Saturday, March 8, 2014

ٿر جي يو سي ڪلوئي ۾ اڌ مهيني اندر 15ٻارڙا بک وگهي فوت، ڍور به مري ويا

نئون ڪوٽ: بک وگهي فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جي لاش وٽ وارث سوڳوار ويٺل آهن
شادي لارج (رپورٽ: محمد ابراهيم لنڊ) ٿرپارڪر جي يوسي ڪلوئي ۾گذريل 15 ڏينهن  ۾ اسپتال رڪارڊ کان سواٰءِ 15 کان وڌيڪ ٻار فوت ، ڪيترائي بيمارين ۾ مبتلا، سوين ڍور مري ويا. ڏڪارسٽيل ٿر جي تعلقي ڏيپلي جي يوسي ڪلوئي به سخت متاثر گذريل 15 ڏينهن ۾ اسپتال رڪارڊ کانسواءِ مختلف بيمارين ۽ غذائي کوٽ سبب  ڳوٺ ڍانڍو جي عبدالقدير جو 8 مهينن جو پٽ محمد عرس، تاج محمد لنڊ جو 10 مهينن پٽ ابوبڪر ڳوٺ ناريڙي جي ظهور احمد جو 9 مهينن جو پٽ علي حسن ڳوٺ بچو ڀوت جي ابراهيم ڀوت جي 1 سالا ڌي جنت ڳوٺ جاڳڻ لنڊ جي ايوب لنڊ جي 11 مهينن جو پٽ سڪندر لنڊ عبدالغفار لنڊ جي 3 مهينن جي ڌيءَ بلوچ زادي، ممتاز علي لنڊ جو 6 مهينن جو پٽ عبدالڪريم لنڊ  سميت 15 کان وڌيڪ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته مختلف ڳوٺن ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب ڪيتران ئي ٻارن جي حالت سخت خراب آهي، جڏهن ته پوري يوسي ۾ اڃا تائين حڪومت توڙي ڪنهن به سماجي تنظيم پاران ڪا به طبي ڪئمپ يا امدادي ڪارروائي شروع نه ڪئي ويئي آهي جڏهن ته  مقامي سول اسپتال ڪلوئي ۾ ڊاڪٽرن توڙي دوائن جي پڻ شديد کوٽ آهي ان کانسواءِ مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال مرڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن ڳوٺ انب لنڊ ۾ پيربخش لنڊ ،علي حيدر ۽جمن لنڊ جون 50 کان رڍون، 20 ٻڪريون ۽ 3 ميهنون مري ويون جڏهن ته ڳوٺ جاڳڻ لنڊ ۾ علي محمد لنڊ ۽ مرچو لنڊ جون 20 ٻڪريون مري ويون، ڳوٺ ڪنڊو لنڊ ۾ مٺو لنڊ رجب علي ۽ محمد عباس جي 5 ٻڪرين سميت سوين ڍور مرڻ جي رپورٽ سامهون آئي جڏهن ته لائيواسٽاڪ کاتي پاران ڪنهن به قسم جا اپاءُ نه ورتا ويا نه ئي ڪا ويڪسن يا چاري لاءِ ڪو انتظام ڪيو يو آهي.
ٿر ۾ ٻارڙن جو موت سرڪار جي نااهلي قرار، ماروئڙا مرن پيا پر ڪڻڪ سڙي خراب ٿي رهي آهي: سول سوسائٽي
مٺي (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي سول سوسائيٽي ٿر ڏڪار سبب فوت ٿيل ٻارڙن ۽ چوپائي مال جي مري وڃڻ کي حڪومت جي نااهلي قرار ڏنو آهي، مٺي ۾ ڏڪار ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب 123 معصوم ٻارڙن جي موت بدانتظامي ۽ نااھلي جي نشاني آھي ۽ انھن قيمتي جانين کي بچائي ٿي سگھيو پئي، اگر وقت سر نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جوڳا اپاءُ وٺي ھا. اھڙن خيالن جو اظھار مٺي ۾ سماجي تنظيم جي زير اھتمام ٻارڙن لاءِ ٿيندڙ مٺي چلڊرين فيسٽيول 2014 ۾ مقررين خطاب ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته صرف فيبروري جي مھيني ۾ 32 ٻار موت جو شڪار ٿيا آھن. جڏھن تھ ان کان اڳ سوين جانور ۽ مور پکي ڏڪار سبب موت جو شڪار ٿيا پر ان طرف ڪو سنجيده قدم نھ کنيو ويو جنھن سبب قيمتي جاني نقصان ٿي رھيو آھي. ڪاشف بجير چيو تھ ٻاڙرن جي ھن ميلي کي منعقد ڪرڻ جو مقصد پڻ اھو آھي تھ موجودھ صورتحال۽ ٿر جي ٻارن جي حقن کي اجاگر ڪجي. ھن ڏک واري گھڙي ۾ انھن سان گڏ ھجي..ميلي ۾ ٻارڙن خاڪا، ٽيبلو، گيت ۽ ثقافتي ھنر پڻ پيش ڪيا جن جا موضوع،  موجودھ صورتحال،ٻارڙن ۾ خوراڪ جي کوٽ، بک، بيماري، بيروزگاري ۽ ننڍي عمر جي شادي ھئا.ميلي کي خطاب ڪندي مقررين چيو تھ ٿر جي وارياسي علائقي جي 166 ديھن مان 157 ديھن جو مدار صرف ۽ صرف برسات تي آھي ۽ برساتون نھ ھئڻ سبب اتي سنگين ڏڪار جي صورتحال پئدا ٿئي ٿي.