Saturday, March 22, 2014

Maqsood Qureshi killing sparks violence in Sindh

جسقم جي شهيد چيئرمين بشير قريشي جو ڀاءُ مقصود به ساٿيءَ سميت شهيد، لاش ساڙيا ويا
ڀريا روڊ/ فيض گنج/ ڀريا سٽي/ نوشهروفيروز (نمائندا) جسقم جي شهيد چيئرمين بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ لطيف سنگت اڳواڻ سليمان وڌو کي بيدردي سان شهيد ڪرڻ بعد باهه ڏئي ساڙيو ويو. سندن ڪار ڀريا روڊ پڪا چانگ لنڪ روڊ تان هٿ آئي. فيض گنج ڀرسان پڪا چانگ ڀريا لنڪ روڊ تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چاچو ۽ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ ۽ ساٿي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڪار کي باهه ڏئي لاشن کي ساڙيو ويو،. لاشن کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس لاش ڪڍي تعلقي اسپتال ڀريا پهچايو. پڪا چانگ ڀريا روڊ لنڪ روڊ تي مير محمد راڄپر جي بنگلي جي ڀرسان ڪار اي وي اي 795 تي جوابدارن جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چاچو شهيد بشير قريشي جو ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي جيئي سنڌ لطيف سنگت جي صدر سليمان وڌو کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس ڪار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڪار کي باهه ڏيڻ سبب لاش مڪمل سڙي ڪوئلو ٿي ويا. جنهن سبب بر وقت لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي بعد ۾ ڪار جي سي پي ايل رپورٽ ڪرائڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪار مقصود قريشي جي آهي. جنهن کانپوءِ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تصديق ڪئي ته ڪار ۾ سڙي ويل جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چاچو مقصود قريشي ۽ سندس گڏ سليمان وڌو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن ۽ ڀريا روڊ پوليس لاشن کي ڪار مان ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پهچايا آهن،. ٻئي طرف ڪار جي ڀرسان رت جا نشان هئا ۽ پهريان قتل ڪري پوءِ ڪار کي باهه ڏني وئي آهي. ڪار کي باهه تقريبن رات جي 5 وڳي ڌاري ڏني وئي جيستائين ڳوٺاڻا پهتا تيستائين ڪار کي باهه مڪمل طور گهيري ورتو هو. ڏسندي ڏسندي ڪار مڪمل سڙي وئي ۽ لاش ڪوئلو بڻجي ويا. ڀريا روڊ پوليس ڪار مان بر وقت لاشن ڪڍڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو. پوءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا. جسقم جي انتهائي باخبر اڳواڻن وٽان خبر پئي آهي ته مقصود قريشي ۽ محمد سليمان وڌو کي ميهڙ ڀرسان 20 مارچ جي رات جو 9 وڳي اغوا ڪري ڀريا روڊ ۽ فيض  گنج مين روڊ سان قائم خان فيڪٽري ڀرسان آڻي رات جي وقت ڪيميڪل هاري باهه ڏني وئي. جنهن کانپوءِ صبح ٿيندي ايندڙ ويندڙ ماڻهن پوليس ۽ صحافين کي ڄاڻ ڏني. جنهن کانپوءِ مقصود قريشي جي گاڏي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي. واقعي خلاف ڪارڪنن لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. جتي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، امجد مهيسر ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ پهچي ويا. دير تائين ڌرڻو جاري رهيو. جنهن بعد جسقم ڪارڪن قافلي جي صورت ۾ لاش کڻي ڪراچي روانا ٿيا. جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت جي صدر سليمان وڌو جي شهادت جو ٻڌي سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا. ٽائرن ۽ گاڏين کي باهه ڏني وئي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سيلمان وڌو جي قتل واقعي جي خبر پوڻ تي ڪشمور شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويو،. ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جسقم جي شاهه گل مزاري، هدايت الله جکراڻي، معشوق کوسو، علي حسن چاچڙ ۽ ٻين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. ڀريا سٽي واقعي خلاف گڊو ۾ جسقم جي مڇريل ڪارڪنن شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪرائي جسقم اڳواڻ عزيز ٿھيم، حضرت الله مزاري ءِ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.سڄي سنڌ جيان ڪوٽڙي ۾ به جسقم اڳواڻ ڪاوڙ وچان روڊن تي نڪري آيا. ڪوٽڙي جي مختلف علائقن نانگو لين، لطيف چوڪ، المدينا چوڪ، اسٽيشن روڊ، خورشيد چوڪ ۽ ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي جسقم ڪارڪنن جو احتجاج، ڪاوڙ وچان جسقم اڳواڻن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اڪثر ڪوٽڙي جي علائقن ۾ فائرنگ جو سلسلو برقرار رهيو. شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءَ مقصود قريشي جي شهيد ٿيڻ واري واقعي بعد جسقم ڪارڪنن ميرپور ماٿيلو شهر مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته جسقم ڪارڪنن فقير رمضان ڪلوڙ ، وارث ڪورائي ، اظهر ڪلوڙ ،ڪمال مهر ، ايس ٽي پي اڳواڻ زاهد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ميرپور ماٿيلو شهر جي ڀٽائي چوڪ آڏو ڪارڪنن احجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ بعد نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏي جنهن ڪري سنڌ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. جسقم ضلعي شڪارپور طرفان مقصود قريشي ۽ سلمان جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف سوين ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا عبدالسميع بلالي جي اڳواڻي ۾ لکيدر چوڪ تي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھري ۾ وسيم احمد چنو، سھيل حاجاڻو، سيد عقيل شاھ، اياز ميراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن شامل ھئا ۽ شهر ۾ ھڙتال رھي اھم ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون، اناج منڊي، سبزي منڊي، شاھي بازار، ڍڪ بازار، ڀٽائي بازار، صدر بازار، ھاٿي در، اسٽيشن روڊ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون بازارون بند رھيون. خيرپور ناٿن شاهه، گوزو، خانپور سميت ننڍا وڏا شهر مڪمل طور تي سوڳ ۾ بند ٿي ويا.جڏهن ته روڊن تان ٽريفڪ غائب رهي. جوهي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن روڊن تي اوڇنگارون ڏيندي نڪري آيا، مڇريل ڪارڪنن پاران ڏسندي ڏسندي روڊن ۽ مک چوراهن تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون. مڇريل جسقم ڪارڪنن پاران شٽر بند هڙتال بعد جسقم اڳواڻن غلام نبي باهوٽو، غلام رسول لنڊ، هاجن بروهي، لياقت ڏاهري، استاد هارون پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻ ۾ سوين ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڦلجي اسٽيشن ۾ جسقم، ايس ٽي پي، جسمم جا سوين ڪارڪن مڇرجي روڊن تي نڪري پيا. واقعي جي اطلاع بعد ڦلجي اسٽيشن شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويو.شهدادپور ۾ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. جنهن سبب شهر مڪمل طور بند ٿي ويو. هوڏانهن ڪارڪنن وزير ڪلهوڙو، شير ٽالاڻي، سڪندر شيخ سميت اڳواڻن، ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. خانواهڻ ۾ جسقم ڪارڪنن ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ جسمم، جسم، سنڌ نيشنل موومينٽ ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ واپارين شرڪت ڪئي. شهر ۾ هڙتال به ٿي. ڪوٽ غلام محمد ۾ جسقم اڳواڻن ياسين ڀرڳڙي، طفيل لغاري، اڪبر لنجواڻي ۽ جسمم ضلعي صدر رياض لغاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ٽنڊو آدم ۾ جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر بند ٿي ويو. ڪنري ۾ شٽربند هڙتال رهي. رمضان خاصخيلي، رحيم خاصخيلي ۽ يونس چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. ٽنڊي الهيار ۾ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي جي شهادت کان پوءِ جسقم جا مڇريل ڪارڪن رستن تي نڪري آيا جڏهن ته اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ کان پوءِ شهر مڪمل بند ٿي ويو جسقم اڳواڻ  مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي شهادت کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي مختلف علائقن ۾ ڪارڪنن جون اهم گڏجاڻيون ٿيون، ڪارڪنن ڪيريا شاخ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي جي قتل خلاف موري ۾ جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڻڄاتل ماڻهن هڪ ٽرالر ڪي 8188 کي هڪ ٽرڪ نمبر ٽي ڪي ايل 500 کي باهه ڏئي ساري ڇڏيو. ٻئي طرف قومي شاهراهه تي جسقم ڪارڪنن جڳديش ڪمار، امين ڪلهوڙو، محرم دل، ياسين ملاح، سميت سوين ڪارڪنن ٻيهر محبوب اڳواڻ جي ديدار لاءِ باءِ پاس تي گڏ ٿي ويا. سجاول جوڻيجو ۾ امير جان مگسي ۽ عرضي ڀٽو ۾ جسقم ڪارڪنن عبدالوحيد چانڊيو عمران لانگاهه جي اڳواڻ ۾ احتجاجي  مظاهرا ڪيا هوڏانهن عرضي ڀٽو ۾ جسقم ڪارڪنن پاران شهر اندر مڪمل شٽربند هڙتال ڪرائي انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. کڏڙي ۾ جسقم ڪارڪنن احتجاج ڪيو. شهر ۾ هڙتال رهي. ڳڙهي خيرو سڄو شهر بند ٿي ويو.شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند ٿيڻ ڪري ڳوٺن کان خريداري لاءِ آيل ڳوٺاڻا سخت پريشان رهيا. ان بعد ڪارڪنن سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي.جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي، سليمان وڌو کي ڀريا روڊ ۾ ماري ۽ لاشن کي ساڙڻ واري خبر پوري سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. جسقم جا سوين ڪارڪن سوڀوديرو شهر ۾ روڊن تي نڪري آيا. جسقم ڪارڪنن ڪرم حسين سامٽيو، حاڪم منگي جي اڳواڻي ۾ سوڀوديرو شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪرائي. جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ ساٿي کي زندهه ساڙي شهيد ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪالهه جسقم ضلعي عمرڪوٽ جي اڳواڻ آزاد ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. صالح آريسر ۽ ارباب ڀيل پڻ شريڪ ٿيا.شهر مڪمل بند ٿي ويو. ڀريا سٽي واقعي خلاف نيو سعيد آباد جي سمورن شهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن پراڻي سعيد آباد، بکر جمالي، پنجمورو، مشتاق آباد، امين لاکو، اول ڇڇر سميت ٻين هنڌن تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جسقم سنڌ جي اڳواڻ مقصود قريشي جي قتل خلاف سنڌ سميت سجاول مڪمل بند رهيو. ڪڙيو گھنور  شهر ۾ شٽر ڊائون هڙتال، ٽائرن کي باهيون، ڀر پاسي ڪاروبار مڪمل بند، شهر واسين واقعي کي رياست جي سڀ کان وڏي ۽ بد ترين دهشت گردي قرار ڏئي ڇڏي. جسقم اڳواڻ جي شهادت واري خبر ملڻ شرط جسقم ڪارڪن ۽ ڪيترائي شهري روڊن تي نڪري آيا.