Saturday, March 22, 2014

مقصود قريشي جي شهادت بابت سياسي اڳواڻن جا تاثر

مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي جي قتل جي اڻ ڌري جاچ ڪرايو: الطاف حسين
لنڊن (پ ر) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، سول ۽ فوجي ادارن جي تمام اعليٰ عهدن تي مقرر آفيسرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي خاطر جسقم جي اڳواڻ بشير قريشي شهيد جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ انهن جي ساٿي سليمان وڌو جي قتل ۽ انهن جي لاشن کي ساڙڻ جي واقعي جي غير جانبدارانه تحقيقات ڪرائين ۽ ان جي ذميوارن کي سخت ترين سزا ڏيارين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ميڊيا جي رپورٽرن جي مطابق مقصود قريشي ۽ انهي جي ساٿي سلمان وڌو کي پهرين گوليون هڻي ڪري قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ انهن جي لاشن کي ساڙيو ويو، اختيار رکندڙ ڌرين کي سوچڻ گهرجي ته اهڙو عمل ڪرڻ وارن پنهنجي ان قدم سان ملڪ جي ڇا خدمت ڪئي آهي؟ هن چيو ته ان قسم جا وحشياڻه قدم ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ٿين، اهي منفي رجحانن کي فروغ ڏيڻ جو سبب بڻجن ٿا ۽ انهن سان عوام ۾ ملڪ سان محبت جي بجاءِ نفرت جا جذبا تيزي سان وڌن ٿا، جنهن سان عليحدگي پسند قوتن کي طاقت ملندي هجي. هن چيو ته هن وقت جڏهن ته طالبان سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کان ناراض ۽ عليحدگي پسند رجحان رکڻ وارن ماڻهن ۽ گروپن سان به انهي طريقي سان ڳالهيون ڪيون وڃن. الطاف حسين اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته مقصود قريشي ۽ انهن جي ساٿي جي وحشياڻي قتل جي تحقيقات جوڊيشل ڪميشن جي ذريعي ڪرائين ۽ ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ ان واقعي جي ذميوارن کي ڀلي اهي ڪيترائي بااثر ڇو نه هجن کين سخت سزا ڏياري.
پرامن جدوجهد تي قومي ڪارڪنن جا لاش ڏنا ويا: اياز لطيف
حيدرآباد (پ-ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ جي عوام هر دؤر ۾ ملڪ دشمن ظالم قوتن خلاف پُرامن جمهوري جدوجهد جو رستو اختيار  ڪيو آهي، جيڪو رستو ملڪ دشمن قوتن جي اک ۾ ڪنڊي جيان آهي. ون يونٽ کان وٺي ايم آرڊي جي جدوجهد ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد کان وٺي پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ هلندڙ جدوجهد تائين پُرامن سياسي جدوجهد جي رستي اختيار ڪرڻ جي سزا طور قومي ڪارڪنن جا لاش ڏنا ويا آهن. سنڌ جي ماڻهن کان امن ۽ روزگار کسيو ويو آهي. امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي کي انتهاپسندي جي حوالي ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو ۽ دمبالو جهڙا واقعا ڪرائڻ جي سازش ڪئي ويئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌي هندو سجاڳ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ قومي عوامي تحريڪ ضلعي عمر ڪوٽ جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد فاضل راهو، شهيد نظير عباسي، شهيد مير مرتضى ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي، شهيد غزاله بتول صديقي، نواز ڪنراڻي، روپلو چولياڻي، مالڪ نوحاڻي، الطاف خاصخيلي، شهادت جروار، عاشق جوڻيجو ۽ مقصود قريشي جي ڌرتي جا ماڻهو ۽ قومي ڪارڪن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي عوام دشمن قوتن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيا آهن ۽ بڻبا رهندا.
سگهاريون ڌريون سنڌ جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون: خالد سومرو
لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو  چيو آهي ته مقصود احمد قريشي ۽ سندس ساٿي کي قتل ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم خلاف هڪ گهري سازش آهي، سنڌ جو امن امان تباهه ڪيو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيوته سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر گهر مان شهيد بشير خان قريشي ۽ شهيد مقصود احمد قريشيءَ جهڙا جوڌا جوان پيدا ٿيندا آهن. سنڌ جي ڏهيسرن کي هٽائي سنڌي قوم کي مقصد کان پري نٿا ڪري سگهو، واقعو سنڌ ڌرتيءَ جي امن امان ، سلامتي ۽ سنڌي قوم خلاف سازش آهي. مقصود قريشي، سلمان وڌو کي بيدرديءَ سان قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، ڪنهن جي به لاش کي ساڙڻ غير شرعي ۽ غير انساني عمل آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو وڌيڪ چيوته سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل دور مان گذري رهي آهي، جنهن لاءِ قومي ٻڌي جي سخت ضرورت آهي. هن چيوته شهيد بشير خان قريشيءَ جا قاتل جيڪڏهن حڪومت پهريان گرفتار ڪري ها ته اڄ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي شهيد نه ڪيو وڃي ها.
لاڙڪاڻو واقعو مذمت جوڳو آهي، مقصود قريشي جي قتل جي جاچ ڪرايو: سول سوسائٽي
ڪراچي( رپورٽر) سول سوسائٽي جي نمائندن لاڙڪاڻي ۾ ڌرم شالا کي ساڙڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اقليتن ۽ سندن عبادتگاهن کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سيڪيولر فورم آف پاڪستان جي ميزباني هيٺ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر هارون، عليزه اقبال حيدر، انيس هارون، راحت سعيد، جاويد قاضي، نسيم اسلام، منير ميمڻ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڪليم دراني، دودو چانڊيو، اقبال علوي، ڊاڪٽر جئي پال ڇاپڙيا، امان الله شيخ، خدابخش ابڙو، نزهت شيرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته ايندڙ ڇنڇر تي ڪراچي جي سول سوسائٽي جو هڪ وفد لاڙڪاڻي وڃي هندو برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڌرم شالا ساڙڻ واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، سنڌ اندر وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هندو سنڌ جا وارث آهن کين مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سليمان وڌو جي شهيد ٿيڻ وارو واقعو مذمت جوڳو عمل آهي ۽ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ سرڪار مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي.
سنڌي اڄ نڪري اچن، حقن لاءِ متحد ٿيڻو پوندو: گلوڪار اداڪار
ملير  (ڊ ر) سنڌ جي ناليواري فنڪاره شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس پروفيسر ابراهيم خشڪ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌيو جي تڏي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي رهائشگاهه گلشن حديد پهچي المناڪ موت تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي قوم جيستائين متحد نه ٿيندي تيستائين ائين ئي قتل ۽ بربريت جو شڪار ٿيندا رهندا. شازيه خشڪ چيو ته اڄ آءُ تڏي تي ڏک ونڊڻ نه آئي آهيان بلڪه سنڌ جي نياڻين کي پيغام ڏيڻ آئي آهيان ته اچو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃون، هن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، ٿر ۾ بک وگهي مرندڙ معصوم ٻارڙن جي موت جا ذميوار موجوده حڪمران آهن، ٿر ۾ آيل ڏڪار قدرتي نه بلڪه حڪمرانن جي نا اهلي آهي. هن چيو ته جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ آءُ شامل ٿيندس ۽ سنڌ جي هر نياڻي ۽ پٽ کي اپيل ٿي ڪريان ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ فريڊم مارچ ۾ شامل ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏين. شازيه خشڪ چيو ته سنڌ واسي ڏک ۽ صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سان حوصلو وڌندو ۽ حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ تيزي ايندي. پروفيسر ابراهيم خشڪ چيو ته اسين سنڌي لکين سال جي تهذيب رکندڙ قوم آهيون، اسان کي ملڪ جي نالي تي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين ننڊ مان بيدار ٿي پنهنجي حقن جي لاءِ متحد ٿي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جا هٿ مضبوط ڪريون. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي، شهيد مقصود قريشي ۽ ٻيا ڪيترا ڌرتي جا پٽ سنڌ جي حقن جي آواز اٿارڻ جي ڏوهه هيٺ قتل ڪيا ويا آهن، هن ملڪ ۾ حق گهرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو ته جسقم جي اڄوڪي فريڊم مارچ ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي شهيدن جي رت سان وفاداري جو ثبوت ڏيون. ناليواري اداڪار اسد قريشي چيو ته سنڌ ڌرتي هر دور ۾ دولهه دريا، بشير خان قريشي، مقصود قريشي جهڙا پٽ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڌرتي خاطر جان جي قرباني ڏئي ڌرتي ڌڻين ۾ اتساهه پيدا ڪيو. هن چيو ته سنڌي قوم سمورا خوف ۽ ڊپ دل مان ڪڍي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ گڏيل جدوجهد جي ميدان ۾ ٻاهر نڪري اچي، جيڪڏهن هن وقت به اسين ٻاهر نه نڪتاسين ۽ متحد نه ٿياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
سپريم ڪورٽ ڀريا واقعي جو نوٽيس وٺي: رياض چانڊيو
ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عزيز الله ڀٽو، نواز شاهه ڀاڏائي، خان محمد ڀيو، اياز لنجار، اسد الله سومرو، عابد حيدري، حبدار ميرجت ۽ ممتاز بروهي گڏيل بيان ۾ چيو ته مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو آهي. جنهن تي سڄي سنڌ مذمت ۽ احتجاج ڪيو آهي. ٻن مهينن اندر نوشهرو فيروز ضلعي جو پهريون لاش شهيد صاحب خان گهوٽو جو اڇلايو ويو. ان کانپوءِ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي جسم کي ساڙيو ويو. سيشن ڪورٽ جا جج جيڪي پنهنجن ضلعن ۾ انساني حقن جا چيئرمين آهن، اهي هن سانحي جو پاڻ مرادو قدم کڻن. هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ اندر انساني حقن جي هن خوفناڪ صورتحال جو نوٽيس وٺن.
سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ڀريا سانحي جي ذميوار آهي: قمر ڀٽي
ڪراچي (پ ر) جسقپ چيئرمين قمر ڀٽي چيو آهي ته جسقم اڳواڻ مقصود احمد قريشي ۽ سلمان وڌو جي افسوس ناڪ قتل جي مذمت ڪيون ٿا. هاڻي رياستي ادارا ۽ ڪراچي ۾ موجود سنڌ دشمن ٽولا قومپرستن کي جاني نقصان پهچائي مذهبي جنونيت ۽ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون تيز ڪري رهيا آهن. انهن کي لغام ڏيڻ لاءِ سڀ سنڌ دوست ڌريون گڏجي مقابلو ڪن. 23 مارچ تي ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ  ۽ سنڌ سنڌين جي آهي. حڪومت سنڌ ۽ وفاق کي مقصود قريشي جي قتل جو ذميوار ٿا سمجهون. رياستي ڏاڍ ۽ جبر ذريعي هاڻي نئون طريقو ايجاد ڪيو ويو آهي. پهريان عدالتي قتل قومپرست ليڊر سورهيه بادشاهه کان شروع ٿيو. هاڻي روڊن تي قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گوليون هڻي، باهيون ڏئي ساڙي حادثاتي موت کي ظاهر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جسقپ 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي ڪابه رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي.
ڳجها ادارا مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل ۾ ملوث آهن: شفيع ڪرناڻي
ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر شفيع ڪرناڻي، سهيل ابڙو، ستار ڪلوڙ، نثار لاکير، نصير منگي، منير شاهه، جاويد ڀٽي، امان انصاري، مرتضيٰ مغل چيو آهي. شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي موت جو ڪارڻ هن رياست جا خفيه ادارا آهن. جن قومي تحريڪ جي مٿان ڊيٿ ورانٽ جاري ڪري اڳواڻن جا لاش ڏنا آهن. سرائي قربان، مظفر ڀٽو، بشير خان، روپلو ذوالفقار ڪولاچي ۽ ٻيا سنڌ جي آزادي جا شهيد آهن. سنڌ ۾ قومي اڳواڻن کي زوري کنڀڻ، ٽارچر ڪرڻ، چچريل لاش ڏيڻ ۽ زنده جلائڻ اهي سڀ ڪارڻ ۽ هٿ ڪندا سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جو حقيقي آواز کي دٻائڻ جي سازش آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان سنڌ جي سڀني قومي تحريڪ جي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. جيئي سنڌ تحريڪ جا ڪارڪن 23 مارچ ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن. جسقت قيادت گلشن حديد کان جسقم قيادت سان گڏ تبت سينٽر فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪندي.
مقصود جي قاتلن کي سخت سزا ملڻ گهرجي: ياسر
ملير: فنڪشنل ليگ سنڌ جي اڳواڻ پيرزاده ياسر سائين جسقم جي شهيد اڳواڻ مقصود قريشي جي بيرحماڻي موت تي تڏي تي پهچي جسقم جي قيادت سان ڏک جو اظهار ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين جسقم جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جو خون رائگان نه ويندو، جنهن به اها ڪريل حرڪت ڪئي آهي ان کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي، شهيدن جي جنازي نماز ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن. ان موقعي تي حبيب راجپر، عرض محمد راهوجو، صمد خلجي، قادر شر ۽ ٻيا اڳواڻ به گڏ هئا.
جسقت جا ڪارڪن اڄوڪي مارچ ۾ شرڪت ڪندا: محمد علي خشڪ
ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ قومي تحريڪ چيئرمين محمد علي خشڪ، جنرل سيڪريٽري حافظ رحيم بخش لکڻ، سارنگ ڏهوٽ پريس بيان ۾ چيو آهي ته جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي جي رياستي  قتل جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته رياست جسقم جي فريڊم مارچ کان خوفزده هئي ۽ ان کي سبوتاز ڪرڻ لئه هنن شهيد بشير خان قريشي جي ڀاء جسقم اڳواڻ مقصود خان قريشي کي شهيد ڪيو پر جسقم قيادت وقتائتو فيصلو ڪري رياست کي آپريٽ ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته جيئي سنڌ قومي تحريڪ جا ڪارڪن جسقم جي آزادي مارچ ۾  ڀرپور شرڪت ڪن جيئن سنڌ دشمن قوتن کي اها خبر پوي ته سيد جا پيروڪار هر موڙ تي هڪ ٻئي سان گڏ آهن.
ف ليگ پاران ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان
ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ فنڪشنل جسقم اڳواڻ مقصود قريشي جي لاش سميت ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ف ليگ سنڌ جي نائب صدر پيرزاده ياسر سائين چيو ته ف ليگ جا ڪارڪن جسقم جي احتجاج ۽ مقصود قريشي جي جنازي نماز ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا.


No comments:

Post a Comment