Saturday, March 22, 2014

ٻن قومپرست ڪارڪنن جو پراسرار قتل

جمعي ڏينهن فجر جي وقت جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي اڳواڻ مقصود قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف ٻارڙا سنگت جي چيئرمين 17 ورهين جو سليمان وڌو جا باهه ۾ سڙيل لاش مليا آهن. ٻنهي اڳواڻن جا سڙيل جسم پڪا چانگ لنڪ روڊ تي ڀريا سٽي ٿاڻي جي حد ۾ضلعي نوشهري فيروز ۾ سڙي ويل ڪار منجهان مليا آهن. مقتول مقصود احمد قريشي جسقم جي اڳوڻي چيئرمين بشير خان قريشي جو ڀاءُ هيو، جيڪو 7 اپريل 2012ع تي سڪرنڊ ويجهو گذاري ويو هيو، جنهن جي گذاري وڃڻ جي واقعي سان گڏ اڄ تائين پراسراريت موجود آهي. ڪالهه ٿيل ٻنهي قومپرستن جا موت پڻ پراسرار قتل کانسواءِ ٻيو ڪنهن به پاسي پنهنجو ڌيان نه ٿا ڇڪائين.
مليل تفصيلن موجب ٻئي ڄڻا هڪ رات اڳ دادو ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ موجود هيا. هنن پاران گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڪراچي شهر ۾ 23 مارچ تي جسقم جي رٿيل ” آزادي مارچ جلوس“ لاءِ گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪرڻ جي نشاندهي ملي ٿي. فجر جي وقت ٻنهي ڄڻن جا لاش نوشهري فيروز جي حد ۾ مليا آهن. سکر جي ڊي آءِ جي پاران ان واقعي جي ٻن اهم پهلوئن جي جاچ لاءِ نوشهروفيروز جي ايس ايس پي کي جاچ ڪرڻ جو چيو آهي ته اها ڳالهه معلوم ڪئي وڃي ته اها گاڏي اتي ڪيئن پهتي ۽ گاڏي سڙڻ جو واقعو ڪيئن ۽ ڪهڙي مهل ٿيو. جڏهن ته سائنسي طور ليبارٽريون ان ڏس ۾ وڌيڪ پار پتا ٻڌائي سگهنديون
ان پراسرار قتل جي واردات جي خبر ڏينهن جي روشني سان جيئن ئي سنڌ ۾ ڦهلجندي وئي ته سڄي سنڌ ۾ ڏک ۽ احتجاج سبب سموري ڪاروهنوار کي رضاڪاراڻي نموني بند ڪيو ويو، نوابشاهه ۽ پڊعيدن جي علائقن ۾ احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو پڻ قتل ٿي ويو ۽ هڪ وڪيل سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
جسقم جي چيئرمين صنعان قريشي، سنڌ اسيمبلي جي مختلف ايم پي ايز، صوبائي وزيرن، ملڪ جي مڙني سياسي پارٽين جي اڳواڻن ان واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. صنعان قريشي چيو آهي ته سندس والد کانپوءِ سندس چاچي کي پڻ شهيد ڪيو ويو آهي. جسقم پاران اهو پڻ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن کي اول اغوا ڪيو ويو پوءِ ساڙي ماريو ويو آهي. مختلف سياسي پارٽين ٽن ڏينهن تائين پنهنجين سمورين تقريبن جي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ مختلف امتحان، نوڪرين جا انٽرويوز پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن.
جسقم جي مرڪزي اعلان موجب 23 مارچ تي رٿيل ڪراچي واري ريلي ضرور ڪڍي ويندي ۽ شهر جي تبت سينٽر آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ قتل ٿيل جوانن جي آخري نماز تبت سينٽر ۾ پڙهي ويندي.
سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ ضروري ٿي پيو آهي ته اهي انهن واقعن جي بچاءَ توڙي انهن واقعن جي ٿيڻ جي باري ۾ هڪ ڳوڙهو مشاهدو ڪن. طاقت ۽ ان جي توازن جي باري ۾ ويچار ڪن، صلاح مشورا ڪن. جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي سوچڻ ۾ نه عيب آهي نه گهٽتائي، اها ڳالهه سياسي به آهي ته سماجي به ۽ اهو سوچڻ ضروري آهي ته گذريل سموري عرصي ۾ جيڪا به سياست ڪئي وئي آهي ان جا طريقا تبديل ڪري سگهجن ٿا يا نه ۽ مروج طريقن سان فائدا وڌي رهيا آهن يا نقصان وڌيڪ ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ سياست ۽ سياسي ڪارڪنن جو هجڻ ضروري آهي، انهن جو پراسرار نموني مري وڃڻ يا مارجي وڃڻ ڪنهن به حوالي سان سنڌ جي لاءِ سودمند ڳالهه ناهي.

سنڌ آهستي آهستي بلوچستان ڏانهن سفر ڪري رهي آهي. سياسي ۽ قومپرست ڪارڪنن جا پراسرار قتل توڙي گرفتاريون هاڻي معمول جو حصو بڻجي رهيون آهن. ذميداري جي حوالي سان اها پراسراريت جنم وٺڻ کان اڳ توڙي پوءِ سنڌ سرڪار کي ختم ڪرڻي آهي، ان باري ۾ سنڌ سرڪار کي ڪنهن به ڏاڪي تي ڪن لاٽار ڪرڻ جي نه ضرورت آهي نه وري اهو رويو ڪو سنڌ ۾ سانت جو سبب بڻبو. انهن واقعن ۾ جيڪا به پراسراريت آهي انهن جي باري ۾ سڄي سنڌ جي عوام کي تسلي بخش جواب گهربل آهي. اهي واقعا نه ٿيڻ ڏيڻ به سرڪاري ڊيوٽي ۾ شامل آهي. انهن واقعن اڳيان ڪنهن به بيوسي جي اظهار کي هڪ ٻه ڏينهن ته برداشت ڪرڻ ممڪن آهي پر جي اهي پراسرار واقعا وڌي روايت جو روپ ڌاريندا ته پوءِ ڪير منهن ڏئي سگهندو. ڇوته، جيڪڏهن سياسي پارٽين کي سندن خيالن جي ڪري اهي نتيجا ملڻ شروع ٿيندا يا سندن ڪارڪن جيڪي پنهنجي پنهنجي خيال، نظرئي ۽ عقيدي سان سلهاڙيل آهن، انهن تي داخل ڪنهن به ڪيس جو جواب سڙيل گاڏين جي روپ ۾ ملندو، پراسرار قتلن جي حالت ۾ ملندو ته سنڌ ۾ ڪنهن به طريقي سان نه جمهوريت وڌنڌي، نه جمهوري روش وڌنڌي، نه وري گڏجي ڪم ڪرڻ جو ڪو احساس پيدا ٿي سگهندو.
اداريو - عوامي آواز  
22 مارچ 2014ع

No comments:

Post a Comment