Friday, March 7, 2014

تاج حيدر ٿر ۾ ڪڻڪ ورهاست جو نگران مقرر، اعتراف ٿو ڪريان ته سستي ٿي آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي: وڏو وزير قائم علي شاهه صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي
ڪراچي+سکر (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو+اظهر علي دايو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ اعتراف ڪيو آهي ته ڪاموراشاهي جي غفلت سبب ٻارڙا مئا آهن ۽ ماڻهن ۾ ڪڻڪ نه ورهائجي سگھي آهي ان ڪري ڊائريڪٽر هيلٿ محمد غوث قائم خاني ۽ ايم ايس مٺي اسپتال کي معطل ڪري انهن خلاف ڪرمنل ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي سي مخدوم عقيل الزمان ۽ ايس ايس پي عابد قائم خاني کي هٽايو ويو آهي ، ڊي سي کي هٽائڻ تي تمام وڏو دٻاءُ آهي بدلي نه روڪي ويندي . هن چيو ته فوت ٿيل في ٻارڙي جي خاندان کي 2، 2 لک ريپا معاوضو ڏنو ويندو ۽ ٿرواسين کي ڪڻڪ اڌ قيمت تي ڏيڻ بدران مفت فراهم ڪئي ويندي في خاندان کي 50 ڪلو ڪڻڪ جي ٻوري ڏني ويندي هن چيو ته ان وقعي جي چاج لاءِ ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي ۽ تاج حيدر جي سربراهي ۾ ٻه الڳ الڳ ڪميٽيون جوڙيون آهن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھه سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ،ڄام خان شورو ، پي پي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ۽ ٻيا پڻ موجود هيا . وڏي وزير چيو ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته غفلت ٿي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ هن ڀيري تمام گھڻي ٿڌ پوڻ سبب ٻارڙا نمونيا بيماري جو شڪار ٿيا . ڊاڪٽرن کي انهن کي حيدرآباد منقتل ڪرڻو هو جيڪو هو وقت سرنه ڪري سگھيا جنهن جي ڪري ٻارڙن جا موت ٿيا آهن ، هن چيو ته اسان ڪڻڪ جون 60 هزار ٻوريون موڪليون هيون پر آفيسرن جي لاپرواهي سبب اهي ماڻهن ۾ ورهائجي نه سگهيون جنهن جي ڪري به مائرن جي ٿڃ سڪي وئي ۽ اهي ٻارڙن کي کير فراهم نه ڪري سگھيون ان ڪري اهي ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماري سبب مئا آهن . هن چيو ته اسان 4 مهينا اڳ ٿر کي برساتون نه پوڻ سبب آفت سٽيل قرار ڏنو هو ۽ ڏڪار جو اعلان ڪيو ۽ ان وقت ئي ڪڻڪۡ فراهم ڪئي ته جيئن اتي ماڻهن کي اڌ قيمت تي ڪڻڪ فراهم ڪري سگھجي پر رليف ڪمشنر بيمار هجڻ سبب وقتي رليف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو جنهن عوام کي ڪڻڪ فراهم نه ڪئي ان کي به معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مٺي اسپتال ۾ عمر ڪوٽ، جھڏو ، بدين مان به مريض علاج لاءِ اچن ٿا ان مان اندازو لڳايو ته ان اسپتال ۾ سهولتون موجود آهن . هن چيو ته مان مٺي اسپتال ويس ته مريضن جي وارثن شڪايت ڪئي ته اسپتال ۾ دوائون نه آهن . هن چيو ته دوائون نه هجڻ ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ڏوھ ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ ۽ ايم ايس مٺي کي معطل ڪري انهن خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي . هن چيو ته ڪامورن جي رپورٽ آهي ته جنوري ۽ فيبروري مهينن ۾ 40 ٻارڙا فوت ٿيا آهن جڏهن ته ميڊيا ان کان وڌيڪ ٻڌائي ٿي .ڪوتاهي ٿي آهي اهو مان مڃان ٿو . هن چيو ته چوپائي مال جي مرڻ سبب ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ کي به معطل ڪري هٽايو ويو آهي . هن چيو ته فوري طور تي 1لک 20 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ٿر موڪليون ويون آهن هاڻي في خاندان کي 50 ڪلوگرام ڪڻڪ مفت ۾ فراهم ڪئي ويندي ان لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪريان ٿو هن چيو ته هڪ ڪروڙ رپيا اسپتال ۾ دوائن لاءِ به ڏنا آهن .فوت ٿيل في ٻارڙي جي خاندان کي 2 ، 2 لک رپيا معاوضو به ڏنو ويندو. هڪ سوال ته اوهان صحت کاتي جا وزير به آهيو 121 ٻارڙا فوت ٿيا آهن اوهان اخلاقي ذميواري سمجھندي پنهنجي وڏوزارت تان استعفي ٰ ڏيندو؟ ان سوال تي هن ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو . هن چيو ته تاج حيدر کي ڪڻڪ ورهائڻ واري ڪميٽي جو سربراھ مقرر ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ٿر پارڪر جي ڏڪار سبب فوت ٿيل ٻارڙن ۽ جانورن جي مرڻ تي ڪمشنر ميرپورخاص غلام مصطفي ڦل ۽ ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ کي به هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ٻنهي ڄڻن کي هٽايو ويندو. واضح رهي ته ٿر ۾ سمورا ضلعي عملدار بدلي ۽ معطل ٿي ويا آهن، جنهن بعد ضلعي ۾ ڪو به ضلعي عملدار موجود ناهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن، ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿيڻ کانپوءِ گورنر سان به ملاقات ٿي آهي، ڪراچي جون حالتون اڳ کان ڪافي بهتر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ غذائي کوٽ واري صورتحال ايتري خراب ناهي برساتون نه پوڻ سبب ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي آهي ۽ مقامي انتظاميا جي غفلت سبب خوراڪ ۽ دوائن جي تقسيم نه ٿيڻ ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رينجرز سان گڏوگڏ ريٽائرڊ فوجين تي ٻڌل فورس جوڙي وئي آهي ۽ خراب صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، مدرسن جي پابندي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مدرسن بابت ڪجهه به ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment