Saturday, March 22, 2014

مقصود کي 4 ۽ سلمان کي هڪ گولي هنئي وئي، قتل بعد لاش ساڙيا ويا: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي: جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي ترجمان مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي کي باهه ڏيڻ جي تصديق ٿي وئي. ڀريا روڊ وٽ قتل ڪري ساڙيل جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جا لاش جناح اسپتال آندا ويا. جتي چئن ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ڪيو. ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر جليل قادر ٻڌايو ته ٻنهي جو موت گوليون لڳڻ سبب ٿيو آهي. مقصود قريشي کي سيني ۾ 4 گوليون هنيون ويون، جڏهن ته سلمان وڌو کي هڪ گولي لڳي. ڊاڪٽرن موجب گولي هڻي مارڻ بعد لاشن کي باهه ڏني وئي. هن چيو ته لاشن جا جزا ورتا آهن. جيڪي ڊي اين سي ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويندا.

No comments:

Post a Comment