ڪاروبار ۽ تيل فيلڊ جو ڪم بند رهيو. غلام الله شهر ۾ جسقم اڳواڻ نياز علي رند، غلام حسين گهراڻو جي اڳواڻي ۾ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ غلام الله شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. بدين شهر سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو. جسقم بدين جي اڳواڻن حيدر شاهه جي اڳواڻي ۾ 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ڀريا تلهار ۾ سٽي لڳ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي بيرحماڻي جي واقعي خلاف ڪيترائي ڪارڪنن روڊن تي نڪري آيا. شهر مڪمل طور بند رهيو. ٺري ميرواھ ۾ جسقم ڪارڪنن ذوالفقار ڦل ، راھيل ٻانڀڻ ، احسان شر ، ياسين شر ،  ھزار سنڌي  جي  اڳواڻي ۾ ننڍن وڏن شھرن ٺري ميرواھ ھنڊياري ، سوئي گئس پيروسڻ ، بوزدار وڏا ،ڪورڪي حاجاڻا کرڙاھ سميت ننڍن وڏن شھرن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي وئي. شاهپورجهانيان ۾ ڀريا واقعي خلاف جسقم پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي شهرين پاڻ مرادو دڪان بند ڪري جسقم جي احتجاج ۾ شامل ٿي ويا جڏهن ته جسقم اڳواڻن ظفر  ٻگهيو، غلام نبي ڏاهري ،امام بخش ڏاهري ،اسد ٻگهيو ،نعمت سولنگي ،غلام نبي سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاٰءِ وي تي ڌرڻو هنيو. کهڙن ۾ به جسقم جا ڪارڪن مڇرجي روڊن تي نڪري آيا. محمد علي اڄڻ، سليم ميمڻ، عاشق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري کهڙا، گمبٽ لنڪ روڊ پوليس چوڪي سامهون ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ کي بلاڪ ڪيو. جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي جي قتل خلاف منهڙو شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال شهر جا ننڍا توڙي وڏا ڪاروباري مرڪز ۽ پيٽرول پمپ مڪمل بند ڪيا ويا. ڦل شهر مڪمل بند ٿي ويو. نذير کوسو، حميد پيرزادو، خالق ڦل، شاهد پيرزادو، ايوب مري ساجد مري سميت سوين ڪارڪن ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا.محراب پور ۾ سوين جسقم ڪارڪن احتجاجن رستن تي نڪري آيا. جڏهن ته واقعي بعد سوڳ ۾ شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند ٿي ويا. تعلقي ميرپورساڪري ۾ مڪمل هڙتال رهي. گهاري ۾ جسقم ڪارڪن عادل شاهه، غلام حسين خاصخيلي، گلزار خاصخيلي، ڌاٻيجي ۾ حاجي سڪندر جمالي، مقصود جوکيو، ميرپورساڪرو ۾ قادر جوڻيجو، غلام الله ۾ نياز رند، ٻهارا ۾ شڪور ميراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين جسقم ڪارڪن ڌرڻا هڻي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. ڀان سيد آباد شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ٿي. جڏهن ته جسقم تعلقي صدر ڪاڪ لغاري جي اڳواڻي ۾ جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. اڳڙا ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود خان قريشي جي مبينا قتل خلاف جسقم يونٽ اڳڙا جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. شهر ۾ شٽربند هڙتال رهي. ڊکڻ ۾ جسقم جي سوين ڪارڪن بشير چانڊيو، اسلم لاشاري، سعيد منگي، آغا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊو باگو شهر ۾ ڪالهه مڪمل هڙتال رهي. مقصود خان قريشي جي شهادت جي خبر ملندي ئي جسقم جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا ۽ ٽنڊو باگو ۽ ان جي ڀرپاسي جا ننڍا وڏا شهر بند ٿي ويا. ميهڙ ۾ شهيد مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي قتل خلاف ميهڙ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جسقم ۽ ٻين قوم پرست ڪارڪنن سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا. سوين ڪارڪنن اعجاز چانڊيو، اڪبر کوکر، محرم بروهي جيئي سنڌ موومينٽ جي مرڪزي صدر انور کوکر، عبدالرشيد چانڊيو، جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي ضلعي دادو صدر مختيار سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. راڻي پور به سوڳ ۾ پاڻمرادو مڪمل طور بند ٿي وئي. جنهن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز پڻ شامل آهن. جسقم، جسم، ايس اين پي ۽ ٻين سياسي ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميان بخش شاهاڻي، لياقت ميمڻ، نثار ڀٽو، ناظم ڄامڙو، الطاف عباسي، امتياز ملاح ۽ فيض سنڌي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي قومي شاهراهه تي تڏو وڇايو. فيض گنج جا شهر اڪري، ڪرونڊي، پڪا چانگ، ڀنگو بهڻ، ڪوٽ لالو مڪمل بند ٿي ويا ۽ جسقم ڪارڪن روڊ تي نڪري آيا جن نيشنل مهراڻ هاءِ وي تي ڪرونڊي، پڪا چانگ باءِ پاس جلال جي چودڳي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو. هالاڻي ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ۽ شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي جي قتل جي واقعي خلاف جسقم جي سوين ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هاءِ وي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. پنگريو ۾ شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ ساٿين جي شهادت خلاف پنگريو ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته جسقم ڪارڪنن رانجهن لال ڀيل ۽ ارشد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. تعلقي ڪوٽڏيجي جا ننڍا وڏا شهر جنهن ۾ ڪوٽڏيجي، ڪوٽ بنگلي، ڪنب، ٽالپر وڏا، فقير آباد، ڇوڏاهو ۽ ٻيا شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويا. جڏهن ته قوم پرست تنظين جيئي سنڌ محاذ، جسقم، جسقم آريسر گروپ پاران مختيار ڀٽي، عبدالواحد راڄپر، محبت شنباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن پاران ڪوٽڏيجي، ڪنب ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. هوڏانهن جساف ضلعي ٿرپارڪر جي صدر سارنگ سميجو کي هڙتال ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ ميرپورخاص پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.سوئي گئس شهر سوڳ ۾ مڪمل طور بند ٿي ويو. جسقم جي سوين ڪارڪنن پاران مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هيو.دوڙ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته روڊ ۽ رستن تان ٽريفڪ غائب رهي. واقعي خلاف جسقم ڪارڪنن مشتاق پرهياڙ، بادل بروهي ۽ امان الله بروهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مهراڻ باءِ پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ جسقم پاران مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته سوين ڪارڪنن ذوالفقارمگسي، بخشل سومرو، نصير سيلرو ۽ بگڙ خاراني جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. جروار ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ (آريسر) پاران جسقم جي اڳواڻن مقصود قريشي، سليمان وڌو کي شهيد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڀڳت سنڌي، الفت وسيم، جبل سنڌي ۽ ٻين ڪئي. سيوهڻ ۾ جسقم ڪارڪنن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري شهر بند ڪرائي ڇڏيو. روڊ تان ٽريفڪ غائب ٿي وئي. ڪارڪنن جهنڊا کڻي عوامي پريس ڪلب سيوهڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. چوهڙ جمالي ۾ جسقم ڪارڪنن اياز آخوند، اڪرم بلاولي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال. مين شاهي بازار، مڇي مارڪيٽ، مدني چوڪ، حيدري چوڪ سيمت پوري شهر ۾ ڪاروبار مرڪز بند رهيا. ڏوڪري، موهن جو دڙو، ٻلهڙيجي، ڪاراڻي، بگي، ٻنڍي ۽ ٻين علائقن ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو. جسقم، جساف، قومي عوامي تحريڪ، جست ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ارشاد ٻگهيو، جاني ٻگهيو، ذوالفقار جلباڻي، خالد جوڻيجو، ڏياچ پيرزادو، احمد انقلابي، عثمان جيسر، نديم باغي، منصور منگي، ظهير ٻٽ، عبدالستار گاڏهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. دولت پور ۾ شهرين پنهنجا ڪاروباري بند ڪري ڇڏيا. سوين جسقم ڪارڪن نيشنل هاءِ وي تي پهچي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو. جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي شهادت جي خبر پوڻ شرط ئي جسقم ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. جنهن بعد مڇريل ڪارڪنن مدئجي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا. جنهن بعد جسقم ڪارڪنن پاران علي وارث چوڪ کان ارشد جوکيو، شفقت گهمرو، منصور کوکر ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. لکي غلام شاهه، گمبٽ، گولاڙچي، قمبر، ميرپورخاص، ڊگهڙي، جهوڪ شريف، ڪنڌڪوٽ، باقراڻي، ڊرٻ ميهر شاهه، درو شهر بند ٿي ويا. ٺل، سيٺارجا، ڪڪڙ، خانپور جوڻيجو، ڪوٽڙي ڪبير، ٽالپر وڏا ۽ بوزدار وڏا، خانپور، سکر، پنو عاقل ۾ هڙتال رهي. مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي شهادت خلاف نصير آباد پڊعيدن، قبو سعيد خان، ميرپوربٺورو، ٽنڊو آدم، جاتي، خيرپور، باڊهه،گهوٽڪي، ٻانڌي، نئون ڪوٽ، رسول آباد، ٺٽو، هالا، وارهه، وارث ڏنو ماڇي، سامارو، ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڪاروبار بند رهيو. دادو، سڪرنڊ، سن، منظور آباد، مانجهند، ميهڙ، فريد آباد، مومل جي ماڙي، جيڪب آباد، ڀٽ شاهه، ڪنڊياري، نئين ديري، نواب ولي محمد، تنگواڻي، سيتاروڊ، ڳيريلو، ميرو خان ۾ هڙتال رهي. ڄامشوري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ متحده محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، شاهه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيشن شلوا سميت قوم پرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ رستن تي نڪري آيا، جن احتجاجي مظاهرا ڪري ڪري ڌرڻا هنيا ان کان اڳ قومي ڪارڪنن محمد بخش مري، رياض ناريجو، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، جبل سنڌي ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جو گشت ڪري ڪاروباري مرڪز، هوٽلون، پيٽرول پمپ بند ڪرائي ڇڏيا. ٽنڊي محمد خان ۾  جسقم جا سوين ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪندي سڄو شهر بند ڪرائي هڙتال ڪري ڇڏي ، هڙتال سبب شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار ، اناج منڊي ، اسٽيشن رود ، ڦليلي پار سميت سڄو شهر بند رهيو ، جڏهن ته بدين، حيدرآباد روڊ تان ٽرئفڪ به مڪمل غائب ٿي ويئي سوين ڪاوڙيل ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي ريلوي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي بدين حيدرآباد روڊ تي ايوبيه چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ، جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ جسقم جي پارٽي ترجمان مقصود قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت جي مرڪزي صدر سلمان وڌو جي قتل خلاف ملير جي گلشن حديد، پپري، گهگهر، ڀينس ڪالوني، ميمڻ ڳوٺ، ابراهيم حيدري، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، ڀٽائي آباد، يوسف ڳوٺ، مارئي ڳوٺ، ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، فقيرا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، خميسا ڳوٺ، گڏاپ، درساڻو ڇنو، کوکرا پار، گلستان جوهر، يونيورسٽي روڊ، قائد آباد، ملير 15، چڪرا ڳوٺ، بلال ڪالوني، مهراڻ ٽائون، چنيسر ڳوٺ سميت ڪراچي جون سنڌي وسنديون مڪمل طور بند ٿي ويون ۽ سمورن علائقن ۾ تعليمي ادارا، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ٿي ويو، جڏهن ته مڇريل ڪارڪنن قومي شاهراهه، گلشن حديد موڙ ۽ ٺٽو، ڪراچي قومي شاهراهه گهگهر ڦاٽڪ، ڀينس ڪالوني موڙ، ميمڻ ڳوٺ مين روڊ، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، صفوران چورنگي، ماروئڙا ڳوٺ، بلال ڪالوني ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، واقعي جي خبر ملير ضلعي ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي، جسقم ڪارڪن گهرن کان ٻاهر نڪري روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻجي ويا، جڏهن ته سوين ڪارڪن جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي رهائشگاهه گلشن حديد پهچي واقعي خلاف مظاهرو ڪيو ۽ جوابدارن خلاف نعريبازي ڪئي.
مقصود قريشي مارچ 1971ع ۾ رتي ديري ۾ ڄائو، 2002ع ۾ شادي ڪئي
ملير: شهيد مقصود خان قريشي پهرين مارچ 1971ع ۾ رتوديرو ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم رتوديرو ۾ حاصل ڪيائين، جڏهن ته انٽر پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ ايم بي اي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، مقصود خان قريشي جي شادي 2002ع ۾ ٿي،  شهيد بشير خان قريشي ۽ مقصود خان قريشي صرف 2 ڀائر هئا جيڪي ٻئي پر امن جدوجهد دوران رستي تي ئي شهيد ڪيا ويا، 2 سال اڳ 7 اپريل جي رات 12 وڳي سندس وڏو ڀاءُ سنڌ جو محبوب ليڊر جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو، 2 سالن کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ مقصود خان قريشي به جدوجهد دوران گوليون هڻي ساڙي شهيد ڪيو ويو.
جسقم جو لاش رکي ڪراچي ۾ آزادي مارچ جو اعلان، تبت سينٽر وٽ جنازي نماز ٿيندي
ڪراچي: جسقم سڀاڻي ڪراچي ۾ هر صورت ۾ آزادي مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي جنازي نماز تبت سينٽر وٽ ٿيندي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ادارا 23 مارچ تي ٿيندڙ فريڊم مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ جسقم اڳواڻن کي بيدردي سان قتل ڪيو آهي، اسين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حڪمرانن کي چتاءُ ڏيون ٿا ته بلوچستان وانگر سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي بي رحمي سان قتل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ لکين سنڌ واسي پنهنجي محبوب اڳواڻن جو پلاند ڪرڻ لاءِ سرن تي ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪري ايندا، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مقصود خان قريشي سنڌ جو بهادر پٽ هيو، 23 مارچ جي فريڊم مارچ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پنجاب جي ايجنسين جسقم جي قيادت تي حملو ڪيو آهي، ڪجهه وقت کان وٺي اسان جي سڄي قيادت کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته فريدم مارچ ملتوي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قيادت کي قتل ڪنداسين. پر اسان سنڌ جي آزادي لاءِ جيڪا وک اڳتي کنئي آهي اها ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه ڪنداسين، انهي ۾ سنڌي قوم اسان سان گڏ آهي، ۽ 23 مارچ جو فريڊم مارچ هر صورت ۾ ٿيندو ۽ هاڻي ڪراچي جي تبت سينٽر وٽ لکين نه پر ڪروڙيڻ سنڌي گڏ ڪري دنيا کي ٻڌائينداسين ته هاڻي سنڌي ڪنهن به صورت ۾ رهڻ نه ٿاچاهن، سدائين اسان جي ڳڀرو پٽن کي قتل ڪيو ويو آهي، مقصود خان قريشي کي به سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نور الله تنيو جهڙي ڪارروائي ڪري قتل ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي شهيد اڳواڻ جو خون ڪنهن به صورت ۾ رياست کي بخش نه ڪنداسين. نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج تي رينجرز ۽ پوليس جي تشدد، گرفتارين ۽ نوابشاهه ۾ جسقم جي ڪارڪنن جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ رياست کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جي پر امن قومي ڪارڪنن جي صبر جو غلط فائدو نه وٺن. هن وڌيڪ چيو ته شهيد مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جو خون رائگان نه ويندو. هوڏانهن ڪارڪنن ڀريا سٽي قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، 8 ڪلاڪن بعد جسقم جي مرڪزي اڳواڻ لاش کڻائي ڪراچي روانا ٿيا، مورو، سڪرنڊ، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪن لاشن کي چنبڙي پيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ گلن جي ورکا ڪئي وئي. 
قومپرست ۽ سياسي پارٽين پاران واقعو سنڌ دشمن قرار، جاچ جو مطالبو
ڪراچي (پ ر) جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي قتل جي سياسي سماجي پارٽين مذمت ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو چيو ته مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي کي قتل ڪيو ويو آهي.  واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته قومپرستن کي قتل ڪري سندن لاش ساڙڻ انسان دشمني جو بدترين مثال آهي، جنهن جي عدالت تحقيق ڪرائي وڃي. جسقم اڳواڻ عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر مير عالم مري ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي قومي تحريڪ جي هڪ ٿيڻ جي وقت آهي. مارچ ۾ گڏ هونداسين. جست جي سربراهه صفدر سرڪي چيو آهي ته جسقم سان ڏئي گھڙي ۾ گڏي آهيون. شفيع ڪرناڻي، سهيل ابڙي ۽ ٻين چيو ته آزادي مارچ کي ڦٽائڻ لاءِ مقصود قريشي کي شهيد ڪيو ويو آهي. سنڌ نيشنل موومينٽ جي وقتي چيئرمين اعجاز سامٽيو ۽ ٻين قتل جي مذمت ڪئي سنڌي ادبي سنگت مرڪزي سيڪريٽري مشتاق ڦل، ذوالفقار سيال ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪئي ۽ سوڳ جو اعلان ڪيو. جسم چيئرمين سرور سهتي عوامي جمهوري پارٽي ايس ٽي پي، جميعت علماءِ سنڌ ۽ جماعت اسلامي به واقعي جي مذمت ڪئي آهي. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آهي ته قومي تحريڪ کي ڪچلڻ سنڌ دشمني ۽ ملڪ دشمني آهي.
جسقم اڳواڻن جي قتل تي مختلف ڌرين پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان
ڪراچي/ سکر/ حيدرآباد: جسقم اڳواڻن جي قتل واري واقعي کانپوءِ مختلف سياسي سماجي ڌرين 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌي پنهنجي حقن لاءِ جاکوڙ جاري رکندا. بلوچ قومي موومينٽ 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پارٽي جي صدر مير سرمد بلوچ، فدا حسين بلوچ ۽ ٻين چيو ته بلوچن کانپوءِ سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. سنڌين کي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ ساگر پارٽي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي واقعي کي 23 مارچ واري فريڊم مارچ کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالله لغاري، اسحاق لاشاري ۽ ٻين واقعن جي مذمت ڪئي. ماروئڙا ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي. سچوا اڳواڻ اصغر چانڊيو واقعي جي مذمت ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ سيد برادري جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد بچل شاهه بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مقصود قريشي 3 ڏينهن سوڳ ڪنداسين. ايجنسين 23 مارچ واري مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو آهي. ف ليگ اڳواڻ لڇمڻ پيرواڻي، فقير مبارڪ مهر ۽ سرفراز جوڻيجو جسقم اڳواڻن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جسقم ڪارڪن صبر کان ڪم وٺن.
قوم پرست اڳواڻن کي ساڙي قتل ڪرڻ جو ٻيو واقعو
ملير: ٻن سالن اندر جسقم ۽ جسمم جي ليڊر شپ کي ساڙي مارڻ جو هي ٻيو ڀيانڪ واقعو آهي، 3 سال اڳ 21 اپريل تي جسمم جي سينيئر وائيس چيئرمين سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نور الله تنيو ۽ سندن دوست نادر بگٽي کي سانگهڙ جي باکوڙي موري وٽ باهه ڏئي گوليون هڻي ماريو ويو، ڪالهه وري جسقم جي پارٽي ترجمان مقصود خان قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت جو مرڪزي صدر سلمان وڌو کي به ساڳئي نموني گاڏي کي ساڙي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. 
ٽن ورهين ۾ بشير خان سميت 12 قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شهيد ٿيا
ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) جسقم چيئرمين بشير قريشي جي شهادت سميت ٽن ورهين ۾ 12 قوم پرست ڪارڪن ۽ اڳواڻ شهيد ڪيا ويا آهن، جن ۾ کنڀي قتل ڪيل ۽ مقابلو ڄاڻائي ماريل شامل آهن. بشير خان قريشي کي 2012ع ۾ 23 مارچ تي آزادي مارچ ڪرڻ کان 15 ڏينهن بعد 7 اپريل تي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. ان ئي سال 22 مئي تي جسمم جي سال اڳ کنڀي گم ڪيل اڳواڻ مظفر ڀٽي جو حيدرآباد ويجهو هٽڙي باءِ پاس وٽان لاش مليو. گذريل سال 28 اپريل تي ڪڪڙ ويجهو چوکنڊي وٽ جسمم ڪارڪن عامر کهاوڙ ۽ سجاد مرکنڊ جا لاش مليا، جن کي 24 اپريل تي کنڀيو ويو هو. 14 آگسٽ تي هڙتال کان پوءِ  15 آگسٽ تي ڪراچي ۾ جسمم اڳواڻ ضامن شاهه ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن صوبل ڏهر ۽ يامين چاچڙ کي ڪراچي ۾ مقابلو ڄاڻائي شهيد ڪيو ويو. آڪٽوبر ۾ برڪت چانڊيو عرف ديوان پريم جو ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تان لاش مليو. هلندڙ سال فيبروري ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ اڳواڻ صاحب گهوٽي جو لاش مليو، جنهن کي به 3 ڏينهن اڳ هاءِ ڪورٽ وٽان کنڀيو ويو هو. سندس لاش به ڀريا روڊ وٽان هٿ آيو ۽ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت اڳواڻ سليمان وڌو کي به ڀريا روڊ ويجهو پڪا چانگ لنڪ روڊ وٽان لاش مليو آهي.
مقصود قريشي جي قتل جي مذمت، لياري ۾ امن ٿيندو: قومي عوامي تحريڪ
ڪراچي:  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پيلجو چيو آهي ته جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي جي قتل وارو واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ آهي هن بربريت واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جسقم اڳواڻ کي قتل ڪندڙ امن ترقي ۽ جمهوريت جي خدمت ڪون پيا ڪن اهڙا حادثا ڪري سنڌ جي امن کي خراب ڪيو پيو وڃي مقصود قريشي مون کي ڀائرن وانگي هو شهيد بشير خان کان پوءِ مسلسل جدوجھد ۾ رهيو ان جي لئه قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سندس قاتلن کي بي نقاب ڪري فوري گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسين لياري ۾ امن هر صورت ۾ قائم ڪرائينداسين هن چيو ته ڪراچي امن لئه لياري جو امن لازمي آهي لياري جو عوام هميشه آمريت ظلم خلاف جدوجھد ڪري ۽ تحفظ سنڌ لئه ڪردار ادا ڪيو آهي، بلوچ عوام ڪڏهن به مذهبي لساني توڙي سياسي انتها پسندي ۾ ملوث نه رهيو آهي. لياري ۾ قانون جي رٽ قائم ڪرڻ لئه عدالتن کان مٿانهون قتل ٽارچر ۽ ڪلنگ کان پاسو ڪري بلوچ عوام لئه ڪدار ادا ڪيو وڃي بلوچ عوام امن لئه ڪردار ادا ڪندا رهندا لياري ۾ امن قائم ڪرڻ واري ڪوشش تي سڀ پارٽيون خوش آهن مان لياري جي بلوچن جي روزگار ۽ سهولتن لئه چوڌري نثار سان ڳالهايو آهي. ايم پي اي ثانيه ناز بلوچ چيو آهي ته اسين اياز جا شڪر گذار آهيون جنهن لياري جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجھو آهي لياري بي بي شهيد جي نشاني آهي ان کي بچائڻو پوندوسرڪار لياري جي بنيادي سهولتن ۽ بنيادي ضرورتن جي پيڪيج جو اعلان ڪري اسين لياري واسين کي ڪڏهن به ڏک ۾ اڪيلو نه  ڇڏينداسين. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو لياري جي مختلف علائقن جو دورو ڪري جهٽ پٽ مارڪيٽ واقعي ۾ شهيد ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان عذر خواهيون ڪيون. اياز لطيف پليجو جو چوڻ آهي ته هاڻ اهو چوڻ جو دور ناهي ته لياري شهيدن جو قلعو، داستان ۽ جانثارن جو قبرستان آهي، هاڻ وچن ڪيو ته بجا تير بجا تي نه نچندئو، لياري کي روزگار، تعليم ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڪالهه اياز لطيف پليجو جيئن ئي لياري پهتو ته لياري جي سوين رهواسين ايم پي اي ثانيه ناز، عدنان بلوچ، مولانا عبدالمجيد سربازي ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي جنهن کان پوءِ اياز لطيف پليجو، ثانيه ناز ۽ ٻين جهٽ پٽ مارڪيٽ سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان عذر خواهي ڪئي ۽ امن امان بحال رکڻ جي حوالي سان پڻ لياري جي رهواسين کي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو هن چيو ته مون ميان نواز شريف سان ڳالهايو آهي ۽ چيو آهي ته پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، اسٽيل مل ۽ ٻين ادارن ۾ لياري جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت پڻ فوري طور تي لياري لاءِ 10 هزار نوڪرين جو اعلان ڪري جنهن سان ئي امن بحال ٿي سگهي ٿو.ان موقعي تي ايم پي اي ثانيه ناز چيو ته اياز لطيف پليجو لياري جو آواز آهي ۽ آئون لياري جي نياڻي آهيان، اسان جا دشمن سوچن پيا ته لياري ۾ امن ئي نٿو ٿي سگهي پر اياز لطيف پليجو دشمنن جا سڀ ارادا ختم ڪري امن بحال ڪرائي ڏيکاريو هاڻ لياري جي مستقل امن لاءِ لياري جا رهواسي اسان جو ساٿ ڏين.
سنڌي اڄ نڪري اچن، حقن لاءِ متحد ٿيڻو پوندو: گلوڪار ۽ اداڪار
ملير: سنڌ جي ناليواري فنڪاره شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس پروفيسر ابراهيم خشڪ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌيو جي تڏي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي رهائشگاهه گلشن حديد پهچي المناڪ موت تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي قوم جيستائين متحد نه ٿيندي تيستائين ائين ئي قتل ۽ بربريت جو شڪار ٿيندا رهندا. شازيه خشڪ چيو ته اڄ آءُ تڏي تي ڏک ونڊڻ نه آئي آهيان بلڪه سنڌ جي نياڻين کي پيغام ڏيڻ آئي آهيان ته اچو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃون، هن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، ٿر ۾ بک وگهي مرندڙ معصوم ٻارڙن جي موت جا ذميوار موجوده حڪمران آهن، ٿر ۾ آيل ڏڪار قدرتي نه بلڪه حڪمرانن جي نا اهلي آهي. هن چيو ته جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ آءُ شامل ٿيندس ۽ سنڌ جي هر نياڻي ۽ پٽ کي اپيل ٿي ڪريان ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ فريڊم مارچ ۾ شامل ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏين. شازيه خشڪ چيو ته سنڌ واسي ڏک ۽ صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سان حوصلو وڌندو ۽ حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ تيزي ايندي. پروفيسر ابراهيم خشڪ چيو ته اسين سنڌي لکين سال جي تهذيب رکندڙ قوم آهيون، اسان کي ملڪ جي نالي تي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين ننڊ مان بيدار ٿي پنهنجي حقن جي لاءِ متحد ٿي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جا هٿ مضبوط ڪريون. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي، شهيد مقصود قريشي ۽ ٻيا ڪيترا ڌرتي جا پٽ سنڌ جي حقن جي آواز اٿارڻ جي ڏوهه هيٺ قتل ڪيا ويا آهن، هن ملڪ ۾ حق گهرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو ته جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي شهيدن جي رت سان وفاداري جو ثبوت ڏيون. ناليواري اداڪار اسد قريشي چيو ته سنڌ ڌرتي هر دور ۾ دولهه دريا، بشير خان قريشي، مقصود قريشي جهڙا پٽ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڌرتي خاطر جان جي قرباني ڏئي ڌرتي ڌڻين ۾ اتساهه پيدا ڪيو. هن چيو ته سنڌي قوم سمورا خوف ۽ ڊپ دل مان ڪڍي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ گڏيل جدوجهد جي ميدان ۾ ٻاهر نڪري اچي،  جيڪڏهن هن وقت به اسين ٻاهر نه نڪتاسين ۽ متحد نه ٿياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
روزاني عوامي آواز

Maqsood Qureshi killing sparks violence in Sindh

Discovery of bodies of JSQM leader and his friend in a burned-out car triggers gunfire and disorder
Karachi: Tension gripped areas of the interior Sindh province on Friday amid gunfire, burning of vehicles and the closure of shops and markets after the bodies of a Sindhi nationalist leader and his friend were found in a burned-out car.
Sources said Maqsood Qureshi, the brother of Bashir Qureshi, the late chairman of Jiye Sindh Qaumi Mahaz (JSQM), and his friend were discovered in the vehicle in Naushero Feroze city and identified at a government hospital in Bhiria.
Almost as soon as the news of Qureshi’s killing broke in the town shops were closed in Nawabshah and Naurshero Feroze and JSQM activists took the body to the national highway, where they blocked the road by staging a sit-in. Several vehicles on the road were set on fire.
Media reports said that a man was shot to death in the Gharibabad area of Nawabshah while another two people were injured.

The offices of Pakistan International Airlines (PIA), Pakistan Telecom, a private bank and a courier service were attacked.
Gunshots could also be heard in Kotri, while in Larkana a strike was declared and several areas of the town shut down.
In Ratodero, a Chandka Medical College bus and a police van were set on fire and examinations were called off at Mehran Engineering University and Liaqat Medical University in the Jamshoro district.
Sources said that the traffic was thin on the roads of interior Sindh and the towns and cities of Hyderabad, Badin, Thatta, Khairpur, Tando Allahyar, Tando Mohammad Khan and Ghotki also remained tensed over the killing of Qureshi and his friend.
http://gulfnews.com/news/world/pakistan/maqsood-qureshi-killing-sparks-violence-in-sindh-1.1307002





A leader of Jiye Sindh Qaumi Mahaz (JSQM) Maqsood Qureshi was found dead in mysterious circumstances in a car, triggering tension in interior Sindh and Hyderabad, a private news channel reported Friday.
A burnt car was spotted along Bhiria Road, Naushero Feroz, with two bodies in it. Police said one of the bodies was identified as Maqsood Qureshi and while the other one was his companion, Salman.
As soon news of Qureshi’s spiraled, law and order situation in various districts of interior Sindh began to deteriorate.
Business activities came to a halt in Hyderabad, Larkana, Ratodero, Qambar Shahdatkot and other small districts of the province, following killing of the JSQM leader.
According to reports, Maqsood Qureshi was going to Karachi to mobilise party workers in connection to their ‘Freedom March’ rally on March 23 in the province.
JSQM Vice chairman Dr Niaz Kalani said the killing of Qureshi was a plot to fail their ‘Freedom March’.
Maqsood was a brother of late JSQM chief Bashir Qureshi who died in Sakrand, Nawabshah in 2012.
Initial reports suggested that Qureshi was on his way to attend a ceremony in Khairpur when, on reaching Shaheed Benazirabad district, he felt chest pain and was rushed to a private hospital. The cause of his death was reported to be cardiac arrest.
Later medical reports claimed that Bashir died of poisoning and not natural causes.
While some sources claim that unidentified miscreants burnt his car after opening fire on it.
http://www.pakistantoday.com.pk/2014/03/21/national/jsqm-leader-found-dead-in-mysterious-circumstances/

No comments:

Post a Comment