Thursday, March 13, 2014

سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڄ ڪيس پيش ڪيو ويندو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ اڄ سنڌ جا عيوضي، سنڌي ٻوليءَ کي ٻين صوبائي ٻولين سان گڏ قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ پنهنجو موقف پيش ڪندا. قومي اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ پاران صوبن جي ٻولين کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ پيش ڪيل بل تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي، جنهن جي سربراهه قومي اسيمبليءَ جي ميمبر، ماروي ميمڻ آهي، چئني صوبن مان ٻولي ۽ ادب جي 32 ماهرن کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي آڏو صوبائي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني آهي. جتي اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ واسطيدار اسٽينڊنگ ڪاميٽي آڏو ٻين ٻولين جي ماهرن سان گڏ سنڌ جا چار عيوضي به پنهنجو موقف پيش ڪندا، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ، سنڌي ادبي بورڊ جي عيوضي طور نذر محمد ڳاهو، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه شامل آهن. سنڌ جي ستن ادارن، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، لياري يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ٽن نڪتن تي ٻڌل پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ مسودو موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. جواب ۾ انهن ستن ادارن پاران ان ڏس ۾ موقف جو مسودو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اماڻيو ويو هو، جن مان چئن ادارن جي چونڊ ڪئي هئي ۽ انهن جي عيوضن کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اڄوڪي خاص جلاس ۾ روبرو اچي پنهنجو موقف ۽ ٻوليءَ کي قومي درجو ڏيڻ جي اهليت ۽ اهميت پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. پاڪستان جي مختلف ٻولين، جن ۾ پنجابي، پشتو، بلوچي، بروهڪي، شينا، بلتي، ڪشميري، هندڪو ۽ سرائيڪي جي عالمن کي پڻ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.

No comments:

Post a Comment