ھنن چيوتھ ٿر جا 15 لک ماڻهو گذريل 6 مهينن کان ڪاري ڏڪار کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ پاسي وٽن کائڻ لاءِ اناج جو داڻو ناهي رهيو ته ٻئي طرف گاهه سميت چارو ختم  ٿيڻ ڪري سندن رڍون، ٻڪريون، اٺ بيماري وگھي مري رھيا آھن ۽ سندن گلڙن جھڙا ٻارڙا اکين سامھون خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماريءَ سبب تڙپي تڙپي مري رھيا آھن. اھي ٿر واسي جيڪي لڏپلاڻ جي سگهه نٿا رکن اھي پنهنجي گهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏڪار جي سنگيني کي منهن ڏئي رهيا آهن. سرڪاري ڪڻڪ گودامن ۾ سڙي خراب ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري ڏڪاريل ڏيهه جا معصوم ٻارڙا بک وگهي مري رهيا آهن، صوبائي وزير روبينه قائمخاني چيو ته اسان قيادت جي حڪم تي هتي پهتا آهيون ٿر جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ٻار مستقبل جا معمار آهن انهن جي موت تي انتهائي افسوس ٿيو آهي.
مناسب کاڌو نه ملڻ ڪري عورتن ۾ ٿڃ سڪيو وڃي: فوتي ٻارن جا وارث
شادي لارج (ن ع آ) فوت ٿيل ٻارن جي وارثن  علي حسن لنڊ، تاج محمد، عبد الغفار لنڊ خالد احمد، ضمير بلوچ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته غربت سبب عورتون به پورهيو ڪن ٿيون ۽ کين مناسب کاڌو به مهيا نه ٿو ٿي جنهن جي ڪري سندن کير سڪيو وڃي جنهن بعد اسان ٻارڙن کي ٻڪرين ۽ رڍن جو ڪير پياريندا آهيون جنهن کان پوءِ اڪثر ٻار بيمار ٿي وڃن ٿا ۽ مقامي سول اسپتال ڪلوئي اسپتال ۾ علاج جا به ڪي بهتر بندوبست ٿيل نه آهن جنهن ڪري اڪثر ٻار فوت ٿي وڃن ٿا.
ٿر ۾ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب ٻارڙا فوت ٿيا: سيڪريٽري 
حيدرآباد: صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري اقبال حسين دراني چيو آهي ته ٿرپارڪر صحت کاتي جي لاپرواهي، خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب ٿر ۾ ٻارڙن جو موت ٿيو آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سول اسپتال مٺي جي ايم ايس خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، هو 50 لک روپين جون دوائون ۽ 30 ڊاڪٽرن جو قافلو وٺي ٿر جي ماڻهن جي علاج لاءِ وڃي رهيو آهي. هو ڪالهه ڊي ايڇ او حيدرآباد جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او حيدرآباد غلام مصطفيٰ عباسي پڻ موجود هو. سيڪريٽري صحت چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جو سبب غذا جي کوٽ ، دوائن ذريعي ويم  ڪرائڻ ۽ مقامي صحت کاتي جي لاپرواهي سبب ٿيو آهي. هن چيو ته مٺي اسپتال ۾ ٻارڙن جي ٿيندڙ موت جو سول اسپتال جي ايم ايس کي تڪڙو نوٽيس وٺڻ گهربو هو پر هن ان ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻارڙا تيزي سان موت جي ورچڙهي ويا. هن چيو ته وڏي وزير، اسپتال انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، ان معاملي جي جاچ هلندڙ آهي. هن چيو ته هن وقت ٿر سميت ٺٽو، جيڪب آباد ۽ بدين سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ مائرن کي غذا جي کوٽ واري مسئلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، صحت کاتو ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي شروعات ٺٽي کان ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ مائرن جي حالت خراب هجڻ ڪري ٻارڙا ڪمزور ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري ٻارڙن ۾ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي، جي ماءُ صحتمند هوندي ته ٻارڙا به صحتمند ٿيندا. هن چيو ته صحت کاتو ٿر ۾ ٻارڙن جي علاج لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، هو 50 لک روپين جي دوائن سان گڏ 30 سينيئر ڊاڪٽرن کي ٿر وٺي وڃي رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment