Saturday, March 15, 2014

هوليءَ جي رنگن جي ڪيمسٽري

هولي هندو جاتي جو شڀ ڏڻ آهي، جيڪو هندو جاتي هر سال ڦڳڻ مهيني جي پورنماسيءَ تي ڌام ڌوم سان ملهائيندي آهي. رنگا رنگي سندر ڏڻ ”هولي“ کي هندي ۾ ”هوري“ ۽ مارواڙي ۾ ”هولي“سڏيو وڃي ٿو. هولي کي ”هولڪا“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. لفظ ”هوري“ جي معنيٰ آهي ”خوشي“، يعني ”خوشين جو ڏڻ“. هن ڏينهن تي سچ يعني ست، ڪوڙ يعني است تي فتح حاصل ڪئي. هولي جو ڏڻ هر سال مارچ مهيني ۾ ۽ سنڌي ڪئلينڊر جي ڦڳڻ مهيني ۾ مها شِوِ راتڙي کان تقريبن پندرهن ڏينهن پوءِ ايندو آهي. هولي ڌرمي تهوار سان گڏوگڏ موسمي تهوار پڻ ليکيو ويندو آهي. هولي موسمي تهوار ان لاءِ ليکبو آهي، جو هي تهوار سياري ختم ٿيڻ کانپوءِ بهار جي موسم ۾ اچي ٿو. بهار جي موسم ايندي ئي لوڪ هولي جو تهوار ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيندو آهي. هولي جو تهوار ٻين تهوارن کان بلڪل الڳ ۽ نرالو تهوار آهي. انهيءَ ڪري موسم بهار جي پهرين برسات کانپوءِ سرد ۽ خشڪ موسم بدلجي رنگين ٿي ويندي آهي، ٿڌڙيون هوائون هلڻ لڳنديون آهن، سارو جڳ خوشين ۾ پيو جڳمڳائيندو آهي، ان موسم ۾ هي تهوار ”هولي“ ملهايو ويندو آهي. هي تهوار بهار رت جي آمد جي خوشي سان گڏ راڳ ڳائڻ، هڪٻئي کي مٺا طعام کارائڻ ۽ مٺايون ورهائڻ، نوان ڪپڙا پائڻ، نچڻ، ڪڏڻ، رنگن جي ڦهلاءُ، مقصد ته مرڪون وکيرڻ جو نانءُ آهي. ”هولي“ ظلم جي انت ۽ حوصلي، همٿ، ڪاميابيءَ جو تهوار آهي. هولي لفظ ٻڌڻ سان ذهن ۾ رنگن جو تصور اڀري اچي ٿو.
هولي جا رنگ انڊلٺ جي رنگن وانگر انساني زندگيءَ جي سک ۽ شانتي جا اهڃاڻ آهن. رنگن جي رت اچي ويئي آهي، ڀٽائي صاحب جي هي سٽ من جي ڪينواس تي چٽجي وڃي ٿي. هولي جو ڏڻ هر سال ڦڳڻ جي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي خاص اهميت واري روايت اها آهي ته هن ڏينهن تي عزيز، دوست ۽ مٽ مائيٽ، مٿان رنگ ۽ گلال ڇڻڪاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي مٽن مائيٽن ۾ پنهنجائپ ۽ محبت جو جذبو وڌندو آهي، هولي به اسان کي محبت، پيار، ڀائيچاري ۽ خوشين جي اجتماعي تصور سميت بهار جي رنگن کي سڀني جي زندگين م وکيرڻ، پنهنجي خوشين ۾ سڀني کي شريڪ ڪرڻ ۽ سڀني سان ڪاوڙ ختم ڪري پيار ورهائڻ جو سبق ڏي ٿو. هولي اسان کي اهو ئي سمجهائي ٿي ته زندگي جي اصل حقيقت انڊلٺ جهڙي آهي. جيئن انڊلٺ جي ڪيمسٽري سمجهائيندي ٻڌايو ويندو آهي ته فضا ۾ جڏهن پاڻي جي قطرن مان سج جو ڪرڻو گذرندو آهي، تڏهن اهو ستن رنگن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. تئين ڌرتي تي انسان جو جيون به پاڻي جي هڪ ڦڙي وانگر آهي پر ان هڪ قطري مان جڏهن ساهه جو ڪرڻو گذري ٿو. تڏهن اهو ستن رنگن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. ائين هولي به اسان کي رنگن جي روپ ۾ جيون جي حقيقت سمجهائي ٿي ۽ اسان کي سمورن رنگن سان آشنائي پيدا ڪرڻ ۽ انهن سمورن رنگن کي دل جي خوشي سان قبول ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿي. هولي اسان کي جيون جي اصل حقيقت ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن زندگي ۾ صرف هڪ رنگ هجي ته اها ڪائنات ۾ ان آتما جو عڪس نه هجي ها، جنهن ۾ ان ڪائنات جا سمورا رنگ سمايل آهن. هولي اسان کي اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ڪري ٿي ته انهن ڏينهن تي پوري زندگي جي سچائي کي سمجهي سگهون.

No comments:

Post a Comment