Wednesday, April 2, 2014

حيدرآباد ۾ مندر بعد هندن جي قبرستان تي حملو، قبرن کي باهه، 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد: نئين دمبالي جا هندو مندرن تي حملن خلاف پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺا اهن
حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ ڳوٺ عدل نوناري سامهون هندو برداري جي  ڪارو ڪولهي  جي قبرستان تي انتهاپسندن حملو ڪري قبرن مٿان پيٽرول هاري ڪيترن ئي قبرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، شرپسندن ڪولهي برداري جي قبرن مٿان فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته شرپسندن ڪيترن ئي قبرن کي لتن سان ٿڏا هڻي انهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ ڪارروائي ڪرڻ بعد قبرستان ٻاهران بيٺل هڪ مزدا کي پڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل اهڙي واقعي کانپوءِ سوين هندو برادري جا ماڻهو، گهرن کان نڪري آيا، جن ٽنڊومحمد خان روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، احتجاج ڪندڙ ڪولهي برادري جا ماڻهو پنهنجن پيارن جي قبرن جي بيحرمتي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، اطلاع ملڻ تي پوليس جا وڏا اٽالا پڻ پهچي ويا. قبرستان کي سنڀاليندڙ بابو ڪولهي ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار 3 هٿياربند قبرستان ۾ آيا ۽ قبرن جي بيحرمتي ڪري قبرن مٿان پيٽرول هاري قبرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، اهڙي ڪارروائي ڪندڙن کي منهن تي ٻٽ ٻڌل هئا، جيڪي  نوجوان نظر اچي رهيا هئا، ٻئي طرف واقعي واري جاءِ تي ڊي سي محمد نواز سوهو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد پير فريد جان سرهندي پهتا، جن قبرستان جو دورو ڪري واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي ڊي سي محمد نواز سوهو هندو برادري سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هندن جي قبرستان ۽ مذهبي جاين تي حملو ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، اهڙي قسم جون حرڪتون امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي. هن هندو برادري جي ماڻهن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هندو برادري کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ڊي سي جي خاطري بعد ڪولهي برادري جي ماڻهن احتجاج ختم ڪيو. ٻئي طرف ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته قبضا مافيا قبرن کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment