Monday, March 24, 2014

Sindh Freedom March 2014

ڪراچي ۾ لکين سنڌين جو فريدم مارچ، نعرن جي گونج، عالمي برادري سنڌ جي مدد ڪري: صنعان قريشي
ڪراچي: جسقم جي فريڊم مارچ ۾ لکين سنڌي ڏهاڪن کان جاري جبر خلاف پرامن طور سراپا احتجاج آهن، ڌرتي دشمن هاڻي اکيون پٽين
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي  عالمي طاقتن آمريڪا، برطانيا فرانس، روس ۽ چين کي اپيل ڪئي ته سنڌي قوم کي آجپو ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي،ڇاڪاڻ سنڌي عالمي اصولن تحت هڪ جدا قوم ۽ سنڌ هڪ ملڪ آهي، عالمي برادري کان پڇان ٿو ته پرامن وطن سان محبت ڪرڻ ڇا ڏوهه آهي؟ باضمير عالمي دنيا پنجاب جي ايجنسين کان پڇاڻو ڪري ته انهن ڪيئن وطن دوست پرامن ماڻهن کي جيئري ساڙي انسانيت جي تذليل ڪئي آهي، هنن شهيدن ڪڏهن به ڪنهن ايجنسي واري کي رهنڊ به نه ڏني  هئي ان باوجود بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي هندن جي 25لک ايڪڙ زمين ڪوڙن ڪليمن ۾ ڌارين حوالي ڪئي وئي. اهڙي ريت سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پڻ 25لک ايڪڙ زمين فوجين حوالي ڪئي وئي، سنڌ جي صنعتن ۾ 80لک کان وڌيڪ ڌاريا مزدرو آڻي سنڌين کي بي روزگاري طرف ڌڪيو ويو آهي، سنڌ جي بندرگاهن، 80سيڪڙو گئس، 69سيڪڙو پيٽرول ۽ 80سيڪڙو روينيو ڏيندڙ سنڌ جا ٻچا ٿرپاڪر ۾ بک ۽ دوائن جي اڻ هوند سبب تڙپي تڙپي مري رهيا آهن.اردو ڳالهائيندڙ اسان جا مستقل ڀائر آهن، سنڌ اسان جو ايمان ۽ ماءُ آهي، امڙ جي ورهاست برداشت جوڳو عمل  نه آهي، پاڪستان جو بنياد ئي نفرت تي پيل آهي ۽ اهو نام نهاد ملڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان دنيا جي امن ۽ اتحاد لاءِ خطرو آهي. ٻي طرف هن عالمي برادري کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان ۾ پنجابي ۽ پختون طالبان ته اوهان ٻڌا هوندا پر اوهان ڪڏهن ڪو سنڌي طالبان نه ٻڌو هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر تي لکين ماڻهن جي آزادي مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي نه هئڻ سبب  ٻهراڙين جا 80سيڪڙو ماڻهو سائي جي مرض جو شڪار آهن ۽ زهريلي پاڻي واپرائڻ ۽ بهتر خوراڪ نه هجڻ ڪري سنڌ جي ماڻهن جي سراسري عمر 43سال وڃي بيٺي آهي، جيڪا دنيا جي 2سئو آزاد ملڪن جي فهرست ۾ تمام گهڻي پوئتي آهي. هن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو ان تي بند ٻڌي سنڌين جي مالڪي واري حيثيت ختم ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ايندڙ ڌارين جي لوڌ خطري واري گهنٽي جون حدون اورانگهي چڪي آهي ۽ انهن سڀني ڳالهين جو ڪارڻ هي رياست آهي. هن چيو ته سنڌ  ڪن فيڪون کان وٺي آهي جنهن جو وجود اقبال ۽ جناح جي مرهون منت ناهي، سنڌ هزارين ورهين کان قديم سڀيتا جو مرڪز رهي آهي، سنڌ تاريخ جي گهڻن دورن مان لنگهندي ڪيترن ٻاهرين قوتن جي ٽڪراءُ جو ميدان رهي آهي، ايرانين، عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، پٺاڻن ۽ انگريزن تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪاهون ڪري سنڌ کي لٽيندا ۽ ڦريندا رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ نه فقط ڏکڻ ايشيا پر سڄي