Friday, March 14, 2014

پ پ ۾ اختلافن جا اطلاع، پاڳاري جي امين فهيم سان اهم ملاقات


ڪراچي ( رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سربراھه مخدوم امين فهيم سان  حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراھه پير پاڳاري ملاقات ڪئي، اها ملاقات پير پاڳاري مخدوم امين فهيم سان سندس رهائش گاھه تي ڪئي. ٻنهي اڳواڻن  ملڪي، صوبائي  ۽ ٿر جي  صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون . ملاقات کانپوءِ حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراھه پير پاڳاري  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  مخدوم امين فهيم سان خانداني  تعلق آهي، هو بيمار هيو جرمني مان علاج ڪرائي موٽي آيو آهي،  ان جي عيادت ڪرڻ آيو هيس.سياسي ماڻهو آهيون ان ڪري سياست تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ياد رهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ گذريل رات ٽيلي فون تي ڳالھه ٻولهھ ٿي هئي ۽ هي ملاقات طئي ٿي  هئي ، جڏهن ته  ڪجهھ سياسي حلقن جو اهو به چوڻ  آهي ته ٿر جي ڏڪار سبب حڪومتي  انتظامي غفلت سبب مخدوم خاندان تي  پارٽي اندر ڏکيا ڏينهن آيا آهن ان ڪري پير پاڳاري ساڻنس ملاقات ڪئي. هوڏانهن نجي ٽي وي موجب پ پ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن.

امين فهيم ڪلهي جي ڪئنسر جو ڪامياب علاج ڪرائي واپس پهتو

ڪراچي( رپورٽر) سروري جماعت جو اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر مخدوم امين فهيم ڪلهي جي هڏيءَ جي (امڪاني) ڪئنسر جو علاج ڪرائڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان پهتو آهي. مخدوم هائوس جي ذريعن موجب، جيتوڻيڪ هن کي آرام جو مشورو ڏنو ويو هيو پر سنڌ ۾ ٿر جي امداد جي معاملن جي ڪري هن کي مختلف سياسي بيان ڏيڻا پئجي ويا. امين فهيم کي 27 ڊسمبر 2007ع تي ان وقت بم جو هڪ ٽڪرو کيس ڪلهي ۾ لڳو هيو، جڏهن هو محترما بينظير ڀٽو صاحبه سان گڏ ان جيپ ۾ ويٺو هيو، جنهن ۾ محترما کي قتل ڪيو ويو هيو. اهو زخم جنهن هڏي تائين پهچڻ سبب ڦرڙيءَ مان ناسور جي شڪل اختيار ڪئي هئي. ٻه مهينا اڳ کيس دبئي مان علاج لاءِ جرمني جو مشورو ڏنو ويو هيو، جتي ڊاڪٽرن سندس هڏي ۾ پيهجي ويل اها لوهي ٽڪري ڪڍي ورتي آهي ۽ ڪنهن به امڪاني ڪئنسر جي وڌيڪ بچاءَ لاءِ کيس دوائن جو سلسلو ٻڌايو ويو آهي.

پيرن جي ملاقات جي ڪهاڻي پٺيان ڪهڙي رمز آهي؟

ڪراچي ( تجزيو سليمان خان) جيتوڻيڪ اها مخدوم امين فهيم ۽ پير پاڳاري جي ملائڪن کي به خبر ڪانه هئي ته هو خميس ڏينهن ايترو جلد هڪٻئي سان ملي سگهندا. پر ٻنهي گادين جي ويجهن دوستن پاران اها ڳالهه ڪجهه هن طريقي سان ٿي ته پير پاڳاري جي هڪ معتقد ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر پاران پيرپاڳاري طرفان امين فهيم جي طبيعت ۽ مزاج پرسي واري ڳالهه ڪئي وئي ، جنهن تي مخدوم امين فهيم جي ويجهي  خيرخواهه دوست اربع رات جو پيرپاڳاري پاران فون ڪرڻ جو سگنل ڏنو. اها فون ۽ ان تي ڳالهيون مزاج پرسيءَ کانسواءِ باقي معاملن تي پڻ ٿيون. ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن جيڪي روحاني گادين جا امير پڻ آهن، تن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سندن اثر رسوخ کي ملندڙ چئلينجن تي ڳالهايو ۽ طئي ڪيو ته سنڌ ۾ پيراڻي گادين ۾ جيڪي به مناسب سياسي شخصيتون آهن تن کي جلدئي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون. ان سلسلي ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته سنڌ جون مختلف شخصيتون مخدوم محمد امين فهيم جي مزاج پرسيءَ لاءِ ساڻس ملنديون ۽ انهن جي لهجي تپاسڻ کانپوءِ وڌيڪ سياست ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو ويندو. ذريعن موجب، سنڌ جي انهن ٻنهي گادين کي سرائڪي علائقي جي ملتان شهر جي ٻن گادين جي مختلف سوچن جي ڪري ڪجهه خفگي پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي پيرن پاڻ ۾ ملڻ ۽ اتحاد ڪرڻ تائين سوچڻ جو پڻ اشارو ڏنو آهي

No comments:

Post a Comment