Friday, March 7, 2014

ڏڪار سبب ٿر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت، امدادي سرگرميون ٺپ، ڪڻڪ جي گدامن کي تالا

مٺي: ڪاري سون جي مالڪياڻي هيءَ معصوم ٻارڙي سنڌ جي حڪمرانن جي نااهلي ۽ بي حسيءَ سبب غذائي کوٽ سبب بي حال ٿي ستل آهي
حيدرآباد+مٺي+نئون ڪوٽ (رپورٽ: عتيق ملاح+ اعجاز بجير+زاهد مغل) ٿر ۾ ڏڪار سبب وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، وڏي وزيرجي اعلان باوجود امدادي ڪارروايون شروع نه ٿيون. ٿر جي سڄاڻ ڌرين 2 لک خاندانن لاءِ اماڻيل ڪڻڪ کي ناڪافي قرار ڏيئي ڇڏيو، ٿرپارڪر ضلعي جي ڇهن تعلقن مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، ڏاهلي، اسلام ڪوٽ جي لکين ڏڪار متاثرين جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دوري دوران ڪيل اعلانن ۽ سکڻن دلاسن جي باوجود اڃان تائين ڏڪار سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ٿي نه سگھيون آهن ۽ 2 لک خاندانن جي سهائتا لاءِ اماڻيل 60 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ماڻهن ۾ ورهائڻ بجاءِ مٺي سميت مختلف گدامن ۾ تالي هيٺ پيل آهن، جڏهن ته مٺي اسپتال ۾ معصوم ٻارڙن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري چئن ٻارڙن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اماڻيو ويو هو جنهن مان هڪ ٻارڙي فرزانه حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويئي آهي باقي ٻارڙن جو علاج مٺي ۽ حيدرآباد اسپتالن ۾ هلندڙ آهي ،ٻئي طرف ڏڪاري حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي وزير جي هدايتن تي ڪالهه ڪمشنر ميرپورخاص غلام مصطفيٰ ڦل جي صدارت ۾ درٻار هال مٺي ضلعي جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، پ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، دادن هنڱورجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،گڏجاڻي ۾ ڪمشنر ميرپورخاص غلام مصطفيٰ ڦل چيو آهي ته ٿر ۾ ڏڪار دوران خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿر جي مختلف گدامن ۾ پيل امدادي ڪڻڪ جي ورهاست هنگامي بنيادن تي جلد کان جلد ڪئي وڃي، ڪمشنر ميرپورخاص سختي سان اجلاس ۾ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪامورا ڪم ذميواري سان ڪن جنهن به ڪوتائي ڪئي ان عملدار کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ،جڏهن ته ٿر ۾ ڏڪاري حالتن جي شدت جي باوجود ماروئڙن جي ڏٻرن چهرن کي ڪئميرائن ۾ قيد ڪري ڊونر ادارن کان اربين روپين جا پروجيڪٽ وٺندڙ سماجي تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آهن، ٿرپارڪر جي لکين ماروئڙن ۾ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊونر ادارن کان ڪروڙين روپين جا پروجيڪٽ وٺندڙ سماجي تنظيم “مرلين ” 32 ابهم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهي، معلوم ٿيو آهي ته ٿر ۾ وڏي عرصي کان خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم مرلين ڪروڙين روپين جا مختلف پروجيڪٽ ماءِ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءَ پروجيڪٽ ورتا آهن پر اها سماجي تنظيم عملي ڪم ڪرڻ بجاءِ پروجيڪٽ جا ڪروڙين روپيه ڪاغذن ۾ کپائي رهي آهي ۽ ڪٿي به ان سماجي تنظيم جو عملي ڪم نظر نه ٿو اچي ،ٻئي طرف ٿر جي سڄاڻ ڌرين 2 لک متاثر خاندانن لاءَ گدامن ۾ پيل 60 هزار ڪڻڪ جي ٻورين کي ناڪافي قرار ڏيندي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ امدادي ڪڻڪ اماڻي ماروئڙن جي سهائتا ڪئي وڃي ۽ چوپائي مال جي وڪري ۽ خريد تي وڏي وزير پاران لڳايل پابندي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مٺي سول اسپتال مان بيدخل ڪيل ڳوٺ جمعون خاصخيلي جي رهواسي ناٿو ڪولهي جي 12 سالا نياڻي گلي نمونيا ۽ کاڌي جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي. ٿرپارڪر جي بئراجي ايريا جي يو سي ڀٽارو جي ڳوٺ جمعو خاصخيلي جي رهواسي ناٿو ڪولهي پنهنجي نياڻي کي ڳلي جي بيماري سبب سول اسپتال مٺي ۾ هڪ هفتو اڳ داخل ڪرايو هو، جتي ڊاڪٽرن خوراڪ جي کوٽ ۽ نمونيا بيماري جو ٻڌائي اسپتال مان بيدخل ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو معصوم نياڻي فوت ٿي وئي، ان سلسلي ۾ معصوم نياڻي جي پيءُ ناٿو ڪولهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير جي مٺي آمد کان اڳ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن منهنجي نياڻي جو علاج ڪرڻ بجاءِ اڻ پورو علاج ڪري مون کي اسپتال مان بيدخل ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد+ڪراچي (م ڊ+ ماريا اسماعيل) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ ڏڪار جو نوٽيس وٺندي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جوڙي ورتي آهي. چيف جسٽس تصدق جيلاني ٿر ۾ ڏڪار جي خبرن جو نوٽيس وٺندي 3 رڪني بئنچ جوڙي، جيڪا سومر تي ٻڌڻي ڪندي. چيف سيڪريٽري سنڌ کان رپورٽ سومر تي گهري وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيئڻ واري پاڻي توڙي خوراڪ جي کوٽ ۽ صحت جون سهولتون مهيا نه ڪرڻ سبب 121 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ ۽ مالوندن جا جانور مرڻ جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صحت، خوراڪ، لائيو اسٽاڪ کاتن جي سيڪريٽرين ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪري 14 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري عاصم اقبال، اڳوڻي سيڪريٽري شهاب سرڪي ۽ ٻين وڪيلن پاران ڏنل درخواست کي آئيني درخواست ۾ تبديل ڪندي ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ٿر ۾ آيل ڏڪار جي صورتحال توڙي ٿر واسين کي  پيئڻ واري  پاڻي، خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ  ۽ مالوند جي مال کي بچائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڪالهه جمعي ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري عاصم اقبال، اڳوڻي سيڪريٽري شهاب سرڪي ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست پيش ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو ته ٿرپارڪر ضلعي جي چئن تعلقن مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر جي علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي ماڻهن کي  پيئڻ واري پاڻي، خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. خوراڪ جي کوٽ سبب هن وقت تائين 121 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٿر ۾ ڏڪار سبب روزانو سراسري طور 5 ٻار فوت ٿي رهيا آهن. اسپتالن ۾ علاج جي سهولت پڻ فراهم نه ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر گهڻي ڀاڱي مال تي هوندو آهي جيڪو پڻ مري رهيو آهي پر ان باوجود حڪومت انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٿر پارڪر جي گدامن ۾ 60 هزار ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پيل آهي پر ان باوجود اها ڪڻڪ ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ ورهائجي نه سگهي آهي. اسپتالن ۾ سندن ٻارن جو علاج نه ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اهي فوت ٿي رهيا آهن.

بختاور ڀٽو جو زيبسٽ ڪئمپس امدادي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ع آ نيوز ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي زيبسٽ جي ڪراچي، اسلام آباد، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ واقع سمورن ڪئمپس کي ٿر جي ڏڪار سٽيلن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ ۽ امدادي ڪمن لاءِ وقف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٿر ۾ ٻار ڏڪار ڪري نه پر سرديءَ ڪري مئا: روبينا قائمخاني

ڪراچي (رپورٽر) عورتن ۽ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير روبينا قائمخاني عورتن جي ڀلائي واري وزارت پاران قائم سيل اينڊ ڊسپلي سينٽر جي افتتاح جي واقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ جيڪي ٻار فوت ويا آهن اهي ڏڪار سبب نه پر سردي سبب فوت ٿيا آهن. صوبائي وزير اعتراف ڪندي چيو ته ٿر ۾ سرڪار جي نااهلي آهي جو هنن متاثرن جي مدد نه ڪئي.

No comments:

Post a Comment