Saturday, March 22, 2014

شهيد مقصود جو اباڻو شهر ٻئي ڏينهن به بند، احتجاج، چڪريون، تڏي تي اڳواڻ پهتا

رتوديرو (ن ع آ) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود خان قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌو جي قتل خلاف شھيد مقصود احمد قريشي جي اباڻي شھر ۾ سوڳ ۾ شھرين ٻئي ڏينھن تي به پنھنجا دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند ڪري ڇڏيا، ڪپڙي بازار، ريشم گلي، ڪريانه بازار، سبزي فروٽ مارڪيٽ، سميت شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رھيا ۽ شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال رھي جڏھن ته شھر جي مختلف ھنڌن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا، شھر جي اھم سرڪاري ادارن تي پوليس اھلڪار بيٺل ھئا ڪارڪن وقفي وقفي سان احتجاجي مظاھرا ڪري روڊن تي اچي رھيا ھئا ته پوليس اھلڪار کين فائرنگ ڪري ڪارڪنن کي ڇڙو ڇڙ ڪري رھيا ھئا سڄو ڏينھن ڪارڪنن ۽ پوليس اھلڪارن ۾ چڪريون جاري رھيون. ھوڏانھن يو بي ايل رتوديرو برانچ جي انتظاميه طرفان بينڪ کي نقصان پھچائڻ جو رتوديرو ٿاڻي تي ھڪ سئو کان مٿي اڻ سڃاتلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. شھيد مقصود احمد قريشي جي اباڻي شھر رتوديرو جي رھائشگاھ تي وڇايل تڏي تي شھر جي مختلف ماڻھن جي آمد جوسلسلو جاري آھي، پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت حسين عمراڻي به ڪارڪنن سميت تڏي تي پھتو. ان موقعي تي شھيد مقصود احمد قريشي جي وارثن جو چوڻ آھي ته شھيد مقصود قريشي وصعيت ڪري ويو ھيو ته کيس جيڪڏھن ھن راھ ۾ شھيد ڪيو وڃي ته ان کي پنھنجي ڀاءُ شھيد بشير خان قريشي جي مزار جي پيرن کان دفنايو وڃي وڌيڪ جسقم جي مرڪزي باڊي جيڪو فيصلو ڪندي اسان وارثن کي به قبول ھوندو.
نواب شاهه ۾ ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال، شهيد منظور چنا جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي
نواب شاهه (ڊ ر) نواب شاهه ۾ جسقم ڪارڪن منظور چنا جي شهادت، جساف ڪارڪن راشد چانڊيو کي شرپسندن پاران گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ واري واقعي ۽ جسقم جي مرڪزي اڳواڻن مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي مبينه قتل جي سوڳ ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. شهر جا مکيه ڪاروباري مرڪز لياقت مارڪيٽ، موهني بازار، چڪرا بازار، چوڙي بازار، سونارا بازار سميت سڄو شهر بند رهيو. شهر ۾ ويراني، ڏک ۽ خوف جو ماحول ڇانيل رهيو، جڏهن ته شهيد ٿيل جسقم ڪارڪن منظور چنا کي جسقم اڳواڻن علي رضا خاصخيلي، گل ڏاهري، مسعود خاصخيلي، بهاول لاکو، حاجي نصير سميت ٻين سوين آيلن اکين سان  قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمي جساف اڳواڻ راشد چانڊيو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ڊاڪٽرن موجب گوليون لڳڻ سبب سندس ڦڦڙن، جيري ۽ معدي کي سخت نقصان پهتو آهي، کيس مصنوعي طور ساهه کڻايو پيو وڃي، ٻئي طرف پوليس پاران جسقم ريلي تي گوليون وسائڻ، هڪ قتل ۽ هڪ ڪارڪن زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي، جسقم جا 6 ڪارڪن سلطان ابو پوٽو، صدام انڙ، ميان بخش رستماڻي، سهيل سومرو، پير اياز ۽ الطاف رستماڻي کي کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي مرڪزي اڳواڻ علي رضا خاصخيلي چيو ته نواب شاهه پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. اسان جي پرامن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪيس داخل نه ٿيو ۽ ڪارڪن آزاد نه ڪيا ويا ته 23 مارچ بعد احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment