Friday, March 7, 2014

سڄو ملڪ عورتن لاءِ عذاب، 1600 قتل ٿيون، 555 سان جنسي ڏاڍائي، 193 کي ساڙيو ويو

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) گذريل سال ملڪ ۾ 1601 عورتون قتل ٿيون ۽ اهو تعداد فقط اهو آهي، جيڪو اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو، جيڪڏهن عورتن جي قتل جا سمورا واقعا سامهون اچن ته اهو تعداد ٻيڻو ٿي ويندو. اهڙو اظهار مددگار نيشنل هيلپ لائن جي باني ضيا اعواڻ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو آهي. هن ان موقعي تي انگ اکرپيش ڪندي چيو ته ڊسمبر 2013ع تائين ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 370 عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. 185 سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي. 2133 عورتن تي تشدد ٿيوجن مان 887 عورتون پوليس جي تشدد جو شڪار ٿيون، 608 عورتون اغوا ٿيون، 406 جي زوري شادي ڪئي وئي. جن ۾ وني طور ڏنل 176 ٻارڙيون به شامل آهن. 217 عورتون جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيون ويون. 220 عورتون ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيون ويون، 1164 عورتن کي ٻين سبب ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته 452 عورتن گذريل سال خودڪشي ڪئي. 193 عورتن کي ساڙيو ويو. 205 عورتن کي اسمگل ڪيو ويو، 220 عورتون گهران ڀڄي ويون، عورتن سان ظلم زيادتي ۽ قتل جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب ۾ 2602، سنڌ ۾ 1883، ڪي پي ڪي ۾ 1181 ۽ بلوچستان ۾ 846 ٿيا.

No comments:

Post a Comment