Friday, March 14, 2014

سنڌي ۽ بلوچي سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ماروي ميمڻ قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪري رهي آهي
ڪراچي /اسلام آباد (رپورٽ: قاسم راڄپر+بيورو): اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه نواز ليگ جي ايم اين اي ماروي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي سمورن ميمبرن سان گڏ سڄي ملڪ مان آيل 35 عالمن ۽ ٻولي ماهرن شرڪت ڪئي، سنڌ مان شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمين نظر محمد ڳاهي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي غلام علي ملاح شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ هر هڪ ماهر 5-5 منٽ سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي، پنجابي، پشتو، بروهي، پهاڙي، شينا، ڪشميري، هندڪو ۽ ٻين ٻولين جي تاريخي اهميت ۽ موجوده حيثيت تي روشني وڌي. پروفيسر سليم ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس پيش ڪندي چيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي ٻوليون ٿيڻ جون سموريون خاصيتون موجود آهن، انگريزن جي دؤر کان وٺي سنڌي سنڌ جي سرڪاري ٻولي رهي آهي، هن وقت 8 ٽي وي چئنل، 22 ايف ايم چئنل، 30 وڏيون اخبارون سنڌيءَ ۾ شايع ٿي رهيون آهن، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ سالن کان جدوجهد جاري آهي، هاڻي جڏهن مسلم ليگ نواز پنهنجي چونڊ منشور ۾ سمورين صوبائي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي ڳالهه رکي آهي ته هي بهترين موقعو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اولهه پاڪستان جو مثال سامهون رکڻ گهرجي جيڪو فقط ٻوليءَ جي بنياد تي اسان کي ڌار ٿي ويو. هن چيو ته 7.5 سيڪڙو ڳالهائجندڙ اردو ٻولي واحد قومي ٻولي هئڻ ٻين مادري ٻولين سان انصافي آهي. پاڪستان جن علائقن تي مشتمل آهي انهن علائقن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ گهرجي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته پاڪستان جو سموريون ٻوليون حسين آهن، اسان جو ڪنهن به ٻوليءَ سان جهيڙو ناهي پر اسان چاهيون ٿاته جن علائقن پاڪستان ٺاهيو انهن جون ٻوليون قومي ٻوليون هئڻ گهرجن، سنڌي ادبي سنگت جي ڄمار پاڪستان کان به وڏي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ قومن ترقي ٻولين جي ڪري ڪئي آهي. هڪ کان وڌيڪ قومي ٻولين سان پاڪستان نه فقط ترقي ڪندو پر وڌيڪ مضبوط به ٿيندو. اجلاس ۾ قومي ٻولي ۽ سرڪاري ٻولي واري مونجهاري، ٻولي، لهجي ۽ لپي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان راءِ جو اظهار ڪيو ويو ته قومي ٻوليءَ جو مطلب ماڻهن جي مادري ٻولي آهي، گهڻو ڪري ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون هونديون آهن، جڏهن ته دفتري زبان هڪ هوندي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ ان راءِ جو به اظهار ڪيو ويو ته هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون هئڻ سان قومي يڪجهتي وڌندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته چين ۾ 9، انڊيا ۾ 22، بيلجيم ۾ 3، نميبيا ۾ 11، سنگاپور ۾ 4، ڏکڻ آفريڪا ۾ 5 قومي ٻوليون آهن. اجلاس ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪندي سفارش ڪئي ته بلوچي، بلتستي، ٻروچڪي، براهوي، هندڪو، ڪشميري، پهاڙي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، شينا ۽ سنڌي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، مادري ٻولين جي قتل جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان جون سموريون علائقائي زبانون ڪنهن مخصوص علائقي بدران سڄي ملڪ جون آهن. سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ سان جتي اهي ٻوليون ترقي ڪنديون اتي يڪجهتيءَ ۾ اضافو ٿيندو. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ قومي ٻولي ڪميشن جي قيام جي سفارش ڪندي چيو ته سمورين ٻولين جي واڌاري لاءِ ملڪي سطح تي بندوبست ڪيو وڃي. جيڪا قومي ٻولي پاليسي تيار ڪرڻ سان گڏ سائنسي بنيادن تي تحقيقي ڪم به ڪري. اجلاس ۾ بحال ٿيل ٺهراءَ وسيلي اها به سفارش ڪئي وئي ته قومي اسيمبلي مان ترت بل منظور ڪرايو وڃي، ان سلسلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ بحال ڪيل ٺهراءُ جلد قانون ۽ پارلياماني معاملن واري کاتي ڏانهن موڪلڻ جي سفارش به ڪئي.

No comments:

Post a Comment