Friday, March 7, 2014

Politician Altaf Unar dies at 55

اڳوڻو ايم پي اي الطاف انڙ لاڏاڻو ڪري ويو، ڏوڪري ۽ باقراڻي ۾ سوڳ

ڏوڪري/ باقراڻي/ ڳيريلو (عوامي آواز نيوز) لاڙڪاڻي ضلعي جي بزرگ سياستدان، ٻه ڀيرا وزير رهندڙ پ پ اڳواڻ حاجي الطاف حسين انڙ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سوڳ ۾ ڏوڪري، باقراڻي، آريجا، علي آباد هٽي ۽ ڀرپاسي وارا علائقا بند ٿي ويا. مليل اطلاعن موجب 61 ورهين جو پ پ اڳواڻ حاجي الطاف حسين انڙ دل، شگر ۽ گڙدن جي بيماري ۾ ورتل هو. هن ڪالهه رات ڪراچي ۾ ڊفينس واري گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙهه ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ علي آباد آندو ويو. اطلاع ملڻ تي الطاف انڙ جا مائٽ، دوست ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ پهچي ويا. ميت پهچڻ تي سندس ويجها عزيز روئيندا رهيا ۽ سندس جنازي نماز پير آف قمبر سيد غلام  حسين شاهه پڙهائي. جنازي نماز ۾ انڙ خاندان جو مرشد سيد جاني شاهه، ڄام تماچي انڙ، اڳوڻو ايم پي اي حزب الله ٻگهيو، علي ڏنو گاڏهي، اڳوڻو ضلعي ناظم محمد بخش آريجو، سيف الله ابڙو ۽ ٻين هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس مڙهه کي خانداني قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن الطاف حسين انڙ جي وڇوڙي کي سياسي سماجي ڌرين وڏو هاڃو قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان پ پ اڳواڻ مير منور ابڙو، الطاف حسين، قاضي جميل احمد، عبدالحميد مغيري، فدا حسين ابڙو، سگهڙ محمد مٺل جهتيال، بدر الدين ساريو، عاشق حسين ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف حسين انڙ جي وڇوڙي سان ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ وڏو سياسي نقصان ٿيو آهي. هي سخي ۽ بهادر سياستدان هو. انڙ خاندان هميشه هتان جي عوام کي دل کولي خدمت ڪئي. هو عوامي ليڊر هو.هن جي لاڏاڻي سان سياسي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. هن وڌيڪ چيو ته الطاف حسين انڙ جنهن پارٽي ۾ رهيو غير مشروط نموني رهيو. هن پنهنجي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. هو سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو.
الطاف انڙ 3 ڀيرا ايم پي اي ۽ 2 ڀيرا وزير بڻيو
باقراڻي : اڳوڻو صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ 1952ع ۾ پيدا ٿيو. جنهن پرائمري تعليم باقراڻي مان حاصل ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ڪئي. سياست ۾ ان وقت داخل ٿيو. جڏهن سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻو ايم پي اي حاجي غلام حسين انڙ 1995ع ۾ وفات ڪئي. جنهن بعد هو 3 ڀيرا پي ايس 35 جي صوبائي تڪ تي ايم پي اي رهيو. پهريون ڀيرو 1997ع ۾ ٻيو ڀيرو 2002ع ۽ آخري ڀيرو 2013ع ۾ ايم پي اي ٿيو. ان کان علاوه حاجي الطاف حسين انڙ هڪ ڀيرو اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ علي محمد مهر جي دور ۾ روينو جو صوبائي وزير رهيو. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام حسين جي دور ۾ پاور اينڊ رليف جو صوبائي وزير پڻ رهيو. جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف انڙ 3 ڀيرا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر، 2 ڀيرا تعلقي باقراڻي جو عشر زڪوات جو چيئرمين پڻ رهيو آهي. مرحوم حاجي الطاف حسين انڙ 1997ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ صوبائي عهدي تي رهيو بعد ۾ آزاد اميدوار طور چونڊ کٽڻ بعد مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيو. 2002ع کان وٺي 2012ع تائين مسلم ق ۾ رهيو جتي کيس مرڪزي سينيئر نائب صدر جي عهدي تان نوازيو ويو. 2013ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو. مرحوم حاجي الطاف حسين کي ايم پي اي دوران پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال سان سياسي اختلاف ٿيا. جنهن بعد سهيل انور سيال حاجي الطاف حسين انڙ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي پٽيشن داخل ڪرائي.جنهن تي اليڪشن ٽربيونل 2014/2/26 تي مرحوم حاجي الطاف انڙ کي تاحيايت نااهل قرار ڏنو هو. جڏهن ته مرحوم حاجي الطاف حسين انڙ جو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وڏو سياسي ڪردار رهيو. 2004ع جھي بلدياتي چونڊن ۾ سندس حمايتي ضلعي ناظم محمد بخش آريجو ۽ تعلقي باقراڻي جو تعلقي ناظم ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ سامٽيو ۽ ڏوڪري تعلقي ناظم حاجي شفقت حسين انڙ پڻ ڪامياب ٿيا هئا. جڏهن ته ڏوڪري تعلقي جي سمورن يونين ڪائونسلن تي سندس حمايتي يوسي ناظم ڪائونسلر چونڊجي ويا هئا. حاجي الطاف حسين انڙ جو شمار انهن نالي وارن اميدوارن ۾ ٿيندو آهي. جن سنڌ جي قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. ان حوالي سان سندس رهائش گاهه علي آباد ۾ برادرين جا فيصلا ڪرائي کين کير کنڊ ڪيو ويندو هو. اڳوڻو صوبائي وزير حاجي الطاف انڙ جڏهن مسلم ليگ ق ۾ شامل هو ته ساڻس پاڪستان پيپلزپارٽي سان سخت اختلاف هئا. 2007ع واري چونڊ کان اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ غذرا پيچوهو مٿان مبينا فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس ٻڍا پور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. پ پ حڪومت ايندي کي حاجي الطاف انڙ کي 2008ع ۾ ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٿاڻي نوري آباد تي رکيو ويو ۽ بعد ۾ کيس حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي هن 9 مهينا قيد ڪاٽيو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو. اڳوڻي صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ مٿان ٽي وي ڪيميرا مين شهيد منير سانگي واري ڪيس ۾ پڻ سندس نالو ڏنو ويو هو جيڪو ڪيس مقامي عدالت ۾ هلندڙ هو. 
الطاف انڙ 6 ڌيئرون ۽ 3 پٽ سوڳوار ڇڏيا
ڏوڪري : الطاف حسين انڙ پونئيرن ۾ 3 پٽ ۽ 6 ڏيئرون ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيا. اڳوڻي صوبائي وزير الطاف حسين انڙ هڪ شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٽن پٽن عادل خان، عديل خان، عدنان ۽ 6 نياڻيون اولاد ٿيو. الطاف حسين انڙ علائقي جو مڃيل سياستدان هو.
الهه بخش انڙ چاچي جو تڏو ڌار وڇائي ڇڏيو
ڏوڪري : الطاف حسين جي لاڏاڻي تي الطاف حسين انڙ جي ڀائٽي ڏاڏي الهه بخش انڙ پنهنجي هائوس تي پنهنجي چاچي الطاف حسين انڙ جو ڌار تڏو وڇايو آهي. جتي ساڻس تعزيت لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ڏاڏي الهه بخش انڙ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف حسين انڙ منهنجو چاچو نه پر مون لاءِ پيءُ برابر هو. سندس وڇوڙي سان دلي صدمو رسيو آهي. 

No comments:

Post a Comment