Saturday, March 22, 2014

قوم پرست پارٽين پاران اڄوڪي فريڊم مارچ جي حمايت، ڀرپور شرڪت جو اعلان

ملير/ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي سڀني قوم پرست پارٽين ۽ جيئي سنڌ جي ڌڙن جسقم اڳواڻ مقصود قريشي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي اڄوڪي فريڊم مارچ جي مڪمل حمايت ۽ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جو تڏو گلشن حديد ۾ وڇايو ويو، هزارين ماڻهن جي تڏي تي آمد جو سلسلو جاري آهي. جسقم آريسر جي چيئرمين عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر مير عالم مري، امير آزاد پنهور، ايس ايو پي جي سربراهه جلال محمود شاهه، غلام شاهه، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي گل محمد جکراڻي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ اسد الله ڀٽو، سنڌ نيشنل موومنٽ جي سربراهه اعجاز سامٽيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي محمد علي خشڪ، جيئي سنڌ تحريڪ جي سهيل ابڙو، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ پيرزاده ياسر، حبيب راجپر، عرض محمد راهوجو، فقير قادر شر، سنڌي ادبي سنگت جي اصغر باغي، غني ڪانڌڙو، امتياز دانش، لوڪ فنڪاره شازيه خشڪ ۽ ٻين هزارين سياسي سماجي شخصيتن ۽ قومي ورڪرن جسقم ڪارڪنن، وڏي انگ ۾ تڏي تي پهچي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اعجاز سامٽيو، مصطفيٰ چانڊيو، چيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، سنڌي ماڻهن کي قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۽ آزادي جي ڏوهه ۾ مارڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. هنن جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ جي ڀرپور نموني حمايت جو اعلان ڪندي شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جلال محمود شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ بنگال جهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي، جنهن وقت مقصود خان قريشي کي اغوا ڪيو ويو هو ته رياست ڪٿي هئي ۽ ان جا ادارا ڪٿي هئا، سازش ۾ جيڪي به ڌريون ملوث آهن، انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي،اڄ ڪارڪنن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو تبت سينٽر تي پهچي جنازي نماز ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن. جيئي سنڌ متحده محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر زين ڀٽو جسقم جي اڄوڪي 23 مارچ جي فريڊم مارچ جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هي واقعو رياست جي کليل جارحيت، فاشزم ۽ دهشتگردي آهي، سنڌ جا ڪونڌر ڪٺا پيا وڃن اسان جسقم جي قيادت کي جس ٿا ڏيون جو فريڊم مارچ ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو، اسان جسقم جي هر اعلان ۾ گڏ آهيون، جسمم جا ڪارڪن اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا.  جسقم آريسر جي چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو ته ايجنسين صرف مقصود خان قريشي جو قتل ناهي ڪيو، پر هنن پنهنجو قتل ڪيو آهي،اسان جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ جي آزادي جي جدوجهد ۾ اسان سڀ سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ گڏ آهيون، دنيا سنڌي ماڻهن جي محبوب ليڊرن جي قتلن جو نوٽيس وٺي. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڊپٽي ڪنوينر حبيب جتوئي، عبدالفتاح چنو، رحمان جتوئي، گدا حسين ڪنگو ۽ احمد انقلابي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته رياست سنڌ کي پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏمر جي نشاني تي رکيو آهي. رياست سنڌين کي هر صورت ۾ ڪچلڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ڪروڙين ڌرتي ڌڻي گڏ ٿي قومي غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪندا. رياست سنڌين کي منتشر ڪرڻ وارين پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. جيئي سنڌ تحريڪ (ڪرناڻي) طرفان جسقم اڳواڻ ۽ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل کي رياستي دهشتگردي قرار ڏيندي اڄ جسقم طرفان ٿيندڙ آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر شفيع محمد ڪرناڻي، سهيل ابڙو، جست نظرياتي شعبي جي سربراهه بشير احمد جمالي، سورهيه سنڌي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته بلوچستان جيان سنڌ ۾ به آزادي پسندن کي چچريل لاش ڏنا پيا وڃن. سنڌ نيشنل پارٽي جو مرڪزي چيئرمين امير ڀنڀرو، گلشن حديد ۾ مقصود قريشي جي وڇايل تڏي تي پهچي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فريدم مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment