽيءَ جي سيمپلز جي ثقافتي طور تحقيق ڪرائي ويندي. جنهن لاءِ نامور ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. شروعاتي ڊراءِ ڪور ڊرلنگ وارو منصوبو ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو جنهن کان پوءِ تحقيق شروع ٿيندي ۽ ايندڙ 6 مهينن تائين سمورو ڪم تڪميل کي پهچندو. هن چيوته ممڪن آهي ته موهن جي دڙي جي آثارن جي پکيڙ مڪمل ڪرڻ بعد سڄي دنيا اندر هن تهذيبي ۽ تاريخي ماڳ کي سڀ کان وڏو ماڳ قرار ڏنو وڃي. هي تاريخي لمحو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي چيوته جيڏي وڏي انساني آبادي موهن جو دڙو تي موجود هئي ان موجب موجوده آثار تمام گهٽ آهن، موهن جو دڙو جي مجموعي ايراضي 555 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن مان هن وقت تائين صرف 10 سيڪڙو ايراضي جي کوٽائي ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 90 سيڪڙو ايراضي اڃا اڻ کوٽيل آهي. هن ٻڌايو ته ڊراءِ ڪور ڊرلنگ واري منصوبي تي 8.7 ملين روپيا خرچ ايندو، جيڪو 2 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان مان 26 سئو مٽيءَ جا نمونا حاصل ڪيا ويندا. جنهن بعد مٽيءَ جي هٿ آيل نمونن تي تحقيق ڪرائي ويندي. تحقيقي ڪم لاءِ 200 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڊراءِ ڪور ڊرلنگ وارو ڪم موهن جي دڙي جي 40 هنڌن تي ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري جي پهچڻ کان اڳ موهن جو دڙو ۾ عام ماڻهن جي اچ وڃ مڪمل طور بند ڪري علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوليس نفري بيهاري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

متحده سان مفاهمت ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه ميموگيٽ بيان تي معافي گهري: آصف زرداري

لاڙڪاڻو: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري زيرو پوائنٽ جي دوري دوران ڪارڪنن کي هٿ لوڏي جواب ڏئي رهيو آهي
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم سان ڇو مفاهمت نه ڪريون، ساڻن رڳو ٽن نڪتن تي اختلاف آهي. جيو ٽي وي جي اينڪر سهيل وڙائچ اڳوڻي صدر سان ملاقات ڪئي جيڪا 3 ڪلاڪ جاري رهي. ملاقات جا تفصيل ٻڌائيندي سهيل وڙائچ پنهنجي پروگرام ميري مطابق ۾ چيو ته آصف زرداري جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ سان رڳو ٽن نڪتن تشدد واري پاليسي، عوامي نيشنل پارٽي جي مخالفت ۽ فوج کي اقتدار ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ تي اختلاف آهن. باقي ڪيترن ئي معاملن تي هڪٻئي سان سهمت آهيون ته پوءِ ايم ڪيو ايم سان مفاهمت ڇو نه ڪريون. آصف زرداري چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي انٽيليجنس اداري جي اڳوڻي سربراهه رابطو ڪري ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت معافي ورتي، کانئس پڇيم ته ڇو ائين ڪيّئي ته چيائين مون اهو سڀ ڪجهه باس جي چوڻ تي ڪيو. اڳوڻي صدر چيو ته هاڻ اسيمبلي ۾ اچڻ نه ٿو چاهيان، ٻاهر ويهي پارٽي جا معاملا ڏسندس.
ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجي ۾ سرڪاري زمينون هارين کي ڏيڻ جي هدايت
شهدادڪوٽ/نواب شاهه/قمبر (نمائندن وٽان) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ پيپلز پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي هميشه پاڻ پتوريو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي غيبي ديرو واري علائقي ۾ ايف پي بچاءَ بند، غيبي ديرو مائينر، سلطان مائينر ۽ جمڙو مائينر جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي ۽ ڪڏهن به عوام کان جدا رهي نه ٿو سگهجي، اڳوڻي صدر دوري دوران زيرو ڪامپليڪس جو به دورو ڪيو، جتي ساڻن آبپاشي جو سيڪريٽري بابر آفندي، ايم اين اي عمران ظفر لغاري، ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جا پيپلز پارٽي اڳواڻ گڏ هئا. آصف زرداري چيو ته قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي ميرو خان ۽ سجاول جوڻيجو ۾ سرڪاري زمينون غريب بي زمين هارياڻين کي ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ اهڙيون هدايتون سنڌ جي وڏي وزير کي ڪيون آهن، هوڏانهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خصوصي جهاز ذريعي لاڙڪاڻي کان نواب شاهه پهتو، جتان روڊ رستي بالو جا قبا قبرستان پهچي پنهنجي والد ۽ والده مرحومه جي قبرن تي دعا گهري ۽ چادر چاڙي فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري جو پيپلز پارٽي ايم اين اي فريال ٽالپر، ڪوآرڊينيٽر ضياالحسن لنجار استقبال ڪيو.
بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو، غزل پيو ٻڌان: اڳوڻو صدر
ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو. آئون غزل ٻڌان پيو ۽ پڙهي رهيو آهيان. سهيل وڙائچ سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته بلاول شادي پنهنجي مرضي سان ڪندو، جيڪڏهن ٻاهران ڪا عورت وٺي آيو ته به پرواهه ناهي. ذوالفقار علي ڀٽو به ته نصرت ڀٽو سان شادي ڪئي، جنهن کي به اردو نه ايندي هئي. هن چيو ته آئون سياست کان پري آهيان، ڪراچي يا دبئي ۾ فيض کي پڙهان پيو، غزل ٻڌندو آهيان ۽ پهريون ڀيرو روز 10 ڪلاڪ سمهندو آهيان، جيڪا مون لاءِ عياشي آهي. بلاول کي ايم اين اي بڻائڻ جي صلاح تي آصف زرداري کلندي چيو ته توهان منهنجي پٽ کي منهنجي خلاف ڀڙڪائي رهيا آهيو.
آصف پيپلز پارٽي کي کاٻي ڌر جي پارٽي بڻائڻ نه ٿو ڏئي: سهيل وڙائچ

ڪراچي: آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي موجوده پاليسين تي تبصرو ڪندي سيئير صحافي سهيل وڙائچ چيو ته بلاول آصف علي زرداري جي والد طور احترام ڪري ٿو پر هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ خودمختيار آهي. سهيل وڙائچ چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پارٽي کي وري کاٻي ڌر ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا پر آصف زرداري ايئن ڪرڻ نه ٿو چاهي. اڃا سنڌ حڪومت تي آصف زرداري جو ئي ڪنٽرول آهي. هنن ماڻهن جا ڪم ڪيا ته ايندڙ چونڊن ۾ کين ووٽ به ملندا نه ته وري ڪامياب نه ٿي سگهندا. بلاول کي فوري طور چونڊ وڙهي اسيمبلي ۾ پهچڻ گهرجي، کيس ايم اين اي ٿيڻ کپي.

ون يونٽ جا ڪڪر اڄ به سنڌ مٿان ڇانيل آهن، اهم پوسٽن تي غير سنڌي ڪهڙو ڪيس وڙهندا: اديب ۽ صحافي

ڪراچي: سگا پاران اعجاز قريشي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ فضل الله قريشي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، علي احمد بروهي۽ ٻيا شريڪ آهن
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي ناليواري اديبن، دانشورن ۽ مختلف مڪتب  فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن چيو آهي ته ون يونٽ مڙهي سنڌ جي تعليمي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ ان جا ڪڪر اڄ به سنڌ ڌر تي تي ڇانيل آهن، ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار جي اشاري ملڻ تي اينٽي ون يونٽ تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. هنن وڌيڪ چيو ته 1947کان 57ع تائين آئين جو نه ٺهڻ بدنيتي هئي، ملڪ جا وارث بنگالين کي پسند نه ڪندا هئا ۽ بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪو نئون پاڪستان وجود ۾ آيو اهو قائداعظم وارو پاڪستان نه هيو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪراچي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران آرٽس ڪائونسل ۾ ناليواري اديب پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب” ون يونٽ ۽ سنڌ“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي اقتصادي ماهر فضل الله قريشي چيو ته ون يونٽ ۾ سنڌ سان وڏا ظلم ڪيا ويا، ان وقت پنجاب جي شهر بهالپور ۾ سنڌ جي صحت جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو ۽ اي جي آفيس وري لاهور ۾ هوندي هئي. هن وڌيڪ چيو ته اوڀر پاڪستان جي سيڪريٽريٽ ۾ 14سالن جي عرصي ۾ ٻه سنڌي ملازم هئا، رٿابندي ۽ ترقي وارن کاتن ۾ 70مان رڳو هڪ سنڌي آفيسر هيو. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون 11سالن ۾ هڪ گورنر ۽ 6سالن کان هڪ وڏو وزير هلندو پيو اچي، 70جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ جي اهم پوسٽن چيف سيڪريٽري ۽ فنانس سيڪريٽري سنڌي ناهي ته اهي سنڌ جو ڪهڙو ڪيس وڙهندا. هن چيو ته 1947کان 57ع تائين آئين جو نه ٺهڻ بدنيتي هئي، ملڪ جا وارث بنگالين کي پسند نه ڪندا هئا، بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ جيڪو نئون پاڪستان ٺهيو اهو قائداعظم وارو پاڪستان نه هيو ۽ ان ۾ صوبن کان مرضي نه پڇي وئي، اهڙو نظام رائج ڪيو ويو جو 3صوبا هڪ صوبي جو محتاج بڻايو ويو. هن چيو ته هن چيو ته اعجاز قريشي جو ڪتاب لاجواب ۽ تاريخي ڪمپائليشن آهي جنهن ۾ هن سوين ريفرنس جو جائرو ورتو آهي. سگا سربراهه سليمان شيخ چيو ته ون يونٽ سبب سنڌ کي سڀ کان وڏو جيڪو نقصان پهتو اهو تعليم جي شعبي ۾ پيو، پهريان سنڌ جي تعليمي ادارن جي ايتري اهميت هوندي هئي جو انهي ڊگري تي سنڌين کي وڏيون وڏيون نوڪريون ملنديون هيون پر ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي تعليمي حيثيت ختم ڪري ان نظام کي تباهه ڪيو ويو جنهن جو اڄ تائين ازالو ناهيون ڪري سگهيا ۽ تعليم جي حوالي سان سنڌ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿي رهي آهي.ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ون يونٽ سبب سنڌ اقتصادي، معاشي ۽ سماجي طور وڏو لوڙيو، ڪتاب ون يونٽ ۽ سنڌ ۾ تاريخ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن ڪري نوجوانن کي اهو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ون يونٽ ذريعي سنڌ سان جيڪي ڪلور ٿيا اهي اکين سان ڏٺاسين جيل پڻ ڀوڳيو. ناليواري ليکڪ امان الله شيخ چيو ته شام غريبان پڙهڻ بدران اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ اڄ ڪٿي بيٺي آهي، تنقيد غير جائز ڪرڻ سان تاريخ اسان کي وساري ڇڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هن وقت ون يونٽ واري دوري کان به بدتر پوزيشن تي بيٺل آهي ۽ انهي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي سخت کان سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ماتما گانڌي جي پوٽي راج موهن گانڌي  پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پنجاب جي سوچ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ علم ۽ ادب جي ضرورت آهي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي مستقبل طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.مدد علي سنڌي چيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ڏکن ۽ سورن سان ڀري پئي آهي. هن چيو ته هڪ طرف ون يونٽ سبب سنڌ سان ظلم ٿي رهيو هو ته ٻي طرف اتان جا چونڊيل نمائنده مزا ماڻي رهيا آهن.مسلم شميم چيو ته ون يونٽ جا ڪڪر اڄ به سنڌ مٿان ڇانيل آهن ۽ ان جو روح اڄ به زنده آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ جي شروعات کان پنجاب جي بيوروڪريسي ۽ چوڌري محمد علي  اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح کي غلط مشورو ڏيندا رهيا، جڏهن ته چوڌري محمد علي ون يونٽ جو ليکڪ هيو. هن چيو ته اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ ڪجهه حصو اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جو به آهي.خادم سومري چيو ته پير الاهي بخش ڪراچي ڏئي ڇڏي پر هو ون يونٽ جو مخالف هيو. هن اهو انڪشاف ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو ميمبر هيو ۽ جڏهن کيس اقتدار ملڻ جو اشارو مليو ته هو تحريڪ کان الڳ ٿي ويو جنهن جو ذڪر تاريخ ۾ ٿين گهرجي ۽ جيڪڏهن اسان غلطين کان ڪم وٺنداسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.سينئير صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته اسان سنڌي ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪندا آهيون، شاهه لطيف تي به پهريان ٻين لکيو پوءِ ان تي اسان لکڻ شروع ڪيو ۽ ون يونٽ سانحي تي به ان ساڳي سستي کان ڪم ورتو ويو.

ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي جو ڏڪار سنڌ حڪومت لاءِ ڀوائتو ٿي سگهي ٿو: هاري اسيمبلي

حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ڪوٺايل هاري اسيمبلي ٿر، ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ساحلي علائقن ۾ وڌندڙ خوراڪ جي بحران واري خوف تي بحث ڪندي ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته اها صورتحال ويجھي مستقبل ۾ خود سنڌ حڪومت لاءِ به ڀوائتي ٿي سگھي ٿي، هاري اسيمبلي سنڌ ۾ موجود اڻ برابري ۽ غير يقيني واري هارپي جي نظام، پاڻي جي لڳاتار کوٽ، سرڪار جي غلط پاليسين جي ڪري شهري ترقي جي نالي ۾ زرخيز زمين تي ٿيندڙ اڏاوت جي مخالفت ڪندي چيو ويو ته تازو سنڌ ۾ وسڪاري تي پوکي راهي ۽ چوپائي مال تي گذر ڪندڙ ماڻهن جي زندگي جي ڀيانڪ تصوير، خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ٻارن ۽ عورتن ۾ بيماريون، موت ۽ چوپائي مال جو هيڏو نقصان اهو پيغام ڏين ٿا ته فوري طور مستقبل جي رٿابندي ڪري هن بحران کان بچي سگھجي ٿو، پنهنجي نوعيت ۾ مختلف هن ميڙ ۾ سانگھڙ، ڄامشوري، عمرڪوٽ، بدين ۽ حيدرآباد جي هارين، مهاڻن، پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ته هو وسيلن جي اڻ هوند جي ڪري اهڙي ڏکي صورتحال ۾ ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن، ان موقعي تي اسيمبلي کي فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه، آڪسفيم گرو ڪيمپين جي پروگرام مينيجر شهباز بخاري، ايڪشن ايڊ پاڪستان جي ريجنل مينيجر شاهجهان بلوچ، ايس پي او جي ريجنل مينيجر مصطفيٰ بلوچ، ذوالفقار هاليپوٽو، هاري اڳواڻن غلام علي لغاري، پنهل ساريو، فيض زرداري، يار محمد شيخ، اشفاق خاصخيلي، سعيد بلوچ، مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن ميڙاڪي ۾ گڏيل قومن جي موسمي تبديلين جي ماهرن پاران ان بيان جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سبز انقلاب زراعت کي موسمي  تبديلين جي خطري ۾ آڻي ڇڏيو آهي،  ان ڪري وقت جي تقاضا آهي ته نئين حڪمت عملي سان خوراڪ جي پيداوار جو متبادل نظام اختيار ڪيو وڃي، هن اسيمبلي خوراڪ جي وڌندڙ کوٽ کي آڏو رکندي اهو واضح ڪيو آهي ته سنڌ جون ڍنڍون پاڻي جي لڳاتار کوٽ جي ڪري يا ته سڪي ويون آهن يا زهريليون بڻجي ويون آهن ۽ اهي نه صرف انسانن کي مڇي، سبزيون، پيئڻ جو صاف پاڻي نٿيون مهيا ڪري سگھن، پر خود آبي ۽ جھنگلي جيوت لاءِ پڻ نقصانڪار ٿي ويون آهن، سمنڊ مان مڇي جا ذخيرا ختم ٿيندا پيا وڃن، ٻيلن جي تباهي جي ڪري سڄو اقتصادي ڍانچو متاثر ٿيو آهي، چراگاهه ختم ٿيڻ ڪري چوپائي مال جي معيشيت خطري ۾ آهي، جيڪو خود اڳي ٻهراڙين جي علائقن جي ماڻهن لاءِ خوراڪ جو اهم وسيلو هو، هاري اسيمبلي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪو کيڙي سو کائي فلسفي تحت حقيقي زرعي سڌارا آڻي وڏيراشاهي ختم ڪري زمينون صدين کان کيڙيندڙ هارين ۾ تقسيم ڪيون وڃن، سبز انقلاب جي نالي ۾ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي استعمال سان زرعي زمينون سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ اچي ويون آهن، ان ڪري زرعي سڌارن جي نالي ۾ آيل تباهي جو ازالو ڪيو وڃي.

