Friday, March 7, 2014

ٿر ۾ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا بک وگهي مرڻ جو انڪشاف

ڪراچي+اسلام ڪوٽ (نيوز ڊيسڪ+غازي بجير) ٿر ۾ ٽن مهينن دوران 100 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽن موجب ٿر ۾ بدترين ڏڪار سبب بک جو شڪار ٻارن سان اسپتالون سٿجي ويون آهن، ڏورانهن علائقن ۾ وڌيڪ ٻار  مرڻ جو خدشو آهي. هر گهر ۾ معصوم ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٿرپارڪر جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪي به صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري مسڪين ماڻهو پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن. علاج نه ٿيڻ توڙي غربت سبب پري پري وارن ڳوٺن جي ڪيترن ئي مائرن جا گل ڪومائجي ويا آهن. اسلام ڪوٽ شهر جي 20 کان مٿي پرائيويٽ اسپتالون بيمار ٻارڙن سان سٿجي ويون آهن. هڪ ڏينهن ۾ 100 کان مٿي معصوم ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي. سرڪاري اسپتال ۾ هڪ ٻار به دخل ٿيل ناهي. ٻئي طرف ماروئڙن جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تيزي سان جاري آهي.

ٿر ۾ چوپائي بعد اٺن ۾ به خارش جي بيماري، ماروئڙن جو جياپو تنگ

اسلام ڪوٽ: ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري حالتن بعد خوفناڪ صورتحال، چوپائي مال جي مرڻ بعد اُٺن ۾ به خارش جي بيماري پکرجي وئي. ٿرپارڪر ضلعي جي ڇهن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏاهلي، ننگر پارڪر ۽ ڏيپلي ۾ ڪڙڪيل قهري ڏڪاري حالتن بعد صورتحال انتهائي خوفناڪ بڻجي ويئي آهي. سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب شروع ۾ ميڊيا تي متل هاءِ گهوڙا تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري هاڻي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ست مهينن کان چوپائي مال ٻڪرين ۽ رڍن ۾ پکڙيل بيماري تي ڪنٽرول نه ٿيڻ ۽ مال مري وڃڻ بعد تازو اُٺن ۾ به خارش جي بيماري ڦهلجي چڪي آهي. هن وقت ٿرپارڪر ضلعي جي 24 سئو ڳوٺن ۾ اُٺ موجود آهن، جيڪو لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهلي جي ور چڙهي ويا آهن.


سنڌ حڪومت کي ڪهل نه آئي! ٿر جو ڏڪار 32 معصوم حياتيون ڳڙڪائي ويو


مٺي (رپورٽ: اعجاز بجير) سنڌ حڪومت کي ڪهل نه آئي، ٿر جو ڏڪار 32 معصوم حياتيون ڳڙڪائي ويو. 6 مهينن کان هلندڙ ڏڪاري حالتن هزارين ڍور مارڻ بعد انساني حياتيون ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ضلعي صحت کاتي طرفان بک وگهي 32 ٻار مرڻ جو خدشو ظاهر. ڊي ايڇ او ٿرپارڪر جليل ڀرڳڙي رابطي ڪرڻ تي تصديق ڪندي چيو ته گذريل هڪ مهيني دوران سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ هجڻ جي ڪري 32 ٻارڙن جو موت ٿيو آهي. جنهن ڪري انهن ٻارڙن جي ٿيندڙ موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اڄ اربع واري ڏينهن هنگامي اجلاس ٻارڙن جي ماهر ڊاڪٽرن سميت سول سرجن مٺي جو گهرايو آهي. جنهن ۾ معصوم ٻارڙن جو ٿيندڙ موت جي بيماري جا سبب معلوم ڪيا ويندا. هن چيو ته ٿر سڄو ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي ۽ کاڌ خوراڪ نه هجڻ ڪري ٻارڙن جي مائرن ۾ غذائي کوٽ ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري ٻارڙن جو موت ٿئي ٿو. واضح رهي ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري حالتون هئڻ ڪري هزارين چوپايو مال مري ۽ مالوندن جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ناهي ڏنو، جنهن سبب لکين رهواسي لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن ڏانهن هليا ويا آهن. ياد رهي ته مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ننگر پارڪر، ڏاهلي ۽ ڇاڇري تعلقن ۾ مال جو چارو پڻ ختم ٿي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment