Saturday, March 22, 2014

سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن کان اڳ آدمشماري جو معاملو اٿارڻ جو فيصلو، اليڪشن تياري جي به هدايت

ڪراچي (رپورٽ ذوالفقار واهوچو) سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان اڳ آدم شماري ڪرائڻ وارو معاملو اليڪشن ڪميشن اڳيان کڻڻ تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو  جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت نومبر 2014ع ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ  تي به غور ڪيو ويو آهي، ان لاءِ قانون کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهو سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪري رپورٽ تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪري   اهڙو فيصلو ڪالھه سي ايم هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾  ٿيو، قائم علي شاهه چيو ته اسان هميشه عدالتن جي حڪمن جو احترام ڪيو آهي اهو ئي سبب آهي ته حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو عهد ڪيو هو ۽ ايندڙ وقت ۾ به ائين ئي ڪنداسين .اجلاس ۾ عدالت طرفان جاري ڪيل شارٽ آرڊر جو جائزو ورتو ويو ۽ تفصيلي فيصلي جي ڪاپي اچڻ  جو انتطار ڪرڻ ۾ ميمبرن دلچسپي ڏيکاري  جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت کي ملڻو آهي .ا ن موقعي تي وڏي وزير قانون واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو عدالت جي حڪم جي  روشني ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ پيپر تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪري ته جيئن صوبي ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو بندو بست ڪري سگھجي . سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ هاڻ مڪاني چونڊن لاءِ تڪبنديون  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڪرڻيون آهن ۽ چونڊون به اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي سنڌ حڪومت رڳو ان کي گھربل اسٽاف، سيڪورٽي ۽ مالي وسيلا فراهم ڪندي . ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن لاءِ تڪ بنديون ڪيون ته پوءِ سنڌ حڪومت پنهنجي پسند وارا نتيجا حاصل ڪري نه سگھندي . ان ڪري سنڌ حڪومت سوچي رهي آهي ته هاڻ هو اليڪشن ڪميشن اڳيان پهريان آدمشماري ڪرائڻ جو مسئلو اٿاري ان کان بعد  مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي . ڇاڪاڻ ته 98ع واري آدمشماري  تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ سان  قانوني مسئلو پيدا ٿيندو ڇاڪاڻ ته هن وقت آدمشماري ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آهي ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين صوبن مان لکين ماڻهن جو اچي وڃڻ ۽ سنڌي ماڻهن جا لکين ووٽ نادرا طرفان ڪراچي کان اباڻن ضلعن ڏانهن منقتل ڪرڻ وارو مسئلو به سنڌ  حڪومت اليڪشن ڪميشن اڳيان کڻندي.

No comments:

Post a Comment