شهيد بشير قريشي جي ورسي لاءِ مزار ڀرسان جلسي گاهه تيار

پڪاري اوهان کي ٿڪا يار آهيون؛ وري ڪا نه ورندي رُنا يـــار آهيون،
سڀني کنيا ٿئي پنهنجي محبوبن جا نالا؛ اسين سنــڌ تنهنجو سڏائـــي ويٺاسيـــن.
رتوديرو (ت ر) شھيد بشير خان قريشي جي ٻئين ورسي جي حوالي سان رتوديرو ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. 7 پريل تي جسقم جي شھيد چيئرمين بشير خان قريشي جي ٻئين ورسي رتوديرو ۾ جسقم طرفان عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي. ان سلسلي ۾ جسقم ڪارڪنن رتوديرو شھر کي ڳاڙھن جھنڊن سان سينگاري ڇڏيو آھي جسقم جا جھنڊا ۽ بينر پلي ڪارڊ شھر جي روڊن، چوراھن تي لڳايا ويا آھن.. ان سلسلي ۾ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مھيسر جي صدارت ۾ جسقم جي ضلعي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڊاڪٽر ممتاز شيخ، بشير جتوئي، شبير شر، زاھد ميراڻي، جساف اڳواڻ ذوھيب قريشي، باغي رحيم سومرو، يعقوب عارباڻي، بشير جوڻيجو سميت ڪارڪنن شرڪت ڪئي. صحافين سان ڳالھائيندي جساف جي مرڪزي اڳواڻ ذوھيب قريشي ۽ جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد ميھسر چيو ته 7 اپريل تي ڏينھن جو 10 ڏھين وڳي قرآن خواني مزار تي ڪرائي ويندي ۽ بعد ۾ خيرات جي ماني صبح کان شام تائين جاري رھندي. رات جو اٺين وڳي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ شھيد بشير خان قريشي، شھيد مقصود قريشي ۽ شھيد سلمان وڌو جي مزارن تي حاضري ڀري دعا گھري مک تقريب ۾ شرڪت ڪندا. شھيد بشير خان قريشي جي مزار ڀرسان جلسي گاھ ٺاھي وئي آھي. جنھن ۾ لکين ماڻھن جي ويھڻ جو انتظام ڪيو ويو آھي. اسٽيج پنج سوءِ فوٽن تي مشتمل ھم چورس ٺاھي وئي آھي. پنج سوءُ کان به مٿي جسقم ڪارڪن سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا. جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي لاءِ پاڻي جي سبيل جو به بندوبست ڪيو ويو آھي. مک تقريب رات اٺين وڳي شروع ڪئي ويندي جنھن کي جسقم جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

شهيد بشير قريشي جي سڀاڻي ٻي ورسي، جلسو رٿيل


حيدرآباد (پ ر) جسقم چيئرمين  صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز  ڪالاڻي، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، عبدالله  سومرو، بشير خاصخيلي، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي، سنڌ جي قومي تحريڪ کي نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏنا، سنڌ جي آجپي جي فڪر ۽ خيال کي عملي شڪل  ڏيندڙ بشير خان قريشي، سنڌ دشمن قوتن لاءِ اک ۾ ڪنڊو هو، پر خود بشير خان قريشي جا اهي لفظ تاريخ جو حصو آهن ته سنڌ دشمن قوتن لاءِ زندهه بشير خان شهيد بشير خان وڌيڪ خطرناڪ هوندو. اڄ سنڌ جا لکين غيرت مند ماڻهو شهيد بشير خان قريشي جي فڪر نظرئي ۽ جدوجهد کي حق ۽ سچ سمجهن ٿا، 7 اپريل سڀاڻي  رتو ديرو ۾ سنڌ دشمن قوتون ڏسنديون ته سندن مقصد ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا.