Saturday, March 22, 2014

مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي جيڪڏهن ايجنسين قتل ڪيو آهي ته اهو خطرناڪ عمل آهي: خورشيد شاهه

سکر: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي جيڪڏهن ايجنسين قتل ڪيو آهي ته اهو خطرناڪ عمل آهي ۽ پنهنجي دشمني سبب قتل ٿيو آهي ته جوابدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ ۽ جي ايم سي ڪاليج ۾ دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ڏڪار ڪا نئين ڳالهه نه آهي، هر سال ٿر ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، هن چيو ته ڪجهه عناصر ملڪ ۾ مارشلا لڳرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پيپلزپارٽي ۾ جيستائين جيالا موجود آهن ملڪ ۾ مارشلا نٿي لڳي سگهي، ڇو ته پيپلزپارٽي ملڪ اندر مارشلا جي خلاف رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ تضاد آهي، ٻئي ڪڏهن به گڏ نٿيون هلي سگهن، پيپلزپارٽي آمريت جي خلاف آهي ۽ ايم ڪيو ايم ان جي حمايتي آهي، جنهن ڪري ٻنهي پارٽين ۾ اتحاد ممڪن ناهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا نظريا الڳ الڳ آهن، الطاف حسين غير جمهوري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري، ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ان ڪري نه ٿي سگهندي ڇاڪاڻ جو پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارا آمرن کي دعوتون ڏئي رهيا آهن، اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته سرڪار جيڪڏهن امن ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، ايبٽ آباد ڪميشن جاچ ۾ مشرف کي به شامل ڪيو وڃي، سٺي تعليم سان ئي ملڪ ۽ قومون ترقي ڪنديون آهن، سنڌ سرڪار تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ پاليسي جوڙي رهي آهي ۽ تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو ويندو ۽ استادن جي کوٽ کي پورو ڪري بند پيل اسڪول کولرايا ويندا، هن چيو ته سنڌ حڪومت اسڪولن تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي  قبضو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment