Saturday, March 8, 2014

اقليت ۾ آياسين ته ڌرتي جي مالڪي به کسجي ويندي، ڌارين کي برداشت نه ڪبو: جسقم قيادت

ميرپور بٺورو+دڙو (نمائندن وٽان) 23 مارچ تي جسقم پاران رٿيل فريڊم مارچ جي سلسلي ۾ جسقم بشير خان جو مرڪزي وفد ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪيهر انصاري ۽ عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ميرپور بٺورو پهتو، جتي وفد پاران مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ معززن کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ رٿيل فريڊم مارچ جي ڪوٺ ڏني. مني بس اسٽاپ تي جلسي عام کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻن چيو ته 23 مارچ تي لکين سنڌي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪري آزادي جي گهر ڪندا. هنن چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ بدامني، بيروزگاري، ڪرپشن جو پاڪستان وٽ ڪو به حل نه آهي، ان جو حل آزادي ۾ آهي. دڙي ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جا وسيلا پنجاب جي قبضي هيٺ آهن. سڄي سنڌ ۾ پٺاڻ ڪاهي پيو آهي ۽ سنڌ جون زمينون خريد ڪري سنڌين کي اقيلت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي پئي وڃي. اقليت ۾ تبديل ٿياسين ته ڌرتي تان مالڪي جو حق ختم ٿي ويندو. ان کان اڳ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي دڙي شهر ۾ هر دڪان تي وڃي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جڏهن ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳوٺ اوٺا، ڪانڌڙا ۽ رٽا ۾ پڻ ميڙاڪن کي خطاب ڪيو. هوڏانهن  سجاول ۾ بابو سوڍائي جي ورسي جي موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ چيو ته سنڌ هاڻي حلالي پٽن کان رت جي قرباني گهري ٿي. 23 مارچ تي سنڌ جا سڄڻ ۽ گهڻ گهرا اچي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيندا ۽ سموري دنيا کي واضح ڪندا ته هن ڌرتيءَ جا وارث جاڳي پيا آهن، هاڻي سنڌ دشمن پنهنجو قبلو درست ڪن، هاڻي سنڌ جي پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ ۾ ڌارين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪالهه پي پي حڪومت مرسون مرسون جا نعراهنيا اڄ سنڌ کي ون، ٽو ۾ ورهائڻ جا نعرا  هڻندڙن سان گڏ ويٺا آهن. اهي نعرا هڻڻ جا ڍونگ هئا.

No comments:

Post a Comment