Saturday, March 8, 2014

پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا ايشيا ڪپ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

ميرپور (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست ڏئي ايشين ٽائيگر ٿي وئي آهي. ميرپور جي ميدان ۾ پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 260 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ فواد عالم 134 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 114 رنسون ڍٺاهيون ۽ عمر اڪمل 42 بالن تي 39 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته سريلنڪن بالر ملنگا 5 رانديگر آئوٽ ڪيا. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم ٿرماني جي 101 ۽ جئه وردني جي 75 رنسن جي شاندار اننگ جي مدد سان 47 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ايشيا ڪپ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو. پاڪستاني بالر سعيد اجمل 3 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته مين آف دي مئچ ملنگا ۽ مين آف دي سيريز ٿرماني کي قرار ڏنو ويو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق رنر اپ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد ڳالهائيندي چيو ته مئچ ۾ پهرين 3 وڪيٽون جلد ڪرڻ سبب دٻاءُ ۾ اچي وياسين، سريلنڪن ٽيم بهتر راند ڪئي. هن چيو ته ايشيا ڪپ ورلڊ ڪپ ٽي 20 لاءِ فائدي مند ثابت ٿي آهي.

عادل پور ۾ ڪرڪيٽ تي شرط،  جوارين ۾ جھيڙو، 10 ڄڻا زخمي

عادل پور (ن ع آ) عادل پور جي شاهي بازار ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ  جي بڪي تي  چاچڙ ۽ ملڪ ذات جي ماڻهن ۾ ان وقت جھيڙو ٿي پيو جڏهن پاڪستان جا ٽي اهم رانديگر آئوٽ ٿيا ته سريلنڪا جي پاسي ڏانهن شرط رکندڙن جوارين خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي پاسي وارا جواري مڇرجي پيا مخالف حريفن مٿان لٺين ۽ سروٽن جو آزادانو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ چاچڙن جا 6 ڄڻا ۽ ملڪ ذات جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوءِ شاهي بازار بند ٿي وئي، ڌرين هڪ ٻئي مٿان الڳ الڳ رپورٽ داخل ڪرائي.
ميرپور: سريلنڪا جو بيٽسمين ٿريماني پاڪستان خلاف فائنل ۾ شاٽ هڻي رهيو آهي

No comments:

Post a Comment