Saturday, March 8, 2014

بدين: عورتن جي عالمي ڏينهن تي ٻن نارين سان لڄالٽ جي ڪوشش، ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد

بدين: لڄالٽ جي ڪوشش تي مزاحمت دوران تشدد جو نشانو بڻيل ناريون
بدين (عوامي آواز نيوز) اتفاق ڪالوني بدين ۾ گذريل رات دير سان الهبچايو ملاح جي گهر ۾ ٽي نوجوان صدام چانڊيو، گوبي چانديو ۽ خادم چانڊيو نشي جي حالت ۾ داخل ٿي سندس نوجوان ڌيئرن نجم ۽ زيبو ملاح جي عزت لٽڻ جي ڪوشش ڪئي، نارين دانهون ڪيون پر ڪير به پاڙيسري کين بچائڻ نه آيو، جوابدارن عورتن جي رڙين تي کين ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، عورتون ڪپڙن کان آجو هجڻ سبب ٻاهر به نڪري نه سگهيون، ناري زيبو کي هڪ جوابدار کاٻي اک تي ٺوشا هنيا، جنهن سبب سندس اک سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته نجم جي سڄي جسم تي تشدد جا نشان هئا، هو روئي رهيون هيون، هنن عوامي آواز آڏو روئيندي چيو ته پوليس ڪيس نه ورتو ۽ نه وري سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ئي علاج ڪيو. هنن ٻانهن ۾ ڪينولا لڳائي چيو ته اسان وٽ علاج نه ٿيندو ڪنهن پرائيويٽ اسپتال وڃو، ظلم جي شڪار ٿيل هن خاندان کي گهر مان بيدخل ڪيو ويو، ٿاڻي تان بيدخل ۽ اسپتال مان پڻ بيدخل ڪيو ويو، پيرن اگهاڙين نيشنل بينڪ ڀرسان بي يارومددگار ويٺل رهيون، پر ڪير به سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، هي واقعو عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيش آيو. بدين پوليس گواهه نه هجڻ جو چئي تشدد جو نشانو ٿيندڙ عورتن کي موٽائي ڇڏيو، نوجوانن هٿان ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻجندڙ عورتن زيبو ۽ نجم جو ڪيس داخل نه ٿيڻ سبب گواهه نه آهي، پوليس جوابدار بااثر هجڻ سبب ڪيس نه ورتو، پيرسن پيءُ الهبچائي ملاح روئيندي چيو ته نوجوانن ڌيئن جي عزت لٽڻ جي ڪوشش ٿي، نياڻين کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو، پر انصاف پلئه نه پيو، هاڻي مسواڙ جي گهر ۾ رهڻ به نه ڏيندا، ڪير به منهنجو گواهه ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي.

نياڻيون رڙنديون رهيون، اتفاق ڪالوني واسي منهن تي رلي وجهي سمهي پيا

بدين: اتفاق ڪالوني ۾ پورهيت الهبچايو ملاح جي نياڻين کي بچائڻ لاءِ ڪير به نه آيو، علائقي واسي نياڻين جون رڙيون ٻڌي بي حس رهيا، مدد ڪرڻ بدران گهرن ۾ ويٺا رهيا، هڪ پورهيت جون نياڻيون رات جي اونداهي ۾ ظلم سهنديون رهيون، هر گهر جي هر فرد وٽ موبائل فون هجڻ باوجود ڪنهن به شخص پورهيت جي مدد لاءِ پوليس کي به اطلاع نه ڪيو.

جوابدار نياڻين جي ڪنن مان واليون به لاهي ويا

بدين: پورهيت الهبچايو ملاح جي گهر ۾ داخل ٿي جوابدارن الهبچايو ملاح کي سخت تشدد ڪرڻ کان پوءِ گهر مان ٻاهر ڪڍي سندن ڌيئرن زيبو، نجم ۽ سندن پيرسن ماءُ کي مارڪٽ کان پوءِ ڪنن ۾ پيل سونيون واليون به لاهي کڻي ويا، گهر ۾ پيل سامان به جوابدارن نه ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment