Thursday, March 13, 2014

”ٿر ۾ غير مسلم وڌيڪ ٿا رهن!“ زڪوات کاتي جو فنڊ موڪلڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ جي زڪوات کاتي  وٽ ڏڪار ، قدرتي آفتن ، زلزلن ،برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهي دوران  متاثرن جي مدد لاءِ رکيل 20 ڪروڙ رپيا ٿر    نه موڪلڻ جو انوکو بهانو،  زڪوات کاتي جو چوڻ آهي ته  ٿر ۾ مسلمانن کان وڌيڪ غير مسلم رهن ٿا ان ڪري اتي زڪوات فنڊ نٿو موڪلي سگھجي .جڏهن ته سنڌ جي عالم ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو چوڻ آهي ته شريعت ۾ ان جي ڪا به روڪ  ناهي زڪوات کاتي جو اهو دليل غلط آهي اهڙين سنگين آفتن واري  حالت ۾ انهن جي جان بچائڻ لاءِ  زڪوات جي رقم خرچ ٿي سگھي ٿي ڀلي انهن جو ڪهڙي به مذهب سان تعلق هجي زڪوات ڪائونسل ۽ زڪوات کاتي ۾ ويٺل ماڻهو ڪورا ڄٽ آهن انهن کي َقران ۽حديث ۽  شريعت جو ڪو به علم ناهي . سنڌ جي زڪوات کاتي واري  کاتي جي سيڪريٽري رمضان اعواڻ جو چوڻ آهي ته اسان وٽ قدرتي آفتن ، ڏڪار ، ٻوڏن ۽ برساتن جي تباهين ۽ بيمارين وارين آفتن لاءِ 20 ڪروڙ رپيا زڪوات فنڊ موجود آهي . هن چيو ته اسان وٽ اسلامي قانونن سبب اها زڪوات جي رقم اسان ٿر پارڪر ان ڪري نٿا موڪلي سگھون ته اتي 55 سيڪڙو غير مسلم هندو ۽ 45 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا غير مسلمن جي اڪثريت سبب اها رقم ٿر نٿا موڪلي سگھون . ان ڏس ۾ جڏهن جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري سان عوامي آواز ڳالهايو ته  هن چيو ته  زڪوات کاتي جو اهو موقف ته ٿر پارڪر ۾ غير مسلم وڌيڪ آهن ان ڪري زڪوات فنڊ نٿو موڪلي سگھجي  اهو دليل بلڪل غلط آهي هنن سنگين حالتن ۾ انهن جي جان بچائڻ لاءِ انهن مٿان اها زڪوات جي رقم خرچ ٿي سگھي ٿي  ڀلي انهن جو ڪهڙي به مذهب سان تعلق هجي. ان بابت شريعت نٿي روڪي . هن چيو ته  زڪوات کاتي ۾ ڪرپٽ ڪامورا ويٺل آهن ۽ زڪوات ڪائونسل ۾ جن ماڻهن کي رکيو ويو آهي اهي رشوت ڀري يا سياسي سفارش تي مقرر ٿيا آهن.

No comments:

Post a Comment