Tuesday, March 25, 2014

Maqsood Qureshi & Salman Wadho Burial at Ratodero

شهيد مقصود ۽ سلمان وڌو بشير خان جي پيراندي ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي، هزارين ماڻهو شريڪ
رتوديرو: شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي جنازي نماز هزارين ماڻهو نعرا هڻي رهيا آهن

لاڙڪاڻو/رتوديرو (عوامي آواز نيوز) ڀريا سٽي ۾ بيدردي سان شهيد ٿيل مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو جي مڙهن کي سڏڪن، آهن، دانهن ۽ ماتم سان رتوديرو ۾ بشير خان قريشي جي مزار جي پيرانديءَ ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هزارين ڪارڪنن جي شرڪت. سوڳ ۾ رتوديرو شهر بند رهيو. رپورٽ موجب ڀريا سٽيءَ ۾ پنج ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل جسقم جي اڳوڻي چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود احمد قريشي ۽ جسقم اڳواڻ سلمان وڌو جي مڙهن کي ڪالهه صبح سوير ڪارڪنن جي قافلي ۾ رتوديرو پهچايو ويو. جتان مقصود احمد قريشيءَ جي مڙهه کي سندس رتوديرو واري گهر ۽ شهيد سلمان وڌو جي مڙهه کي ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ قائم خان وڌو ۾ گهر ۾ پهچايو ويو. تڏهن ٻنهي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. شهيد سلمان وڌو جو لاش شهيد مقصود قريشي جي گهر ٻاهران پهچايو ويو. جتان ٻنهي لاشن کي ايمبولينس ذريعي جڏهن باءِ پاس روڊ تي شهيد بشير خان قريشيءَ جي مزار ڏانهن تدفين لاءِ منتقل ڪيو پئي ويو، تڏهن ميتن سان گڏ هزارين ڪارڪنن جو جلوس ساڻ هو ۽ اهي جسقم جي جهنڊن سان ڀرپور نعريبازي ڪندي واقعي تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪري رهيا هئا. مختلف رستن تي شهرين جي وڏي تعداد ميتن مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ ان موقعي تي سوڳ ۾ سمورو رتوديرو شهر بند هيو. سيڪيورٽي لاءِ سڄي ضلعي مان طلب ڪيل پوليس ميتن جي رستن تان عام ٽريفڪ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ميتن جي شهيد بشير خان قريشيءَ جي مزار ٻاهران پهچڻ تي مين باءِ پاس روڊ وٽ شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ ٻين اڳواڻن سميت ناياب سرڪش سنڌي، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي سربراهه قمر ڀٽي سميت مختلف قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. جنازي نماز شهيد مقصود احمد قريشيءَ جي مولانا حافظ عابد قريشي ۽ مولانا اياز ڪمي ڌار ڌار پڙهائي.جنهن کانپوءِ ميتن کي ايمبولينس مان ڪڍي ڪلهن تي کڻي بشير خان قريشيءَ جي پيرانديءَ کان ٺاهيل قبرن ۾ لاهي کين هميشه لاءِ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي ڪارڪنن روئيندي دانهون ۽ ماتم ڪندا رهيا. جڏهن ته “ شهيد توسان آ وچن- پلئه ڪندس، پلئه ڪندس” ۽ “ سنڌ گهري ٿي آزادي” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. شهيدن جي تدفين مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي شهيدن جي مزارن مٿان ڌار ڌار سنڌ جو قومي ترانو چيو ويو. جتي پڻ “ مٽيءَ منجهه ملان” واري سٽ تي ڪارڪنن سڏڪا ڀري روئيندا رهيا. تدفين کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ چيو ته جسقم اڳواڻن جو قتل عام اسان کي جدوجهد جي رستي تان هٽائي نه ٿو سگهي. اسان جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي. هن چيو ته شهيدن جي ٽيجهي کانپوءِ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. جيڪڏهن ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.
رتوديرو: شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي جنازي نماز ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، نياز ڪالاڻِي ۽ ٻيا شريڪ آهن

جسقم جو ڏهه ڏينهن سوڳ، اڳواڻن جي قتل ۾ ڳجها ادارا ملوث آهن: نياز ڪالاڻي
لاڙڪاڻو/رتوديرو: جسقم شهيد مقصود احمد قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي شهادت واري واقعي تي ڏهه ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رتوديرو ۾ ٻنهي شهيدن جي تدفين کانپوءِ جسقم جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس چيئرمين صنعان قريشيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگرحنيف بڙدي، امجد مهيسر، ڪيهر انصاري، عبدالله سومرو ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته ڀريا سٽي واقعي تي جسقم ڏهه ڏينهن سوڳ ملهائيندي. شهيدن جو ٽيجهو 26 مارچ تي رتوديرو ۾ ٿيندو. جنهن ڏينهن شهيد مقصود احمد قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي بي رحماڻي قتل واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هن واقعي پٺيان پنجاب ۽ ان سان لاڳاپيل ايجنسيون آهن. جنهن جو سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪو نوٽيس نه ورتو آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شهيدن جي وارثن توڙي پارٽي اڳواڻن سان ڪو به باضابطه رابطو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي سربراهيءَ ۾ جڙيل ڪنهن ٽيم بابت ڪا آگاهي ڏني وئي آهي. هن چيو ته 23 مارچ کان اڳ تائين حڪومت جو دٻاءُ هو ته اسان ڪراچيءَ ۾ تبت سينٽر تائين نه پهچون. ان لاءِ انتظامي عملدارن لاشن جو پوسٽ مارٽم حيدرآباد مان ڪرائڻ ۽ فريڊم مارچ ملير تائين محدود ڪرڻ جو صلاحون ڏنيون. باقي حڪمران محاورا استعمال نه ڪن. پر ڳالهائڻ سکڻ لاءِ ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائن. هن چيو ته شهيد مقصود قريشي، شهيد بشير خان قريشي جي قتل ڪيس جو فريادي هو. هاڻ هنن خونن جي ڪيسن جي پوئواري جسقم ڪندي. هن چيو  ته ڀريا سٽي واقعي کانپوءِ نوابشاهه ۾ اسان جي هڪ ڪارڪن کي قتل ۽ ٽن کي زخمي ڪيو ويو. پڊ عيدن ۾ 3 ڪارڪن زخمي ڪيا ويا. ڀريا روڊ ۾ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جسقم لاش کڻڻ باوجود منظم سياسي جماعت هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. تنهن جي باوجود ڪيس داخل ڪري ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته (اڄ)25 مارچ تي جسقم جي جيئيمسٽ ڪائونسل جو هنگامي اجلاس رتوديرو ۾ سڏايو ويو آهي، هن اردو ميڊيا جي روين جي مذمت ڪندي چيو ته اردو ميڊيا 23 مارچ واري فريڊم مارچ ۽ اسان جي ٻين واقعن توڙي سرگرمين کي مناسب ۽ گهربل ڪوريج نه ڏني آهي.
جسقم اڳواڻن جي قاتلن طاقتور هجڻ جو اشارو ڏنو، عدالتي جاچ جي سفارش ڪنداسين: ڊي آءِ جي سکر
ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل چيو آهي ته جسقم اڳواڻن جي قاتلن طاقتور هجڻ جو اشارو ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊي آءِ جي چيو ته مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي اغوا ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. جنهن بعد لاش کي باهه ڏني وئي. هن چيو ته ڪار تي گولين جا نشان ناهن. هن وڌيڪ چيو ته قاتلن طاقتور هجڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن چيو ته هو قتل بابت عدالتي جاچ جي سفارش ڪندو. ڊي آءِ جي چيو ته جسقم اڳواڻن کي اتي قتل ڪيو ويو جتي کين وڃڻو ئي نه هو. قتل واري هنڌ جسقم حامين جي اڪثريت هجڻ سبب لڳي ٿو ته کين قاتلن پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌ اسيمبلي مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ گهر ڪندي چيو آهي ته جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي بيدردي سان ڪيل قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي قاتلن کي بي نقاب ڪيو وڃي. ڪالهه ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي نعيم کرل، عبدالستار راڄپر، غلام قادر چانڊيي سميت ٻين چيوته جسقم اڳواڻن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اها گهر ڪريون ٿا ته حڪومت ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي قاتلن کي بي نقاب ڪري لاشن جي بي حرمتي ڪندڙن کي پنهنجي ڏوهه جي عبرتناڪ سزا ڏين. فنڪشنل ليگ جي ڄام مدد چيوته قومپرست اڳواڻن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سينيئر وزير کان اها گهر به ڪئي ته ان حوالي سان ڪو بيان ڏئي جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪي سگهجن. پي ٽي آءِ جي سيما ضياءَ چيوته قومپرست اڳواڻن کي بيدردي سان قتل ڪري انهن کي ساڙڻ افسوسناڪ عمل آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت کان اها گهر آهي ته ان واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي اشفاق منگي به ٻين ميمبرن وانگر ورجاءُ ڪندي قوم پرست ڪارڪنن جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ چيوته ان واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.
مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل جي جاچ وارثن جي خواهش مطابق ٿيندي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن جي حوالي سان تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن کان ڪرائڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندي، حڪومت جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل جي جاچ مقتولن جا وارث جهڙي ريت چاهيندا سنڌ حڪومت جاچ ڪندي. ٿر جي متاثرين لاءِ وزير اعظم طرفان اعلانيل هڪ ارب رپين مان اڃا تائين ٽڪو به نه مليو آهي . اهڙن خيالن جو  اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ۽ پوءِ  صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيوته ڪراچي ٽارگيٽ ايڪشن ڪنهن به صورت ۾ بند نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي خطرناڪ قيدين کي سنڌ جي ٻين ضلعن ڏانهن منتقلي تي ڪنهن قسم جي ڪا مفاهمت نه ڪئي ويندي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪندس. وزارتون حڪومت ۽ پارٽي جي امانت آهن. جڏهن پارٽي چاهي واپس وٺي سگهي ٿي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن کي جيڪي اختيار مليا آهن انهن تحت تڪ بندين جا اختيار صوبائي حڪومت کي حاصل آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي طرفان اليڪشن ڪميشن کي تڪ بنديون ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ واري فيصلي تي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ايڪشن ڪاميابي سان جاري آهي. پوليس ۽ رينجرز جي ڪاررواين سان ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪيترن دهشتگردن کي گرفتار ڪري کين سزائون به ڏياريون ويون آهن. هن چيو ته ٽارگيٽ ايڪشن ڪراچي ۾ آخري ڏوهاري جي موجودگي تائين جاري رهندو. هن چيو ته هاڻ اهو عدليه تي آهي ته هو دهشتگردي جي ڪيسن جي فوري ٻڌڻي ڪري ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏئي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ مقصود قريشي جي قتل ۽ ان جي جاچ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان واقعي جي نه صرف صوبائي سطح تي بلڪ اسان جي پارٽي جي اعليٰ قيادت به سخت مذمت ڪئي آهي ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت ان جي پونيئرن سان رابطو به ڪيو آهي ۽ جهڙي ريت هو چاهيندا جاچ ڪرائي ويندي. هن چيو ته مقصود قريشي جو قتل سنڌ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. ڪراچي مان ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيل خطرناڪ قيدين کي ٻيهر ڪراچي جي جيلن ۾ منتقلي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته جن خطرناڪ ۽ دهشتگرد قيدين کي ٻين ضلعن جي جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي انهن تي ڪنهن قسم جي ڪابه مفاهمت نه ٿيندي. هي اهي قيدي آهن، جيڪي جيلن ۾ ويهي به ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪري رهيا هئا ۽ انهن اعتراف به ڪيو آهي.هن چيوته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت پاران ٿرپارڪر لاءِ اعلانيل هڪ ارب رپين جي امداد مان هڪ ٽڪو به عوام کي اڃان تائين نه مليو آهي. اجلاسن ۾ ويهي اعلان ڪرڻ ۽ عملي طور ڪم ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي.
