Thursday, March 20, 2014

پنهنجن ٻارن کي گهڻو ”لاڏلو“ نه بڻايو! - الطاف شيخ

حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو. جنهن آسپاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌنڌي لاءِ اچي قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته، هنن لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول، جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي گرميءَ ۾ به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر آهي، اُتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل به آهن. هو سمجھن ٿا ته، ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته، توهان جي چونڊيل اسڪول ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن، ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي... خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن، جو هنن کي ٽي وي ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو اهوئي سمجهن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي پڙهائي قابل ڪري.... يعني ڏٺو وڃي ته، هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق .... باقي ڪلاس روم جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي رهي ٿو.
اسانجي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري فئمليءَ جي گهر حيدرآباد ويس ته هنن مون کان صلاح پڇي ته، هو پنهنجي ٻار کي 15 ڏينهن جي سمر ڪئمپ ۾ موڪلڻ ٿا چاهين ....بلڪه هو پاڻ ته نٿا چاهين جو ان جي وڏي في آهي پر جيئن ته پاڙي جو هڪ امير ٻار وڃي رهيو آهي، سو هنن جو ڇوڪرو به ضد ڪري رهيو آهي. ڏسو نه اڄ ڪلهه نئين ٽهيءَ جو دور آهي، جنهن ۾ هي سڀ ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. مونکي خاموش ڏسي ڇوڪر جي ماءُ مونکي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائيندي هڪ دفعو وري پڇيو ته، ان بابت منهنجو ڇا خيال آهي؟ ”توهان صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان؟“ هن پڇيو. ”منهنجي جي ڳالهه مڃو ته گرمين جي هنن موڪلن ۾ ڇوڪر کي رڌ پچاءُ ويهي سيکارينس. پٽاٽا بصر ڪٽرائينس، ٿانوَ ڌوئارائينس، ڀت رڌڻ سيکارينس.....“ ”سر! توهان ته اسان سان چرچا ڪري رهيا آهيو يا ٽوڪي رهيا آهيو.“ ڇوڪر جي ماءُ چيو. مون کيس ٻُڌايو چرچا بنهه نه ڪري رهيو آهيان پر توهانجي ڀلي ۽ ڇوڪر جي مستقبل لاءِ بهتر صلاح ڏئي رهيو آهيان. ان بعد مون کيس جيڪي وڌيڪَ ٻُڌايو اهو هي پڙهندڙ ٻيون مائرون به هينئين سان هنڊائي سگهن ٿيون.
ڳالهه اها آهي ته، اسين غريب ملڪن جا نه فقط غريب ماڻهو آهيون پر فطرتاً سست ۽ ٿوري ڳالهه تي همت هارڻ وارا پڻ آهيون. هي سمر ڪئمپون. جن ۾ ٻارن کي رانديون رونديون، ترڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ نخرن سان پڙهائڻ انهن وڏن ماڻهن لاءِ آهن، جيڪي ڪارخانيدار، جاگيردار ۽ بي انتها دولت وارا هجن، جن کي هڪ طرف وقت ناهي جو ٻارن سان گڏ ڪجهه وقت گهاري سگهن ۽ ٻئي طرف هنن جا ايڏا ڪاروبار سيٽ ٿيل آهن. جو هنن جي ٻارن کي فقط چار اکر پڙهي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ BA ڪري پنهنجي اباڻي فرم جو CEO ٿيڻو آهي. هي سمر ڪئمپون يا اهڙي قسم جا نخرا فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آهن. آئون ته اهوئي چوندس ته. موڪلن جو فائدو وٺي مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول/ڪاليج طرفان هوم ورڪ ڪرائڻ بعد باقي ٽائيم ۾ پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ ڪِتاب پڙهائين جو اسان جا ٻار ڊاڪٽري يا انجنيئري ڪرڻ بعد نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ۾ چڱي طرح انگريزي ڳالهائي انٽرويو وٺڻ وارن کي مُتاثر نٿا ڪريو سگهن. اڄڪلهه پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪن ۾ نوڪري ملڻ محال ٿي پئي آهي. ٿورو سوچيو ته، ولايت ۾ اسان جي ڪنهن مائٽ کي نوڪري ملي پر هو ان سبب کان موٽِي اچي ته اتي هن کي ٻوڙ ماني يا ڀت نٿو ملي جنهن جو هو عادي آهي! جپان جي هڪ شهر ۾ پنهنجي هم وطني نوجوان کي ان سبب ڪري نوڪري ڇڏيندو ڏٺم. هو ٻارن (فئملي) کي گهرائي نٿي سگهيو، سو هن لاءِ ماني ڪير پچائي. مون ڏاڍو سمجايومانس ته ڀت يا ٻوڙ رڌڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي. بصر ڪٽي ان جو داڳ ڪري ٽماٽا، مسالا ۽ ڪڪڙ جا پيسَ رُڳو سِلو باهه تي ڇڏي ڏيندي ته ٻوڙ تيار ٿي ويندو پر اسانجا ڪي ڪي مرد به عجيب ناز نخرن وارا آهن. کانئن رڌ پچاءُ ته ٺهيو پر پنهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ، ٻيڙو ٽانڪڻ جهڙا معمولي ڪم به نٿا پڄن، پوءِ انهن جي جاين تي ساڳيو انڊين، بنگلاديشي، سري لنڪن ۽ ٻيا خوش ٿي نوڪري به پيا ڪندا ته گهر جي اهڙن ننڍن مسئلن کي به پيا منهن ڏيندا.... اهي حالتون ڏسي اڄ جي مائرن کي اها ئي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي لاڏلو نه ڪريو.... اڳتي ڏاڍو ڏکيو ۽ مقابلي جو زمانو اچي رهيو آهي. پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت (اخلاق) هڪ طرف سيکاريو ته گهر جا ڪم ٻئي طرف. ۽ آرام پسند ”ڪِڪِلو“ بنائڻ بدران کين رَف ۽ ٽَف بَنايو. رڳو ڪَلف لڳل ڪپڙا پائي اوچي برانڊ جو موبائيل فون هٿ ۾ ۽ اکين تي مهانگو چشمو رکي هلڻ ڪا وڏي ماڻهپي يا ڪامياب زندگيءَ جو اهڃاڻ ناهي.

altafshaikh2005@gmail.com

No comments:

Post a Comment