Thursday, March 13, 2014

وزيرن ۽ ڪامورن جي عدم دلچسپيءَ سبب ٿرين کي امداد وقت سر فراهم نه ٿي سگهي

ڪراچي (رپورٽ: قاسم راڄپر): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ٿر جي ماڻهن، جانورن لاءِ خوارڪ ۽ دوائن جو ترت بندوبست ڪرڻ جي واضح هدايتن جي باوجود سنڌ جي ٽن وزيرن، رليف ڪمشنر، خوراڪ ۽ چوپائي مال کاتي جي سيڪريٽرين توڙي مقامي انتظاميا جي لاپراهيءَ سبب ٿر ۾ وڏي تباهي آئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي انتهائي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 13 ڊسمبر 2013 تي هڪ اجلاس سڏائي رليف، چوپائي مال ۽ خوراڪ کاتي جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي هئي ته ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، تنهن ڪري ٿرين کي فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته جانورن جي چاري جو به بندوبست ڪيو وڃي، وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ جي رليف ڪمشنر  ان سلسلي ۾ ڪمشنر ميرپورخاص جي سفارش تي هڪ سمري وڏي وزير جي منظوريءَ لاءِ موڪلي ، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٿر جي ماڻهن کي 50 سيڪڙو سبسسڊيءَ تي 3 لک، 89 هزار 918 ٻوريون ڪڻڪ فراهم ڪئي وڃي، جيڪا 12 لک، 99 هزار 725 ماڻهن ۾ ورهائي ويندي، جنهن جي ماليت هڪ ارب 34ڪروڙ، 52 لک رپيا ٿئي ٿي، جڏهن ته اڌ سبسڊيءَ سبب ان ڪڻڪ ۾ سنڌ حڪومت جو حصو 67 ڪروڙ 26 لک روپيا بيهي ٿو، جڏهن ته رليف کاتي وٽ ان سلسلي ۾ 50 ڪروڙ رپيا ڪٿيل رقم موجود آهي، تنهن ڪري ٿر جي 5 بئراجي ديهن ڀيٽارو، ڦانٽ، سرهي، نئون ڪوٽ واسع پوٽا کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏنو وڃي، گذريل سال جون سموريون سرڪاري رهتون معاف ڪيون وڃن، صحت ۽ چوپايو مال کاتو ماڻهن ۽ جانورن جي بيمارين لاءِ ترت اُپاءَ وٺن. اها سمري وڏي وزير پهرين فيبروريءَ تي منظور ڪندي هدايت ڪئي ته 13 ڊسمبر تي ڪيل فيصلن تي فوري طور تي عمل ڪيو وڃي، ذريعن موجب وڏي وزير جي واضح هدايتن جي باوجود ميرپور خاص پهتل ڪڻڪ ٿر تائين ٽرانسپورٽ نه ٿي سگهي، جڏهن ته رليف کاتي کي مليل پيسن ۾ ٽرانسپورٽيشن جا پيسا به شامل هئا، ذريعن موجب ڪمشنر ميرپوخاص ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿر کي ان سلسلي ۾ بار بار هدايتون به ڪيون ويون، پر انهن  تحرڪ نه ورتو.

ٿر ۾ مال کي ويڪسين به ڪاغذي ڪرائي وئي

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ذميوار ذريعن موجب سنڌ جي چوپائي مال کاتي سنڌ جي وڏي وزير کي رپورٽ ڏني هئي ته ٿر ۾ 5 لک رڍن ننڍي ماتا جي بيماري ٿي آهي، جنهن لاءِ سمورين رڍن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب وڏي وزير جڏهن ڪراچي پهتل بيمار رڍن جي معاملي جي جاچ ڪرائي ته معلوم ٿيو ته چوپائي مال کاتي اها ويڪسين به ڪاغذي ڪرائي هئي.

اڇڙي ٿر لاءِ ڪڻڪ مهيا ڪرڻ جا 23 جنوري تي حڪم ڏنا ويا هئا

ڪراچي: سنڌ جي رليف کاتي جي ذريعن موجب پ پ پ ايم اين اي شازيه مريءَ جي درخواست تي سنڌ جي وڏي وزير رليف ڪمشنر کي 23 جنوريءَ تي هدايت ڪئي هئي ته اڇڙي ٿر جي ماڻهن لاءِ به ڪڻڪ جي ڪجهه ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment