Wednesday, March 19, 2014

Ode to Larkano by Aijaz Mangi

هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ؟
اعجاز منگي
”هندو ۽ مسلمان، دلا هڪ ڪنڀر جا
سڏجن ته گهڻا ٿانو پر آهي مٽي هڪ“
مرزا قليچ بيگ جو اهو شعر ان رات لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ ائين گهمي رهيو هو، جيئن ديس جي لاءِ شهيد ٿي ويل ويڙهاڪ سورمي جو گهوڙو سنسان نگر ۾ بنا هڻڪار جي هلندو نظر ايندو آهي.
اها رات هوليءَ جي رات هئي. ان رات ڪنهن موهن پنهنجا رنگ پيار ۽ پاٻوهه سان پسايا هئا ۽ ڪنهن ڪويتا پنهنجا ڪپڙا ان ويچار سان ويڙهي رکيا هئا ته سڀاڻي اهي پريم جي راند ۾ رنگين ٿيندا پر ڪنهن به نه ٿي ڄاتو هڪ سازش سپ وانگر سري رهي هئي. موبائل فون تي تعصب ۽ نفرت جا ميسيج ٽائيپ ٿي رهيا هئا. صرف انهن کي ”سينڊ“ ڪرڻ جي دير هئي ۽ پوءِ ٻٽون ٻڌل دهشت گرد ان شهر جي ڌرم شالا کي باهه ڏيڻ جي ڪارروائيءَ ۾ مصروف ٿي ويا، جتي ڀڳت ڪبير جا اهي ڀڄن وارئنوار وڄندا هئا ته:
”من بهولا بهولا ڦري جڳت مين
تيرا ڪيا ناتا ري........!؟“
هي اهو ئي هنڌ هو، جتي ميرا ٻائي جا اهي ٻول ٻرندا هئا ته:
”موري جنم مرن ڪي ساٿي
توهي نا بسرون دن راتي....“
پر ان شهر کان اتهاس جا سمورا وچن وسري ويا، جنهن شهر جا ارڏا انقلابي ته ڇا پر ون يونٽ جا موجد به هندو برادريءَ جي رکشا لاءِ پنهنجي هٿ ۾ پستول کڻي نڪري پوندا هئا. پر ان رات ڪو نه هو! ڪو به نه!! جيڪو امن جو اڊڙيل پهراڻ پاتل هن شهر کي صرف ايترو چوي ته ”لاڙڪاڻا! اي منهنجا ساهه سيباڻا!!
مان اڄ به تنهنجي سينڌ جو محافظ آهيان“ اها رات اڪيلي هئي. دهشت سان ڀريل هئي. ان رات نه معلوم ڪيترا ٻار هراسجي ويا هئا. جڏهن لاڙڪاڻي جي اڪثر گهرن ۾ وڄندڙ موبائل فونن جو گهنٽيون خطري جي سائرن وانگر انهن معصوم ماڻهن جا ساهه سڪائي رهيون هيون، جن ورهاڱي جي وڍ کان پوءِ به پنهنجو اهو شهر نه ڇڏيو، جنهن شهر ۾ ”محبت جو مذهب“ پيار جون پوٿيون سانڍي سڀني کي چوندو هو ته ”سنڌ سنيهه جي آخري سرحد آهي. ان ڪري نه ڊڄو!“ پر ان رات سڀ ڊڄي رهيا هئا. هندو گهرن جون اهي مورتيون به پنهنجن رنگن کان رسي ويون هيون، جن ۾ رام بنواس ۾ وڃڻ وقت پوري محل کي اداسيءَ حوالي ڪري رهيو هو ۽ ڪرشن جون رنگ رتيون چترڪاريون پنهنجين چنچلتا کان وڇڙي ويون هيون ۽ ان رات ته انيس انصاريءَ جو اهو شعر به هڪ عجيب ماتم ۾ مصروف هو، جنهن نهايت اداسيءَ سان اهو اظهار ڪيو هو ته:
”راڌڪا ٿي پاپ ميوزڪ تي نچي
شيام جي مرلي رکي آهي سڄڻ“
ان رات لاڙڪاڻي جي هر راڌا ۽ شيام صرف ان خوف جو شڪار هو ته ڪٿي ڪنهن پستول جي ناليءَ مان نڪرندڙ بارودي نعري سبب ڪنهن نرما جي ساهن جو سلسلو هميشه لاءِ ٽٽي نه پوي!
ها! هي اهو ئي شهر هو، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جو آخري بالشويڪ سوڀو گيانچنداڻي لاڙڪاڻي جي نوجوانن کي انقلاب تاريخ ائين ٻڌائيندو هو، جيئن ڪوئي لاڙ جو لاسي نڙ جي سريلي سر تي ٻن هنجن جي وڇڙي وڃڻ جو داستان ٻڌائيندو آهي. 
ها! هي اهو ئي شهر هو، جتي ذوالفقار علي ڀٽو سئيڪارنو چونڪ جوڙي پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي بين القوامي سلسلي سان جوڙي چوندو هو ته ”منهنجو سپنو ساڀيان ٿيندو“
ها! اهي اهو ئي شهر هو، جنهن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪاٽن جي قميص جا سمورا بٽڻ کولي گرم رات ۾ گهليل سرد هوا جي جهوٽي کي محسوس ڪندي سوچيندو هو ته:
”مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب“
ها! هي اهوئي شهر هو، جتي سنڌ جو اڙٻنگ انقلابي بشير خان قريشي جوش سان وقت جي رفتار روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ها! هي اهو شهر هو، جنهن ۾ استاد خالد هڪ نئين منصور جو خواب ڏسندو هو ۽ ڊاڪٽر اديب انقلابي جي ايم سيد جون ڪچهريون ٽرانسڪرائيب ڪندي جهونگاريندو هو ته:
”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“
ها! هي اهو ئي شهر هو جنهن ۾ آصف بالاديءَ هڪ رات بنا تياريءَ واري پنهنجي جيون جي سڀ کان سندر تقرير ڪئي هئي. 
ها! هي اهو شهر آهي، جنهن مان فڪري بغاوتون اڀريون. جتي نوجوان ان عمر ۾ گرفتار ٿيا، جڏهن انهن جي لسين ڪارائين مان هٿڪڙيون ترڪي ترڪي وينديون هيون!
ها! هي شهر جتي ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ”سوشلسٽ سنڌو ديش“ جا لونءَ ڪانڊاريندڙ ليڪچر ڏنا هئا.
اهو شهر هوليءَ جي ان رات ايترو ته اداس هو، جيترو حسن مجتبيٰ جو اهو شعر ته:
”جيل جي لوليءَ مٿان جو چنڊ آهي
ڄڻ ننڍو هي کنڊ آهي
رت ۾ لويل ڪنور جو مک آهي
ڄڻ صدين جو دک آهي“
اها رات به پوري چنڊ جي رات هئي. جڏهن ڌرم شالا شعلا شعلا بڻجي جلي رهيو هو ۽ هوائن ۾ درد جي هٻڪار هڙني سرن کان رسي وئي هئي ۽ ننڍڙي چمپا خوف ۾ روئي رهي هئي. ڇو ته هن جي شهر تي حملو ٿيو. اهڙو حملو جهڙي حملي جي منظر ڪشي امداد حسينيءَ جي هن شعر ۾ آهي ته:
”وقت شب خون هڻي
تيره شبيءَ جو خنجر
دهر جي سينه بيدار ۾
قبضي تائين
حسب معمول هنيو
صرف ڪري سڀ طاقت
روئي ۽ چپ ٿي وئي
گنبذ مسجد ۾ اذان
مورتي ٻڌ جي
ميوزم ۾ هئي
اونڌي منهن
بانسري ٽڪرا هئي
چپ هئا نوحا نغما
زهر کي پي ويو 
يونان جو ڏاهو انسان
ماءُ هڪڙي اچي
دروازي گرجا جي اڳيان
گند ڪچري ۾ ڇڏي ويئي
حرامي ٻالڪ!“
پر ان رات شهر جي لاش تي ڪاري چادر نه پر شعلن جا ڇلا رقص ڪري رهيا هئا. اهو شهر جنهن کي پرامن هجڻ جي حوالي سان هميشه فخر رهيو آهي، ان شهر ۾ دهشت جا ديو چوطرف پکڙيل هئا ۽ ننڍڙا ٻارڙا پنهنجي وڏين اکين ۾ خوف کي سمائي سمهي نه ٿي سگهيا.
ان رات لاڙڪاڻي جي چپن تي تبسم نالي ڪا شيءَ نه هئي. هن جي روح ۾ صرف ۽ صرف خوف هو. دهشت هئي. ڇو ته ٻاهر وحشت هئي. جنهن جو ننگو ناچ ٿي رهيو هو هڪ عبادت گاهه ۾!
ڇا ٿي پيو؟ جيڪڏهن اها عبادت گاهه مسلمانن جي نه هئي! اها هئي ته عبادت گاهه! اها عبادت گاهه جتي انسانن کي امن ۽ پريم جي نصيحت ملندي آهي. جتي گيتن ۾ سبق آموز ڪهاڻيون بيان ڪيون وينديون آهن. جتي عاشقن جي عاشقن جا شعر لکيا، پڙهيا ۽ جهونگاريا ويندا آهن ۽ ان عمل کي عبادت چيو ويندو آهي. ان عبادت گاهه مٿان حملو ڪيو انهن غزنوين جن کان نئين نئين طاقت ۽ انهن کي مليل اهميت کائن هضم نه ٿي ٿئي. هو جيڪي ڪالهه تائين طعنن ۾ هوندا هئا، اڄ اهي وڏي طيش سان هلن ٿا ۽ اهي عام ماڻهن جي جذبن کي باهه وانگر ڀڙڪائي، انهن کان پنهنجي شهر جي روح مٿان حملو ڪرائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري رهيا آهن!!
۽ اسان ڪٿي آهيون؟ اسان جن سنڌ سان گيڙو رنگ وارو واعدو ڪيو هو. اسان جن سنڌ کي صوفي لاڪوفي سرزمين جي سڃاڻپ جي سلامتيءَ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهيو هو، انهن جي عمل جو پردو فاش ٿي پيو، ان رات، جڏهن لاڙڪاڻي شهر جا هندو خوف وچان ڪنبي رهيا هئا. اها پاڪستاني طالبان جي حڪومت نه پر انهن جي نظرياتي مخالف پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي. هو جيڪي پشاور کان وٺي لاهور ۽ ڪوئيٽا کان وٺي ڪراچيءَ تائين هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي انتها پسندي ۽ تعصب خلاف سياسي جدوجهد جون دعوائون ڪن ٿا، انهن جي سياسي مرڪز لاڙڪاڻي ۾ جڏهن اقليتن جي مٿان ڪاهه ڪئي وڃي ۽ شهر جي هندو ڪٽنبن کي عدم تحفظ جو احساس اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کان وڌيڪ هڪ حڪومت جي ناڪامي ٻي ڪهڙي هوندي؟ جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ هندو برادريءَ جي هڪ فرد مٿان الزام هڻي پوري هندو ڪميونٽيءَ کي ڏهڪايو وڃي ۽ انهن جي عبادت گاهه کي جلايو وڃي ۽ اهڙي ڏوهه جي ڏوهارين مٿان سخت قدم نه کنيو وڃي ته پوءِ اهڙي شهر ۾ ڪير رهندو؟
ڇا هي شهر موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جڙيو هو!؟ ڇا هي شهر موهن جي دڙي وانگر ٻيهر دفن ٿيڻ ٿو چاهي؟ جيڪي شهر زنده نه هوندا آهن، اهي شهر دفن ٿي ويندا آهن. جيئرا شهر پنهنجي رهواسين جي حفاظت ڪندا آهن ۽ اهي پنهنجين روايتن جو تحفظ ڪندي پنهنجي جان به نڇاور ڪري ڇڏيندا آهن. اهي شهر عظيم هوندا آهن، جيڪي ذليل حرڪتن تي پوري طاقت سان ردعمل ڏيکاريندا آهن ۽ پنهنجي عمل سان پنهنجي سيني تي ٿيل انياءَ جو ازالو ڪندا آهن. لاڙڪاڻي کي پنهنجي دامن تي لڳل اهو داغ رت سان نه پر پگهر سان ڌوئڻو پوندو. هن کي محنت ڪرڻي پوندي پنهنجي انهن روايتن جي تحفظ جي، جيڪي ديوار چين کان وڌيڪ اوچيون ۽ مضبوط هيون. ان رات هن شهر جي حوالي سان سڀني کي معلوم ٿيو ته شهر جون پناهه واريون ڀتيون گهڻو وقت اڳ ڀري چڪيون آهن ۽ هاڻي ته انهن جا آثار به موجود ناهن! اهڙي انڪشاف جو فوري ردعمل آهي هڪ بي انتها درد!
درد جي ان دائري ۾ صرف هڪ برادري بيٺل ناهي. پر هڪ برادريءَ جي حوالي سان پيڙا ۾ آهي، اهو شهر جنهن جي روح مٿان هوليءَ جي رات اوچتو حملو ڪيو ويو ۽ اهو به نه سوچيو ويو ته هي شهر قومي، جمهوري ۽ طبقاتي جذبن جو شعور رکندڙ شهرين جو مسڪن آهي. هو جيڪي رومانوي روح سان پنهنجي شهر جي مڻيا تي فخر ڪندا آهن، انهن جي مقدس ماڳ مٿان حملو ڪرڻ وارن وحشين اهو سوچڻ جي زحمت به گوارا نه ڪئي ته:
”ڪو ته هن شهر جو
 
همدرد ۽ همدم هوندو
ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو
ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو
ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي
ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي
ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو
ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو“
پر ڪو به نه هو. نه هن شهر جو همدرد، نه همدم، نه ساٿي نه جاني ۽ نه ڪنهن عاشق جي نشاني ۽ نه ڪنهن ٻار جو تبسم ۽ نه ڪنهن لوليءَ جو ترنم.......!!
ڪجهه به نه!!! صرف نفرت ڀريا نعرا ۽ ڪوڪرا ۽ خوف ۾ ڪبندڙ معصوم ٻارڙا!!!
۽ سنڌ جي ڪلچر تي ٿيندڙ هڪ سيمينار ۽ سنڌ جي تاريخي ورثي تي ٿيل تحقيق جو مسودو ۽ ديس جي دانهن جهڙو هڪ ڪالم!!!

No comments:

Post a Comment