Saturday, March 22, 2014

گڏاڻي لڳ خوفناڪ حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 38 ماڻهو سڙي مري ويا، 30 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر)گڏاڻي ڀرسان ٻن ٽرڪن ۽  ٻن مسافر ڪوچن ۾ خوفناڪ ٽڪر کانپوءِ  باهه لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 38کان وڌيڪ مسافر سڙي فوت ٿي ويا ۽ 30ڄڻا زخمي ٿي پيا. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ رپورٽ طلب ڪري ورتي. تفصيل موجب صبح 5 وڳي  آر سي ڊي هاءِ وي تي گڏاڻي موڙ ڀرسان باگڙ نالي وٽ ايراني ڊيزل سان ڀريل ٽئنڪر ڪلٽي ٿي پيو ۽ ان جو سڄو تيل هاءِ وي تي هارجي ويو، جنهن جي ڪري ڪوئيٽا کان ايندڙ مسافرن سان ڀريل ڪوچ  تيل ۾ سلپ ٿي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ان دوران ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ پڻ سامهون ويندڙ ٽرڪ سان تيز رفتاري سبب تڪرائجي وئي، جنهن جي ڪري ٻنهي ڪوچن ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪي پيا ۽ انهن ۾ سوار مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون.باهه ايتري ته شديد هئي جو ان هڪ ٻئي ٽئنڪر کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ان موقعي تي باهه مان اٿندڙ دونهون ڏسي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن پهچي سڙي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي بسن مان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته حادثي جي هڪ ڪلاڪ بعد فائربرگيڊ جي گاڏي ڪراچي  مان ۽ ايڌي جي ايمبولنسون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ انهن سڙي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي ڪراچي ۽ مقامي اسپتالن ۾ منقتل ڪيو. خوفناڪ حادثي سبب 45کان وڌيڪ مسافر سڙي فوت ٿي ويا آهن ۽ 30ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن جي ڪري فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچن جي ڇتين تي غيرقانوني طور تي ايران کان اسمگل ٿيندڙ پيٽرول جا ڊرم ۽ ڪينون رکيل هيون جن مان باهه ڀڙڪي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ٻئي ڪوچون ۽ هڪ ٽئنڪر مڪمل طور تي سڙي خاڪ ٿي ويا.ٻي طرف اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته  آئل ٽئنڪر ڪوچن جي ڪلٽي ٿيڻ کان 20منٽ اڳ ڪلٽي ٿيو هيو ۽ تيل هاءِ وي تي هارجڻ سبب روڊ کي ٽرئفڪ لاءِ بند پڻ ڪيو ويو هيو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جا لاش ڪراچي سول اسپتال آندا ويا ته اتي موجود ميڊيڪوليگل آفيسر لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن کي سرد خاني ۾ رکرائي ڇڏيو. ٻي طرف بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ حادثي تي شديد ڏک جو اظهار ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي رپورٽ  طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي بهتر سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڏي ترجمان موجب هڪ لاش جي سڃاڻپ ناصر علي ويٺل ڳوٺ يوسف ڪراچي طور ٿي. ترجمان موجب 34 لاش سڃاڻپ جهڙا نه آهن، انهن کي ڊي اين اي ٽيسٽ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment