Sunday, March 23, 2014

مقصود قريشي ۽ سلمان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد باهه ڏني وئي: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جسقم اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد باهه ڏئي ساڙيو ويو، اهڙي تصديق پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ڪئي وئي آهي، مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جا لاش جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان ڀريا کان ڪراچي جي جناح اسپتال آندا ويا جتي سنڌ سرڪار پاران پوليس سرجن ڊاڪٽر جليل قادر جي سربراهي ۾ڊائو يونيورسٽي جي پروفيسر ڪئپٽن فرحت حسين مرزا، اڳوڻي پوليس سرجن ۽ بينظير ميڊيڪل ڪاليج لياري جي پروفيسر ڊاڪٽر حامد پرهياڙ ۽ جناح اسپتال جي ايم ايل او  ڊاڪٽر انجم سومرو  شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جو پوسٽ مارٽم ڪيو، بورڊ رات جو ڏيڍ وڳي لکيل پنهنجي رپورٽ ۾ڄاڻايو آهي ته شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ واري وقت کان 15 کان 20 ڪلاڪ اڳ قتل ڪيو ويو آهي، سندن  لاش 100 سيڪڙو سڙي چڪا آهن، جسماني طور وڏي قد بت واري لاش يعني مقصود قريشي جي سيني ۾ گولي جو هڪ نشان مليو آهي، جڏهن ته ان کان ننڍي عمر واري لاش يعني سلمان وڌو جي جسم ۾ گولين جا چار نشان آهن، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس سرجن ڊاڪٽر جليل قادر ٻڌايو ته لاش مڪمل طور سڙي وڃڻ سبب اها شاهدي به ختم ٿي وئي آهي ته کين ڪيتري فاصلي تان گوليون هنيون ويون آهن پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته  کين گوليون هڻي قتل ڪرڻ سان گڏ باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي، هن چيو ته ٻنهي ڄڻن جي جسم ۾ گولين جي نشانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين پستول يا ريوالور جهڙي ننڍي هٿيار سان فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي ۽ ڪلاشنڪوف يا رائيفل جا فائر ناهن ڪيا ويا، پوليس سرجن ٻڌايو ته مارجي ويلن جي لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سندن جزا ته ورتا ويا آهن پر انهن جي جزن جي ميچ لاءِ سندن والدين يا اولاد جا جزا گهربل آهن ۽ ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ٻنهي ڄڻن جا وارث نه آيا آهن ۽ جيستائين انهن جا جزا نه ملندا ان وقت تائين ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا اسلام آباد ليبارٽري نه اماڻيا ويندا، هوڏانهن شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي پوسٽ مارٽم جي موقعي تي جسقم جي قيادت سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود هئا، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز کي پڻ جناح اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو هو.  

No comments:

Post a Comment