Saturday, March 22, 2014

قومي سانحي خلاف ٻئي ڏينهن به سوڳ، مظاهرا، ڌرڻا: مقصود جي ڏک کي طاقت بڻائي مارچ ۾ شرڪت جو وچن

خيرپور ضلعي ۾ ٻئي ڏينهن به سوڳ، ڪاروبار بند، قانوندان به رستن تي نڪري آيا
خيرپور (نمائندا) جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي بي دردي سان قتل خلاف خيرپور ضلعي ۾ ٻئي ڏينهن به هڙتال رهي. عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جسقم ترجمان ۽ بشير خان قريشي جي ننڍي ڀاءُ مقصود خان قريشي ۽ جيئي سنڌ لطيف سنگت جي صدر سلمان وڌو جي قتل واري واقعي سبب خيرپور جا اهم ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، حيدري بازار، صرافه بازار، پنجگلا چوڪ، مال روڊ، ڪچهري روڊ، اسٽيشن روڊ، لقمان، پنجهٽي سميت شهر جو مارڪيٽ، پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون مڪمل طور تي پاڻ مرادو بند رهيون، جڏهن ته واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل خيرپور جي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر پاران واپڊا ڪالوني خيرپور ۾ شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي.  جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل خلاف کهڙن ۾ جسقم ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي محمد علي اڄڻ، سيف سومري، سليم ميمڻ، ڪاشف ۽ عامر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جسقم بوزدار وڏا پاران جسقم اڳواڻ مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو کي قتل ڪرڻ خلاف ڪارڪنن وقار احمد، مير حسن، شاهه محمد، لالا شفيق، بابل، شير محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.  جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت جي ٻئي ڏينهن به اڳڙا، مهتاڻي، جادو واهڻ سميت ڪچي جا ڪاروباري مرڪز به مڪمل طور بند رهيا، جڏهن ته جسقم اڳڙا جي صدر شفيع محمد مڱڻهار، هوت خان ٻڌ، منصور انصاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳڙا ۾ تعزيتي تڏو وڇائي ڇڏيو. اڳڙا، مهتاڻي، راضيديرو ۽ جادو واهڻ جي سياسي سماجي شخصيتن تڏي تي پهچي ڏک ونڊيو. ڪنگري جي سمورن شهرن پير جو ڳوٺ، احمد پور، پريالوءِ صدر جون ڀٽيون، ڪوٽ مير محمد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن سميت مختلف علائقن ۾ تمام گهڻي ڏک واري صورتحال آهي، جڏهن ته واقعي خلاف جسقم جي ڪارڪنن علي حسن جاگيراڻي، راجا جاگيراڻي، حمير خان ۽ ٻين پريالوءِ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پير جو ڳوٺ ۾ جسمم اڳواڻ ابوبڪر شاهه راشدي، فرمان ميهسر، بشير مهيسر ۽ ٻين احتجاج ڪيو. جسقم اڳواڻ حاڪم آريجو، مدثر خاصخيلي، هاشم راهوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلو ڪراچي روانو ٿي ويو. ناري تعلقي ۾ ٻئي ڏينهن به ڪاٺوڙ، ممتاز چينل، چونڊڪو، تجل، پيراڻو پتڻ سڪندر آباد ۾ جسقم نارا جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال رهي. جسقم اڳواڻن ڪامريڊ خورشيد ڏهر، اعجاز علي شر، زاهد حسين شر جي اڳواڻيءَ ۾ سانگهڙ روڊ احتجاجي ڌرڻو هنيو. جسقم چيئرمين شھيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ ۽ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل واري واقعي خلاف ٺري ميرواھ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ، ھنڊياري، سئي گئس مينگھو فقير شر، رسول پور کرڙاھ ، ٽنڊو ميرالي ، ملڪ چودڳي، باغ بچراھ ، کرڙي ،۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾  ٻئي ڏينھن به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي  وئي، جسقم لائر فورم جي اڳواڻ راجا الطاف شر جي اڳواڻي وڪيلن احتجاجي مظاھرو   ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ هڙتال، ڌرڻا، ڪوسٽر کي باهه، ضلعي ۾ سوڳ
لاڙڪاڻو(ڊ ر+ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ شهيد مقصود قريشي ۽ سندس دوست سلمان وڌو کي بيدردي سان قتل  ڪرڻ واري واقعي خلاف شهر مڪمل طور تي بند رهيو. شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ريشم گلي، بندر روڊ، باقراڻي روڊ، لاهوري محلا، اسٽيشن روڊ، جيلس بازار، کٽاڻ بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز  بند رهيا. جڏهن ته پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنون پڻ بند رهيون. ٻئي طرف نامعلوم ماڻهن رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد جي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ڪوسٽر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڪاليج انتظاميه پاران فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن موقعي تي پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪاليج انتظاميه موجب ڪوسٽر کي شرپسندن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڪجهه شرپسندن ڪاليج جي ڪوسٽر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي نا معلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف جسقم پاران شهر جي مختلف چوڪن تي ضلعي صدر ڊاڪٽر ممتاز شيخ، اطهر سومرو، عزيز شيخ، مومن اوڍو، جميل گاد، بشير جتوئي، رڪ سنڌي، اسلم تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا  ويا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ فريڊم مارچ جلسي جي سلسلي ۾ اسان جي بهادر اڳواڻن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جسقم اڳواڻ ۽ ڪارڪن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ رٿيل فريڊم مارچ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي لاءِ روانا ٿي ويا. ٻئي طرف شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مختلف چوڪن، جناح باغ، رائل چوڪ، بئنڪ اسڪوائر چوڪ، لاهوري ٽاور  سميت ٻين اهم چوڪن تي پوليس سان گڏ رينجرس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن. نصيرآباد ۾ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهاد ت خلاف جسقم تعلقه نصيرآباد پاران صبح سان تڏو  ٽيڪسي اسٽينڊ تي وڇايو ويو ۽ شهرين پاڻمرادو ڪاروبار بند ڪري ۽ سياسي سماجي مذهبي ۽ ادبي تنظيمون تڏي تي پهتيون، جسقم پاران 23 مارچ تي ڪراچي ۾ اعلانيل فريڊم مارچ ۾ شرڪت لاءِ ڳيريلي شهر مان جسقم سميت قومي  ڪارڪنن جو هڪ قافلو ڪفايت جتوئي نادر بليدي، علي رضا جتوئي لياقت ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ ريلي ڪڍڻ بعد رات دير سان ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو. قافلي جي روانگي وقت جذباتي منظر نظر آيا.
جسقم اڳواڻن جي قتل خلاف جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي ناري تحريڪ جو ڌرڻو
جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ جسقم اڳواڻن مقصود قريشي ۽ ساٿي جي شهادت خلاف ايس ٽي پي ناري تحريڪ جي سڏ تي سوين عورتون روڊن تي نڪري آيون، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي جا سوين ڪارڪن به شامل ٿي ويا، ناري تحريڪ جي سڏ تي نڪتل ريلي شهيد الهه بخش پارڪ کان قومي شاهراهه تي پهتي جتي عورتن ۽ مردن ٽائرن کي باهيون ڏئي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي بعد ۾ ريلي پريس ڪلب پهتي جتي ريلي هڪ وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، انهي موقعي تي ايس ٽي پي ناري تحريڪ جي مرڪزي صدر جميلان سومرو، ضلعي اڳواڻن دلمراد لاشاري، نظام مستوئي، حسين بخش بروهي، عمر سولنگي، عبدالنبي مگسي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري پهريان جسقم چيئرمين بشير خان قريشي کي شهيد ڪيو ويو جنهن جي جزن جو هن مهل تائين ٽيسٽ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته هاڻي وري شهيد جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي کي شهيد ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي سنڌ ۾ سنڌ جي حلالي پٽن کي شهيد ڪري ڇا ثابت ڪيو پيو وڃي اسان گهر ٿا ڪيون ته اهڙي افسوس ناڪ واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ اندر جسقم جي ڪارڪنن سان گڏجي احتجاج ڪنداسون.
ميرپور خاص ضلعي ۾ قومي سانحي خلاف مظاهرا، ڌرڻا: مقصود جي ڏک کي طاقت بڻائي مارچ ۾ شرڪت جو وچن
ڪراچي/حيدرآباد (نمائندا) ميرپور خاص ضلعي ۾ قومي سانحي خلاف قومي ڪارڪنن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب ميرپورخاص ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ وڪيلن مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ذيشان لغاري، مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻِي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڊگهڙي شڪور ابڙنگ، ٽنڊي جان محمد ۾لال مالهي، جهڏي ۾ غلام رسول کوسي، امن آباد ۾ محمد علي جروار جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا. اڳواڻن چيو ته شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي ڏک تي طاقت بڻائي مارچ ۾ شرڪت ڪنداسين. ٻئي پاسي مٺي جساف صدر سارنگ سميجو گرفتار ڪري جيل حوالي، ڪوٽ غلام محمد ۾ مڪمل شٽربند هڙال رهي، جسمم ۽ جسقم اڳواڻن رياض ڪالرو، اڪبر لنجواڻي، جاويد سمون، ياسين ڀرڳڙي جي اڳوڻي ۾ ڌرڻا هنيا ويا اڄ صبح ڄاڻايل شهرن ۾ قومي ڪارڪنن جا قافلا ڪراچي ڏانهن روانا ٿيندا.
گلشن اقبال ۾ قومي سانحي خلاف قوم پرست پارٽين جا ڌرڻا، مظاهرا
گلشن اقبال(ن ع آ) گلشن اقبال ۾ قومي سانحي خلاف قومپرست پارٽين جا ڌرڻا، جسقم اڳواڻ شهيد مقصود خان قريشي، سلمان وڌو کي ماري لاش ساڙڻ واري سانحي خلاف ايس اين ايم مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيي، مخدوم  شمس سارنگ جوکيو جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو. ڀٽائي آباد ۾ به سانحي خلاف جسم ضلعي اوڀر صدر سڪندر چانڊيو، جاني جوکيو، شمس الدين، امداد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين جسم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.سچل ڳوٺ ساڳئي ئي واقعي خلاف ايس يو پي، جسقپ اڳواڻن ذاڪر ڪانڌڙو، دودو ديشي، سخي سومرو، رزداق سيال، يوسف ڀٽي،  بشير ڪانڌڙو ۽ ٻين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ سنڌ هائوس اڳيان وڏو مظاهرو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين سميت رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ گهر ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌي قومي ورڪرن سان بلوچ قومي ورڪرن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
ڀريا سٽي ۾ 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهن تي 3 ٽرالر ساڙڻ جو ڪيس داخل

ڀريا سٽي (ن ع آ) گذريل ڏينهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي چاچي مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جا لاش رکي قومي شاهراهه تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڌرڻو لڳل رهيو. مڇريل ماڻهن پاران ٽرالرن کي باهه ڏيڻ خلاف ايف آءِ آر ڀريا سٽي ٿاڻي تي فريادي غلام عباس اعواڻ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هو ڪراچي مان لوڊ ڀري پنجاب طرف وڃي رهيا هئا ته ڀريا سٽي باءِ پاس ڀرسان 500 کان وڌيڪ ماڻهن گاڏين مان لاهي باهه ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته گذريل ڏينهن واري ڏکوئيندڙ واقعي بعد نوشهرو فيروز جيل اندر جسقم ڪارڪنن الاهي بخش راڄپر، ظفر راڄپر، مرتضيٰ راڄپر سميت ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڀريا سميت ٻين شهرن مان جسقم ڪارڪنن جو قافلو ضلعي صدر محبوب ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي روانو ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment