Thursday, March 13, 2014

ميڊيا کي منهنجي استعيفيٰ جو انتظار آهي، امين فهيم ڄاڻي ٿو ته ٿر ۾ ڪنهن لاپرواهي ڪئي: قائم علي شاهه

مٺي: وڏو وزير قائم علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي
مٺي/شادي لارج (رپورٽ: اعجاز بجير+ابراهيم لنڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته منهنجي استعيفيٰ جو انتظار رڳو ميڊيا کي آهي. امين فهيم ٿر جي ڏڪاري حالتن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي ان وقت قرار ڏنو هو، جڏهن کيس معاملي جي حقيقي ڄاڻ نه هئي. هاڻي کيس پتو پئجي چڪو آهي ته ٿر ۾ پيدا ٿيل موجوده هنگامي حالتن ۾ غفلت ڪنهن ڪئي ۽ ذميوار ڪير آهن؟، هن اهڙو اظهار مٺي جي درٻار هال ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڏڪار متاثرن ۾ 48 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ورهائي چڪا آهيون ۽ 5 کان 6 ڏينهن اندر هر متاثر گهر تائين امدادي ڪڻڪ جي ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ٿر جي ڏڪار متاثرن لاءِ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ جهڙو هڪ نئون پروگرام ترتيب ڏيئي رهيا آهيون. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڏڪار جي هنگامي حالتن ۾ لاپرواهي واري معاملي جي جاچ هلندڙ آهي. مڪمل ٿيڻ بعد ذميوارن خلاف ڪارروائي هر صورت ۾ ٿيندي. چاهي ڪو صوبائي وزير ڇو نه هجي؟. هن چيو ته وزيراعظم، خيبرپختونخوا صوبي سميت سمورن غير سرڪاري ادارن ۽ خيرات ورهائيندڙ شخصيتن جا ٿورائتا آهيون، جن ٿر جي ڏڪار متاثرن جي مدد لاءِ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته وزيراعظم هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي پر خبر ناهي اهو پئڪيج ڪهڙو هوندو. خيبرپختونخوا وارن جي قدرتي آفتن ۾ سنڌ حڪومت پڻ مدد ڪندي رهي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سيانيئر اڳواڻ تاج حيدر کي رليف واري کاتي جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو عهدو ڪنهن وزير برابر هوندو. وڏي وزير بريفنگ بعد ٿر جي مختلف ڳوٺن ڪلوئي، ڀاڏور ويڙيهڀ ۽ ماليهار جو دورو ڪري هلندڙ امدادي ڪم جو جائزو ورتو ۽ متاثرن ۾ امدادي سامان جي ورهاست ڪئي. يوسي ڪلوئي 16 ٻارڙن ۽ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جون خبرون ميڊيا اچڻ  بعد نيٺ وڏو وزير ڪلوئي پهتو 500 ماڻهن ۾ راشن ورهايو ويو. يوسي ڪلوئي ۾ تازي آيل ڏڪار دوران 16 ٻارڙن ۽ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جي انڪشاف بعد پهريون ڀيرو وڏي وزير ڪلوئي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، ڪلوئي پهچڻ تي وڏي وزير جي پ پ ٿرپارڪر جي اڳواڻ محمد خان لنڊ سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير انتظاميا کي يوسي ڪلوئي ۾ فوري  امدادي ڪارروائين کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي امدادي ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment