Saturday, March 22, 2014

”پرده نشين“ قاتلن جي ”نقاب“ ڪشائي ٿي سگهندي؟

اُهي ساڳيا هيبتناڪ منظر، جيڪي سال 2011ع ۾ سانگهڙ جي باکوڙي موريءَ وٽ نظر آيا هئا، جن جي باهه جي شُعلن مان غم جا ڪارا ڪڪر سنڌ مٿان ڇانئجي ويا هئا، اُن واقعي ۾ ٽن قومپرست ڪارڪنن کي زنده ساڙيو ويو هو. تازو ڪالهه ڀريا سٽيءَ ڀرسان جسقم جي شهيد اڳواڻ بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ مقصود قريشيءَ کي سندس ساٿيءَ سميت رستي ۾ گاڏيءَ کي باهه ڏئي زندهه ساڙي انسانيت جا سمورا لِيڪا لتاڙا ويا آهن. هڪ ڀيرو وري سنڌ جي هر گهر ۾ ماتم جا تَڏا وڇائجي ويا آهن ۽ هر اک آلي نظر آئي. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سندس ساٿيءَ جي شهادت بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، مڇريل ماڻهن 8 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جڏهن ته نوابشاهه ۾ احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي ”نامعلوم“ ماڻهن جي ڪيل فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ به واقعي جي مذمت ڪئي وئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومپرست اڳواڻن ۽ غنويٰ ڀٽو سميت ڪيترن اڳواڻن واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جسقم قيادت 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل مارچ دوران ايم اي جناح روڊ تي جنازي نماز پڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آفريڪا جو ”بربر“ قبيلو، جنهن جي وحشي پڻي ”بربريت“ واري اصطلاح کي جنم ڏنو، ان جي خوني جبلت ان ظلم ۽ سفاڪيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي، جيڪا سفاڪي، درندگي سانگهڙ جي باکوڙي موريءَ کانپوءِ ڪالهه وري ڀريا روڊ ڀرسان ورجائي وئي آهي. يقينن اهڙي ظلم جا ذميوار اهي ادارا يا ڌريون آهن، جيڪي سنڌ جي اجتماعي قومي شعور کان خائف ۽ خوفزده آهن. سنڌ ۾ به سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ، چچريل لاش ملڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڙي مارڻ جي ذريعي پيغام ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. بلوچستان ۾ اختيار ڪيل طرز عمل هتي پڻ ورجائجي رهيو آهي. بلوچستان کي ته رياستي ڏاڍ ذريعي اهڙي نقطي تي پهچايو ويو آهي، جو ان جي هن رياست سان تعلق جي تند بنهه ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ ان سڳي کي معمولي سَٽَ آئي ته پنهنجا به پراوا ٿي ويندا، جو انهن کي هٿ وٺي ڌڪيو پيو وڃي. اهي قصا ته پراڻا ٿي ويا، جو ڪنهن قوم کي جبر جي ذريعي مطيع رکي سگهبو هو ۽ اسان وٽ اصل اختيار ڌڻين اها ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته جيڪي قومون خوف کي فتح ڪري وٺنديون آهن، ته انهن کي ڪنهن به طاقت سان مطيع رکي ناهي سگهبو، پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته هتي وحدتن سان مفتوح علائقن وارو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. بلوچستان کانپوءِ هاڻي سنڌ به ان رويي جي نشاني تي آهي.
جڏهن به اهڙا ڪي واقعا ٿيندا آهن ۽ حڪمرانن طرفان انهن واقعن جي جاچ جا اعلان ٿيندا آهن، ڪاميٽيون ٺهنديون آهن، ته پوءِ اها جاچ پراسراريت جي پيچرن تي هلي پوندي آهي، ”پرده نشين“ ڏوهارين جي ”نقاب ڪشائي“ ٿي نه سگهندي آهي، باکوڙي موريءَ وٽ ٿيل واقعو به اڃا تائين پراسراريت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي، شهيد بشير قريشي واري واقعي جي به ”پرولي“ سلجي نه سگهي آهي، جو حڪومت جزن جي چڪاس پرڏيهه مان ڪرائڻ لاءِ جيڪا شروعات جي گوٿناٿ ڪئي، تنهن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو، انهن سوالن مان هڪڙو سوال اهو پڻ هو ته آخر ڇا آهي، جنهن جي پرده پوشي ڪئي پئي وڃي؟ هن ڀيري به اڃا تائين سنڌ حڪومت طرفان ان ڏکوئيندڙ واقعي جي جاچ جو باضابطا اعلان نه ڪيو آهي، حڪومتي اهلڪارن جا اهي بيان سامهون اچي رهيا آهن ته، ضرورت پئي ته عدالتي جاچ ڪرائي ويندي! ضرورت پئي؟ ڇا مطلب؟ هيڏي وڏي واقعي باوجود ان جي عدالتي جاچ جي ضرورت نه آهي؟ اڃا ڪڏهن ضرورت پوندي؟ توڙي جو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي، پر هي سِٽون لکجڻ تائين ان به سنڌ جي حڪمران پنهنجي جماعت کي عدالتي جاچ جي هدايت ناهي ڏني. سنڌ سان نا انصافين جو سلسلو شروع کان جاري آهي ۽ انهن خلاف آواز به تسلسل ۽ تواتر سان اٿندو رهيو آهي. سنڌ ۾ قومي اجتماعي شعور جي سطح ٻين سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ سرس ۽ سوائي آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ظلم جيترو به شدت سان سامهون ايندو آهي، ته ان جي مزاحمت به ايتري ئي شدت سان ٿيندي آهي. 1983ع ۾ آمريت خلاف جمهوريت جي بحاليءَ واري شاندار جدوجهد کانپوءِ هر درد جو علاج هڪ ئي گولي سمجهندڙ قوتون سرت ۽ ساڃهه وڃائي ويٺيون هيون ۽ اتان ئي سنڌ جي اجتماعي شعور تي مختلف طريقن سان راتاهن جا سلسلا شروع ٿيا ۽ هاڻي ته ظلم پنهنجي بي لباس صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جو نشانو سنڌ جا سياسي ڪارڪن بڻجي رهيا آهن. اسان ڀريا روڊ ڀرسان پيش آيل واقعي تي ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، جنهن ۾ قومپرست اڳواڻن مقصود خان قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان کي اذيتناڪ نموني سان ساڙي وحشي پڻي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. اسان سنڌ حڪومت کان اها گهر ٿا ڪريون ته واقعي جي جاچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج کان ڪرائي حقيقت کي سامهون آندو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي.
سنڌ سان نا انصافين جو سلسلو شروع کان جاري آهي ۽ انهن خلاف آواز به تسلسل ۽ تواتر سان اٿندو رهيو آهي. سنڌ ۾ قومي اجتماعي شعور جي سطح ٻين سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ سرس ۽ سوائي آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ظلم جيترو به شدت سان سامهون ايندو آهي، ته ان جي مزاحمت به ايتري ئي شدت سان ٿيندي آهي. 1983ع ۾ آمريت خلاف جمهوريت جي بحاليءَ واري شاندار جدوجهد کانپوءِ هر درد جو علاج هڪ ئي گولي سمجهندڙ قوتون سرت ۽ ساڃهه وڃائي ويٺيون هيون ۽ اتان ئي سنڌ جي اجتماعي شعور تي مختلف طريقن سان راتاهن جا سلسلا شروع ٿيا ۽ هاڻي ته ظلم پنهنجي بي لباس صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جو نشانو سنڌ جا سياسي ڪارڪن بڻجي رهيا آهن.

اسان ڀريا روڊ ڀرسان پيش آيل واقعي تي ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، جنهن ۾ قومپرست اڳواڻن مقصود خان قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان کي اذيتناڪ نموني سان ساڙي وحشي پڻي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. اسان سنڌ حڪومت کان اها گهر ٿا ڪريون ته واقعي جي جاچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج کان ڪرائي حقيقت کي سامهون آندو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي.
اداريو - ڪاوش 
22 مارچ 2014ع

No comments:

Post a Comment