دنيا لاءِ دهشتگردي جي علامت بڻجي چڪو آهي ان کي ختم ڪري هزارها سالا قومي وجود ۽ ملڪ جي حيثيت ۾ رهندڙ سنڌ ۽ بلوچستان کي آزادي ڏيارائي دنيا مان مذهبي دهشتگردي جي پاڙ پٽي وڃي. آزاد سنڌو نه فقط سنڌين لاءِ سک، اقتصادي خوشحالي جو سبب بڻبي پر ان جي معرفت سڄي دنيا امن عالم، ترقي بني آدم ۽ اتحاد انساني حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته سڄي دنيا تشدد جو رستو ختم ڪري عدم تشدد جي ذريعي پنهنجي اختلافن کي نبيري جيڪو دنگ سڄي دنيا کي سنڌ ٻڌائي چڪي آهي ته سهپ، مذهبي رواداري، برادري، باهمي سمجهوتي ۽ جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسي اختيار ڪرڻ ۾ انسان ذات لاءِ امن اتحاد ۽ ترقي سمايل آهي. هن وڏي واڪي چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ اعلان ٿي ڪري ته مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت ۾ پنجاب ۽ ان سان لاڳاپيل ايجنسيون ملوث آهن هنن شهيدن کي شهيدِ سنڌو ديش قرار ڏيون ٿا ۽ انهن جو قتل جو ڪيس رياست مٿان داخل ڪرائينداسين. هن چيو ته 23 مارچ 2012ع وارو ڏينهن جيڪو شهيدِ بشير خان قريشي جي اعلانيل ڏينهن جو تسلسل آهي، شهيد مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو ان تسلسل جو حصو آهن. صنعان قريشي چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي ڀائر سمجهون ٿا پرهو به سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪن. جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪراچي ۾ تاريخي فريڊم مارچ، تبت سينٽر تائين ايم اي جناح روڊ قومي ڪارڪنن سان ڀرجي ويو، شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان جا لاش پهچڻ تي قومي ڪارڪنن جون اوڇنگارون، منظر جذباتي ٿي ويو. تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ پاران گذريل ڏينهن 23 مارچ جو فريڊم مارچ گلشن حديد شهيد بشير خان قريشي جي رهائشگاهه تان ڀريا روڊ ۾ شهيد ڪيل جسقم جي ترجمان مقصود خان قريشي، جيئي سنڌ لطيف سنگت جي صدر سلمان وڌو جا مڙهه کڻي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪيهر انصاري، امجد مهيسر، عبدالله سومرو، بشير خاصخيلي، ساگر حنيف بڙدي، آصف بالادي، منير حيدر شاهه، الاهي بخش بڪڪ جي اڳواڻي ۾  لکين قومي ڪارڪن ساڻ ڪري زوردار نعرن سان تبت سينٽر جي جلسي گاهه واري هنڌ روانو ٿيو.ڪراچي اولهه ، اوڀر، ڪورنگي، گڏاپ سميت ڪراچي شهر جي سنڌي وسندين ۽ مختلف شهرن کان قومي ڪارڪنن ملير، قائد آباد، ڊرگ روڊ، ڪارساز، شاهراهه فيصل، ، شاهراهه قائدين کان ٿيندو ڪجهه ڪلاڪن بعد  ايم اي جناح روڊ وٽ تبت سينٽر تي پهتو جنهن بعد اهو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مارچ ۾ جيئي سنڌ جي سمورن ڌڙن جسم، جسمم، جيئي سنڌ تحريڪ ، جسم، سنڌ نيشنل موومينٽ، سنڌ نيشنل پارٽي، جست، جسقپ سميت قومي عوامي تحريڪ، ايم ڪيو ايم، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وفدن شرڪت ڪئي. تبت سينٽر کان قائداعظم جي مزار تائين نظر جي آخري حد تائين رڳو ماڻهن جا هجوم نظر اچي رهيا هئا. جڏهن ته ان مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ سائين جي ايم سيد ، شهيد بشير قريشي، شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جون تصويرون  ۽ بينر پڻ کنيل هئا.اسٽيج تبت سينٽر جي پل تي ٺاهي وئي.ان موقعي تي شهيد ڪيل جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جا لاش گلشن حديد کان لاش ايڌي ايمبولنس ذريعي جلسي گاهه پهچايا ويا، ٻنهي شهيدن جا لاش هڪ ئي ايمبولنس ۾ رکيل هئا، شهيدن جا لاش جيئن ئي تبت سينٽر پهتا ته قومي ڪارڪن ۽ اتي موجود نياڻيون اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا جنهن جي ڪري اتي ماحول سوڳوار ۽ جذباتي ٿي ويو، اتي موجود هر ماڻهو جي اک آلي هئي ۽ ڪير به پنهنجي جذبن تي ضابطو نه ڪري سگهيو. جسقم جو آزادي مارچ انتهائي پرامن هو ۽ آيل اڳواڻن سان ڪي به حفاظتي گارڊ موجود نه هئا ۽ اهي هٿين خالي هئا.هن آزادي مارچ شهيد بشير قريشي جي 2012ع واري آزادي مارچ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هوڏانهن جسقم چيئرمين جي خطاب کانپوءِ ٻنهي شهيد قومي ڪارڪنن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ مذهبي عالمن پاران گڏيل دعا گهري وئي. جنازي نماز کانپوءِ مڙهه جيئن ئي ايمبولنس ذريعي رتي ديري نيا پئي ويا ته قومي ڪارڪن ايمبولينس کي چنبڙي قومي اڳواڻن جي آخري ديدار لاءِ آتا ٿي ايمبولينس کي روڪي ورتو.
ايم اي جناح روڊ عام ٽريفڪ لاءِ بند، لکين ماڻهن جي هجوم
ڪراچي:ايم اي جناح روڊ ڪنٽير رکي بند ڪيو ويو، پوليس، رينجرز ۽ ڪانڊوز جا 2سئو اهلڪار مقرر، بم ڊسپوزل اسڪواڊ روٽ کي ڪلئير قرار ڏنو. تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ جي مارچ دوران ايم اي جناح روڊ سان لڳندڙ لنڪ روڊن کي جلسي گاهه کان سي بريز بلڊنگ تائين ڪنٽينر رکي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ عام ماڻهن جي اچ وڃ  تي مڪمل طور تي پابندي هنئي وئي. لکين ماڻهن جي مارچ جي سيڪيورٽي لاءِ صرف 5سئو پوليس اهلڪار، 8سئو رينجرز ۽ 2سئو ڪمانڊوز مقرر هئا، جيڪي روڊن ۽ عمارتن تي ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس بيٺل هئا.ان موقعي تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ وارن اسٽيج، روڊن تي پيل مانڊڻين، ،دڪانن، عمارتن کي چيڪ ڪيو جنهن بعد هنن روٽ کي ڪليئر قرار ڏنو. مارچ جي سيڪيورٽي جا انتظام جسقم جي رضاڪارن پڻ سنڀاليا جن ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان سخت جهڙتي وٺڻ بعد کين جلسي واري هنڌ ڇڏڻ جي اجازت ڏني.
ٻه فريڊم مارچ : رتي ديري جي مرتضيٰ قريشي جا 2 پٽ ڌرتي ماءُ تان وهلور
ڪراچي : جسقم طرفان ٻن سالن ۾ ٻه فريڊم مارچ ڪيا ويا. پهرين فريڊم مارچ شهيد بشير خان قريشي ۽ ٻيو مارچ صنعان قريشي جي قيادت هيٺ ٿيو. پهرين مارچ جي ٻن هفتن بعد جسقم چيئرمين بشير خان قريشي کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي فريڊم مارچ کان ٻه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي قتل ڪري گاڏي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. اهڙي نموني جسقم قيادت ٻن ڪامياب مارچ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 3 لاش مليا آهن. جڏهن ته بشير قريشي جي والد مرحوم غلام مرتضيٰ قريشي جي گهران ٻن پٽن جا جناز نڪتا.
شهيدن جي اڄ تدفين، رتي ديري ۾ ٽئين ڏينهن به هڙتال، هنگامن جا ڪيس داخل
رتوديرو: شھيد مقصود احمد قريشي ۽ شھيد سلمان وڌو جي شھادت جي ٽئين ڏينھن تي به شھيدن جي شھر رتوديرو ۾ سوڳ وارو ماحول رهيو شھر ۾ ٽئين ڏينھن تي به  شٽربند ھڙتال رھي ماڻھن سوڳ ۾ پاڻمرادو دڪان بند رکيا. شھيد مقصود قريشي جي گھر آڏو وڇايل تڏي تي ماڻھن جي آمد جو سلسلو جاري آھي ناياب سرڪش سنڌي سميت سنڌ جي ٻين اديب شاعرن شھيد بشير خان قريشي جي مزار تي پھچي حاضري ڀري ۽ دعا گھري آھي. شھيد مقصود خان قريشي ۽ شھيد سلمان وڌو جي آخري آرامگاھ شھيد بشير خان قريشي جي مزار جي پيراندي کان ٺاھي اولھندي پاسي کان شھيد مقصود خان قريشي جي قبر ۽ اوڀر واري پاسي کان شھيد نوجوان سلمان وڌو جي قبر ٺاھي وئي آھي. ڪراچي مان نڪتل قافلو صبح جو سوير رتوديرو پھچندو ۽ ٻنھي شھيدن جي تدفين صبح جو نائين وڳي ڪئي ويندي. ھوڏانھن جمعي واري ڏينھن جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شھادت تي شھرين پاران ڪاوڙ دوران ڪيل ڀڃ ڊاھ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس رتوديرو ٿاڻي تي پنج سئو کان به مٿي اڻ سڃاتل شھرين مٿان داخل ڪيا ويا آھن.
قومي ڪارڪن قتل ڪري لاش ساڙڻ انسانيت جي توهين آهي، وڌيڪ مڙهه مليا ته مزاحمت ٿيندي؛ قوم پرست اڳواڻ
ڪراچي: قومي قيادت فريڊم مارچ کي سنڌ جي حق ۾ ريفرنڊم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شهيد مقصود قريشي، سلمان وڌو جي جناي نماز ۽ جسقم جي جلسي ۾ شريڪ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پهتا آهيون. شهيدن جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ 1940ع واري قرارداد تحت سنڌين کي حق ڏنا وڃن. جسم جي رياض چانڊيو چيو ته هر دور ۾ سول توڙي فوجي قيادتن سڀني تاريخي قومن جا حق غصب ڪري 23 مارچ 1940ع جي قرارداد جي نفي ڪئي. خاص ڪري سنڌ کان سڀ ڪجهه کسي پنجاب کي ڏنو ويو. هن وڌيڪ چيو ته بشير خان قريشي 23 مارچ تي فريڊم مارچ جو بنياد وجهڻ تي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جا لاش ڏئي هن جدوجهد کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌ نيشنل موومينٽ جي وقتي چيئرمين اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌي قوم ڏکن کي طاقت بڻائي اڳتي وڌي رهي آهي. پرامن قوم کي مزاحمت ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. وڌيڪ لاش مليا ته قوم ضرور مزاحمت ڪندي. جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي صدر قمر ڀٽي چيو ته عالمي برادري ۽ انساني حقن جون تنظيمون هن سانحي جو نوٽيس وٺن. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڊپٽي ڪنوينر حبيب جتوئي چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ رياست پهريون ڀيرو لاش ناهن ڏنا. سنڌ مٿان هر دور ۾ وار ٿيندو رهيو آهي. قومي ڪارڪنن کي گوليون هڻي ساڙڻ انسانيت جي توهين آهي. رياست پنهنجي انجام تي پهچي چڪي آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻن زين شاهه، محبوب عباسي، دودو مهيري چيو ته سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش کي اهڙا ميڙاڪا ۽ جلوس ڌرڻا ناڪام بڻائيندا جيڪڏهن قومي حق تسليم نه ڪيا ويا ته ملڪ بچي نه سگهندو. سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراهه امير ڀنڀري چيو ته سنڌين کي ڪوڙن دلاسن ۾ رکيو پيو وڃي. مقصود جي شهادت رنگ لائيندي. جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر شفيع ڪرناڻي، سهيل ابڙي چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ رياستي جبر اڳيان گوڏا نه کوڙينداسين. پنهنجي حق ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائينداسين.
فريڊم مارچ مان واپس ويندڙ جسقم ڪارڪنن تي ناظم ۾ حملو، 3زخمي، 2 مرڻينگ
ڪراچي: جسقم جي فريڊم مارچ مان واپس ويندڙ وين تي ناظم آباد پل وٽ فائرنگ ۾ 3 زخمي ٿي پيا، جن مان  ٻن  ڪارڪنن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جن کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب جسقم جي فريڊم مارچ ۾ شرڪت بعد واپس ويندڙ ٺل واسي ڪارڪنن جي وين تي موٽر سائيڪل سوار  هٿياربندن ناظم آباد پل وٽ سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 جسقم جا ڪارڪن غلام عباس سرڪي، نواب بنگلاڻي ۽ اسد چنو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، وين ۾ سوار ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو وين ۾ ٺل وڃي رهيا هئا ته ناظم آباد پل وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿيار بندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ اسان جا ٽي ساٿي زخمي ٿيا.
شهيد بشير جي پراڻي تقرير تي ڪارڪن جذباتي ٿي ويا، نعري بازي
ڪراچي: فريڊم مارچ ۾ شهيد بشير قريشي جي تقريرن ۽ قومي گيتن جي گونجار ماحول کي جذباتي ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ جي  مارچ ۾ شهيد بشير قريشي جي تقريرن ۽ قومي گيتن واريون سي ڊيون، جيئي سنڌ جي جهنڊن جا اسٽيڪر ۽ سنڌي ٽوپي جا اسٽال لڳايا ويا. شهيد بشير قريشي جي گذريل آزادي مارچ واري تقرير شروع ٿيڻ سان ئي آزادي مارچ ۾ شريڪ قومي ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ بينر کڻي سنڌ جي آجپي لاءِ نعري بازي ڪئي، جڏهن ته مارچ جي شروعات کان آخر تائين عابده پروين ۽ ٻين سنڌي فنڪارن جي قومي گيتن جي گونجار جاري رهي.
لاش پيا ملن، عورتن کي به حقن لاءِ اٿڻو پوندو؛ مارچ ۾ شريڪ عورتون
ڪراچي: جسقم جي آزادي مارچ ۾ عورتن جو به وڏو انگ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌي نياڻين چيو ته هن ملڪ ۾ صرف سنڌين جا لاش ملي رهيا آهن. 2 سال اڳ آزادي مارچ ڪرڻ بعد بشير خان قريشي کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته هاڻ مارچ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مقصود خان ۽ سلمان کي شهيد ڪيو ويو آهي. سنڌياڻين چيو ته هن ملڪ ۾ صرف سنڌي ڪونڌرن جا ئي لاش ملي رهيا آهن، سنڌي عورتن کي به حقن لاءِ نڪرڻو پوندو. هڪ ناري چيو ته هن ڪراچي مان ميٽرڪ ڪئي پر سنڌياڻي هجڻ سبب کيس انٽر ۾ داخلا نٿي ملي.
ايس يو پي، جسم، جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جست جي نمائندگي
ڪراچي: شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌي جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي قوم پرست ڌرين جي مرڪزي وفدن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ جي زين شاهه، دودو مهيري، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيي ۽ جسم جي وفد خالق جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ وفدن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي گلزار سومري ۽ جسقم آريسر جي وفد ۾ شهيد قومي ڪارڪنن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. قومي عوامي تحريڪ جو وفد مظهر راهوجي جي اڳواڻي ۾ شريڪ ٿيو،ا يم ڪيو ايم جو وفد وسيم اختر، اشفاق منگي ۽ ديوان چند چاولا جي اڳواڻي ۾ شهيد قومي ڪارڪنن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حبيب جتوئي جي اڳواڻي سندن پارٽي جو وفد شريڪ ٿيو.جسقپ جي سربراهه قمر ڀٽي ۽ سنڌ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اعجاز سامٽيي جي اڳواڻي ۾ وفد جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.  
شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي جي سوڳ ۾ پڊعيدن ٽئين ڏينهن به بند، شهر کي اهلڪارن جو گهيرو
پڊعيدن: جسقم جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ ساٿي سلمان وڌو جي شهادت واري ڏينهن کان پڊعيدن ۾ شروع  ٿيندڙ احتجاج دوران ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيڻ ڪري پڊعيدن ۾ ٽئين ڏينهن به مڪمل شٽربند هڙتال رهي. بازارون، مارڪيٽون، ڪاروباري مرڪز، ڳڙ منڊي، سبزي منڊي، دڪان بند رهيا. امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رينجرز، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.رينجرز ۽ پوليس جو گشت وڌايو ويو. هوڏانهن پيپلزپارٽي پاران جسقم جي ڪارڪنن خلاف ٽي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته جسقم پاران پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي ش ڀ خلاف 3 الڳ الڳ ڪيس پڊعيدن ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف پڊعيدن ۾ هنگامي بعد ٽن ڏينهن کان هڙتال ۽ ڪاروباري سرگرميون معطل ٿيڻ ڪري پڊعيدن ۾ راڪاس گهمي ويو آهي. شهر ۾ خاموشي ڇانيل آهي. رستا، بازارون، مارڪيٽون ويران ٿي ويون آهن. علائقي ۾ خوف هراس ڦهليل آهي.
ملير جون سنڌي وسنديون پاڻمرادو بند، ماڻهو مارچ ۾ شامل، تڏي تي به آمد
ملير: ڪالهه پوري سنڌ جيان ملير جي مختلف علائقن گهگهر ڦاٽڪ، گلشن حديد، پپري، شاهه ٽائون، عبدالله ڳوٺ، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني، مارئي ڳوٺ، قائد آباد، ميمڻ ڳوٺ، ڀٽائي آباد، چڪرا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن مان هزارين ماڻهو صبح سويري ئي جسقم مرڪز گلشن حديد  پهچي ويا، جنهن کانپوءِ قافلو تبت سينٽر ڏانهن روانو ٿيو، ڪالهه ملير جي سمورين سنڌي وسندين جي جي ماڻهن رضاڪاراڻي طور جسقم اڳواڻ مقصود قريشي، سلمان وڌو جي شهادت ۽ 23 مارچ جي فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪاروبار بند ڪري فريڊم مارچ ۽ جسقم اڳواڻن جي تڏي تي پهچي ويا. هوڏانهن ملير ۾ سياسي اڳواڻ حاجي شفيع ڄاموٽ جي اڳواڻي ۾ ابراهيم حيدري کان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪئي. رزاق آباد مان مسلم ليگ ن اڳواڻ خدا ڏنو شاهه جي سربراهي ۾ قافلو فريڊم مارچ ۾ شريڪ ٿيو. سماجي تنظيم سچوا جي اڳواڻ صاحب خان چانڊيو، مظهر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قافلو فريڊم مارچ ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته سنڌ سهائي فورم جي اڳواڻ امتياز دانش، يامين گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پپري مان قافلو فريڊم مارچ ۾ شامل ٿيو ۽ قومپرست پارٽين ايس ٽي پي ملير، جسم، ايس يو پي ۽ ٻين پاران فريڊم مارچ جي حمايت ڪندي فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جسقم جي مرڪز گلشن حديد پهچي فريڊم مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ بعد تبت سينٽر ڏانهن روانا ٿيا.
صنعان قريشي ڪارڪنن سان گڏ رهيو
ملير: جسقم چيئرمين صنعان قريشي فريڊم مارچ دوران ڪارڪنن جي خاص سيڪيورٽي پهري هيٺ قافلي جي آخري حصي ۾ هلندو رهيو.
ڪارڪنن تي حملي جو ٻڌي سهراب سرڪي ۽ اعجاز سامٽيو جناح اسپتال پهتا
ڪراچي: ڪراچي ۾ جسقم ڪارڪنن تي حملي ۽ زخمين جي جناح اسپتال پهچڻ جي اطلاع تي پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي ۽ سنڌ نيشنل موومينٽ جو وقتي سربراهه اعجاز سامٽيو جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتا.
گلشن حديد کان تبت سينٽر تائين پوليس ۽ رينجرز مقرر

ملير: جسقم جي شهيدن جي جنازي نماز ۽ فريڊم مارچ جي سيڪيورٽي لاءِ گلشن حديد کان تبت سينٽر  تائين  پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.
عوامي آواز تان ورتل خبرون
سومر 24 مارچ  2014ع، 22 جمادي الاول 1435هه

No comments:

Post a Comment