جسقم جي فريڊم مارچ ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا: آمريڪي ميڊيا
ڪراچي: جسقم جي فريڊم مارچ کي عالمي ميڊيا به ڪوريج ڏني. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جسقم جي فريڊم مارچ ۾ 5 ملين (50 لک) جي لڳ ڀڳ ماڻهو شريڪ ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بلوچستان کان پوءِ سنڌ مان به آزادي جا آواز اٿڻ لڳا آهن ۽ تحريڪ زور وٺي وئي آهي. ڪراچي ۾ جسقم جو آزادي مارچ ٿيو. مارچ ۾ تازو قتل ڪري ساڙيل ٻن اڳواڻن جا لاش به آندا ويا. اڳواڻن رياست تي ظلم جو الزام لڳايو. مارچ جي اڳ ۾ شهيد ڪيل اڳواڻ بشير قريشي جي نوجوان پٽ خطاب ڪيو. هنن عالمي برادري کان آزادي ۽ انصاف ۾ مدد جي اپيل ڪئي.
جسقم اڳواڻن جي قتل بابت جاچ شروع ناهي ڪئي: ايس ايڇ او ڀريا
ڀريا سٽي : جسقم اڳواڻن جي قتل کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جاچ ۾ ڪابه اڳ ڀرائي نه ٿي ميڊيا پاران ڀريا روڊ ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان اڃا ڪابه جاچ ناهي ڪئي. ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ڪجهه به نه ٿا ٻڌائين. نه ئي اسان کي خبر آهي ته اصل واقعو ڪهڙي وقت تي ٿيو آهي. اسان صرف شهيدن جي گاڏي جاءِ واردات تان کڻي ٿاڻي تي رکي آهي. ڪاميٽي جي ميمبر ڀريا روڊ جي ايس ايڇ او رب نواز راڄپر صحافين پاران مختلف سوالن تي ايس ايڇ او ڪاوڙجي پيو ۽ فون جو نمبر ڪٽي ڇڏيو. هن ايترو ٻڌايو ته اسان کي ڪٿي ڪو به پيرو نظر نه ٿو اچي.
عوامي جمهوري پارٽي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ تڏي تي پهتا
لاڙڪاڻو: عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حريف چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي وفد رتوديرو پهچي جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان تعزيت ڪئي آهي. تعزيت ڪندڙ وفد ۾ منظور ڇڄڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، خالد انصاري، مير جلباڻي، شمس سنڌي ۽ ٻيا شامل هئا. ان کان اڳ اڳواڻن شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن پنهنجو گڏيل پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي بيرحمانه قتل جي عدالتي تحقيقات ڪرائي قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيوته پر امن جدوجهد کي پرتشدد ۽ انارڪي طرف وٺي وڃڻ ٻي سازش ٿي رهي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن قافلي جي صورت ۾ رتوديرو پهچي جسقم چيئرمين صنعان قريشيءَ  سان سندس چاچي جسقم اڳواڻ شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل تعزيت ڪئي. وفد  خير محمد شيخ، ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، عبدالستار موريو، انفارميشن سيڪريٽري سليم سومرو، اعجاز لغاري، ممتاز هڪڙو، غلام مصطفى گهانگهرو ۽ ٻيا شامل هئا. 
آخري رسمن ۾ شهيدن جا معصوم ٻارڙا به شريڪ، ناياب سرڪش پيرين اگهاڙي پهتي
لاڙڪاڻو/رتوديرو: شهيد مقصود احمد قريشي جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ سندس معصوم ٻارڙن ۽ شهيد بشير خان قريشي جي ننڍن فرزندن پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته شهيد سلمان وڌو جو والد ۽ سندس ٻيا وارث به موجود هئا. نامياري شاعره ناياب سرڪش سنڌي پيرين اگهاڙي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. جتي هو صدمي سبب انتهائي عليل نظر آئي. سندس مٿي تي مٽي پيل هئي. هوڏانهن آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ جسقم جا ڪارڪنن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي صورت ۾ پهتل هئا. 

No comments:

Post a Comment